New VideoSindh Jo Hero (HEEMOO KALANI) 10th MAY 2012.Click Here

Freedom Fighter - Hemu Kalani 


Hemu Kalani belongs to that rare band of revolutionaries and martyrs whose

indomitable spirits brook no resistance, for whom tortures of imprisonment have

no meaning and death holds no terror. Hemu Kalani was so

 make the supreme sacrifice for the liberation of his motherland, that he gained weight happy in his readiness to

 during the last days which is most unusual for a prisoner condemned to die. While marching

to the gallows, he consoled his distressed mother by reminding her of her earlier teachings of

gita regarding the indestructibility of soul. So strong was his patriotic zeal that he pledged his

 next life also to the cause of India's Freedom.  Hemu Kalani was born at Sukkur in Sind (now in Pakistan), on 23rd March, 1923.

He was the son of late Shri Pesumal Kalani and Smt. Jethi Bai. He was brave and patriotic

 right from his childhood.Even at the age of 7, he used to lead the bous of his locality with the

 tri-colour in his hands along with his friends, he used to plead for boycotting all foreign goods and used

 to plead for boycotting all foreign goods and used to take an active part in persuading people to

use Swadeshi goods. He was soon drawn to revolutionary activates and started participating in

 acts of terrorism for the sake of driving away the British. He was always leading in raids and in

burning of vehicles belonging to the oppressors. 

In 1942, When Mahatma Gandhi gave the call 'Quit India' and the slogan 'Do or Die',

Hemu Kalani also joined the mass movement. There was such active participation from the

people of Sind Province in this movement that the British rulers had to send special troops

consisting of European batallions. When Hemu Kalani came to know that these troops and the

 ammunition would be arriving in sind by a railway train passing through his town, he decided to

detail the train by removing the fishplates from the railway track. He and his friends were severely

handicapped in not having any tools for loosening the nuts and bolts and for removing the fishplates.

Time was also against them. Hemu, however, did not give up. HE inspired his friends to loosen the nuts

and bolts with the help of indigenous ropes and they started on this job. However, before they could

complete it, they were seen by the British troops and Hemu, in his Effort to save his friends, was caught.

 He was imprisoned and tortured to give out the names of his friends but he stubbornly refused to

divulge any information. He was tried under the then prevailing miracle law and sentenced to deth.

People of Sind petitioned for mercy to the to the viceroy but the death sentence was upheld,

un bless Hemu turned an approver and gave information regarding his fellow resolutionaires.

 There was no question of Hemu's accepting these conditions and he welcomed the impending

death most cheerfully. This young freedom fighter and revolutionary was hung on 21stst Jan. 1943. 

Hemu's is an example of unflinching courage and devotion to his motherland. He participated in Mahatma

Gandhi's movements and at the same time, took recourse to terrorist activities also to drive away

the foreigners who were keeping India captive. The names of patriots like Hemu Kalani would always

 be remembered fondly while studying the history of India's Freedom Struggle. 

(The above text is based on material published elsewhere and/or supplied by the sponsors).

Indian Posts and Telegraphs Department is privileged to issue a commemorative stamp in the

 memory of this great martyr.

سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪردار: راجا ڏاهر


سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪردار: راجا ڏاهر 

سنڌ ڌرتيءَ جي اها خصوصيت رهي آهي ته هن هر دور ۾ اهڙا ارڏا جوان پئي پيدا ڪيا آهن
 جن ڌرتي جي سون ورني کيتن جي سونهن ۽ سوڀيا برقرار رکڻ خاطر پنهنجي خاندان سميت پاڻ پئي قربان ڪيو آهي.
اهڙن امر انسانن مان سنڌ جو عظيم هيرو مهاراجا ڏاهر پڻ هڪ آهي، راجا ڏاهر بن راجا چچ جنهن جو تعلق برهمڻ گهراڻي سان هو ۽ راجا ڏاهر ان خاندان جو آخري حڪمران هو، راجا چچ راجا سيلائج جو پٽ هو، جنهن کي راڻي سونهن ديوي مان ٻه پٽ راجا چندر ۽ رجا ڏاهر هئا، راجا چچ 52 هجري مطابق 672ع تي وفات ڪئي ته سندس پٽ راجا چندر سنڌ جو والي ٿيو، جنهن اٺ سال حڪومت هلائي، 60 هجري مطابق 680ع تي وفات ڪئي، ان کان پوءِ راجا ڏاهر سنڌ جو حاڪم ٿيو، جنهن 33 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي.راجا ڏاهر رواداري جو مجسمو، محب وطن ۽ سيڪيولر حاڪم هو، هن جي دور ۾ اسلام، ٻُڌ، جين، هندو ۽ زردشت مذهب جا پوئلڳ بنا ڪنهن متڀيد جي سنڌ ۾ رهندا هئا، سنڌ جي سرسبزي ۽ خوشحالي ڏسي ڌارين ڪاهون ڪيون، سنڌ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جون ڪوششون ڪيون، اهڙي طرح عربن به سنڌ تي حملا ڪيا. سڀئي مسلم ۽ غير مسلم مؤرخ سنڌ جي حوالي سان ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌ تي عرب سامراج جو پهريون حملو حضرت عمر رضه جي دور ۾ ٿيو، جيڪو 20 هجري سال ۾ ٿيو، ان کان پوءِ ڪل چوڏهن حملا ٿيا، تيرهن حملن جي شڪست ملڻ بعد هي چوڏهون آخري حملو هو، بنو اُميه گهراڻي جي حاڪم عبدالمالڪ بن مروان جيڪو ان وقت عرب جو بادشاهه هو، ان جي سپهه سالار حجاج بن يوسف ثقفي جنهن اهل بيت رسول صلعم جن تي بيشمار ظلم ڪيا، مسلمانن جو بي انتها خون وهرايو هو، بُني اُميه گهراڻي جي حڪومت جي حاڪم يزيد بن معاويه حضرت رسول ڪريم صلعم جن جي ڏوهٽي حضرت امام حسين عليه السلام جن کي شهيد ڪرائي لاش گهوڙن کان چٿرائي، سر مبارڪ نيزي تي چاڙهي مهينن تائين ملڪن ۾ گهمارايو هو ۽ انهيءَ گهراڻي عبدالله بن زبير کي حرم ڪعبه ۾ قتل ڪرايو هو، انهن ڳالهين کان تاريخ بخوبي واقف آهي، حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت کان پوءِ جي مڪاني رد عمل پيدا ٿيا، تن کي سختيءَ سان دٻائڻ بعد بني اُميه گهراڻي جو تسلط ساري عرب تي ٿي ويو ته هنن چوطرف حملا ڪرائڻ شروع ڪيا ته علافين سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي، علافين جي گهرو لڙائي ۾ عبدالحمٰن بن اشعت مارجي ويو ته مارجي وڃڻ جي خوف کان مجمد بن علاقي جي اڳواڻيءَ ۾ پنج سئو ماڻهن اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي، عربن ۾ اڪثر گهرو لڙايون ٿينديون هيون، جيڪا ڌر هارائيندي هئي ته اُها سنڌ ۾ جان بچائڻ لاءِ ڀڄي ايندي هئي.اهڙو ذڪر مولانا عبدالڪلام آزاد حضرت امام حسين عليه السلام جن لاءِ پڻ لکيو آهي ته هن سنڌ ۾ پناهه وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، عربن سنڌ ۾ پناهه وٺندڙ عرب سپهه سالار محمد بن علاقي جي ٻانهن موٽائڻ لاءِ چيو ته راجا ڏاهر والي سنڌ انڪار ڪندي چيو ته ”سنڌي سام واپس ناهن ڪندا“ راجا ڏاهر جي انڪار ۽ سريلنڪا کان ايندڙ مسلمانن جي جهازن جي ڦرجڻ جو بهانو بڻائي حملو ڪيو ويو، ٽيون بهانو جيڪو آهي سو خالص اقتصادي آهي جيئن ته عربن وانگر سنڌي پڻ واپاري هئا جن جو سمنڊ رستي سڄي دنيا سان واپار هلندو هو، سنڌي عربي سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ، ڀونچ سمنڊ ۽ ايراني نار تي قبضو ڪري يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا کنڊن تي واپار ڪندا هئا.سنڌين عرب ۽ ايران جنگ ۾ ايرانين جي مدد ڪئي هئي، سنڌين جو لشڪر ايرانين پاران عربن سان وڙهيو هو، انهن سببن سان گڏ خوشحال سنڌ کي ڦرڻ ۽ لٽڻ لاءِ مشهور زمانه جلاد حاڪم، ظالم ۽ قتل عام ۾ مشهور حجاج بن يوسف پنهنجي نياڻي ۽ سئوٽ محمد بن قاسم کي سن 93 هجري محرم مهيني ۾ سنڌ تي حملو ڪرايو، ديبل پهچي مال ملڪيت لٽي عورتن کي غلام بڻائي نيرن ڪوٽ تي حملو ڪيو ويو ته ان قلعي جي سنڀاليندڙ آڻ مڃي ورتي ۽ قلعو عربن حوالي ٿي ويو، وڏا وڏا سردار عربن سان اندروني طور ملي ويا، جن ۾ موڪي پٽ وسايو ۽علاقي قبيلي جا ماڻهو شامل هئا، ويڙهه سبب عرب سوڙها ٿيندا ويا ته راجا ڏاهر هاٿيءَ تي سوار ٿي سنڌين جو لشڪر ساڻ ڪري جنگ ۾ ڪاهي پيو، سنڌي ايتري بهادري ۽ همت سان وڙهيا جو عربن جا حوصلا خطا ٿي ويا.راجا ڏاهر سنڌ ديس جي زمين کي عرب سامراج جي خوني چنبن کان بچائيندي رت جو آخري ڦڙو به ماتر ڀوميءَ لاءِ قربان ڪري ڇڏيو، شهيد ٿيڻ کان اڳ سندس چيل لفظ سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندا ته ”جيڪڏهن آئون وطن جي جنگ ۾ ماريو ويس ته ماڻهو چوندا ته سنڌ جو هڪ محب وطن حاڪم دشمنن سان وڙهندي وطن تان گهورجي ويو.“هي جنگ خميس ڏينهن 20 جون 712ع مطابق ڏهين رمضان 93 هجري صبح کان شام تائين هلي آخر راجا ڏاهر شهيد ٿي ويو ۽

 سنڌ عربن جي غلام ٿي وئي.


سنڌ جو سچو سپاهي شهيد جنرل هوش محمد شيدي

 سنڌ جو سچو سپاهي شهيد جنرل هوش محمد شيدي

هوش محمد شيدي هڪ بهادر، غيرت مند سنڌ جو سپاهي هو۔هي ٽالپر فوج جو ليڊر هو ۽ حڪومت برطانيه جي خلاف مياڻي ۽ دٻي ۾ خوب لڙيو۔هوش محمد شيدي وارا قمبراڻي ذات جا سڏيا ويندا آهن ۽ گهر ۾ سرائڪي پڻ ڳالهائيندا آهن۔ ۽ هوش محمد شيدي جو جڳ مشهور سرائڪي نعارو اوهان به ٻڌو هوندوهوش محمد پنهنجي بهادري همت ۽ وطن سان پيار جو ثبوت ڏيندي 24 مارچ 1843ع تي دٻي جي شڪست واري صورت حال کي سنڌ جي نه وسرندڙ فتح واري صورت ۾ تبديل ڪري پنهنجو ۽ سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو۔ هوش محمد شيدي جي بهادري کي سر جيڪب ڏسي ائين چوڻ تي مجبور ٿيو ته مون سترهن جنگون لڙيون آهن مگر هوش محمد شيدي جهڙو بهادر ماڻهون مون پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺو ۽ سندس بهادري ۽ بي خوفي جي ڪري مون کي کيس سان نفرت ۽ ساڙ اڃان به وڌي ويو آهي۔ هوش محمد شيدي مياڻي جي جنگ جيڪا 17فيبروري 1843ع ۾ انگريز ۽ ٽالپرن وچ ۾ لڳي هئي ان ۾ به انگريزن کي ٽوٽا چٻرايا هئا۔ ۽ اهڙن سنڌ جي جوڌن جوانن تي سنڌ کي هميشه ناز رهندو۔ 

هوش محمد جو مختصر تعارف 

سنڌي ٻولي جو مشهور ليکڪ دانشور محترم جناب ڊاڪٽر غلام علي الانه صاحب پنهنجي هڪ ڪتاب ( اسان جي آزادي جا اڳواڻ ) ۾ لکي ٿو ته هوش محمد شيدي جي ڄمڻ جي تاريخ جي باري به ڪا صحيح ڄاڻ ملي ناهي سگهي، پر ان لاء ايترو چيو وڃي ٿو ته مير فتح علي خان جي فرزند مير صوبيدار علي خان جي ڄم جو علم آهي۔ ۽ هوش محمد شيدي مير صوبيدار جو هم عمر هو ۽ مير صوبيدار جنرل هوش محمد شيدي جو سٺو دوست ۽ ساٿي هو۔ ان مان اهيو اندازو ٿئي ٿو ته شهيد هوس محمد شيدي به 1801ع ڌاري ڄائو هجي۔ 

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته خبر ناهي ڇو سنڌ جي تاريخ هميشه اڌوري لکي وئي آهي خاص ڪري سنڌ جي عظيم شخصيتن جي۔ توهان ڏسو ته سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي به صحيح ۽ جامع معلومات به حاصل ٿئي ناهي سگهي۔ ۽ شاه صاحب جو احوال به اندازن ۽ ڏند ڪٿائن تي لکيل آهي۔ جڏهن ته ايڏي وڏي شاعر جي زندگي تي ڪي 100 کن ته ڪتاب لکجي سگهجن پيا۔ مگر افسوس۔ جو ان وقت جي وڏي تاريخدان مير علي نواز قانع به چند سٽن کان سواء ڀٽائي صاحب جو ڪو تفصيلي احوال ناهي ڏنو جڏهن ته جيڪو ڪتاب مير صاحب لکيو آهي ( تحفته الڪرام ) انهي سائيز جو ڪتاب ته صرف شاه صاحب جي زندگي تي لکڻ گهرجيس هان ، پر ائين نه ڪيائين الائي ڇو۔ 
ٻيو اهم سبب اهيو به آهي ته شايد ان ڪري ته اسان سنڌي پنهنجن کي برداشت ناهيون ڪندا۔ ۽ اسان پاڻ ئي پنهنجن جي گلا ۽ مخالفت پيا ڪندا آهيون۔ ۽ ڪوشش ڪندا آهيون ته انهن جي ڪا خامي ملي، پوء ڀلي ڪنهن ۾ هزار خوبيون ڇو نه هجن، دنيا انهن کي نه صرف مڃيندي هجي پر وڏي آواز سان ڇو نه ڳائيندي به هجي پر اسان ان جي ڪنهن هڪ خامي کي پيا منڌوڙينداسين۔ جڏهن ته شايد ٻين قومن ۾ ائين نه آهي۔ 
چوندا آهن ته مڇي رهي به پورو وقت پاڻي ۾ ٿي مگر ان ۾ پوء به بدبوء ان ڪري ٿئي ٿي جو مڇي پنهنجو نسل کائيندي آهي۔اهڙي ريت هميشه غيرن سان گڏ اسان جا پنهنجا به اسان جي سنڌي عظيم شخصيتن کي گمنام ڪرڻ ۾ ۽ سندن شان شوڪت عظمت گهٽائڻ ۾ رڌل رهيا آهن، ۽ اهيا ڪار اڄ به قائم ۽ دائم آهي توهان آس پاس جو جائزو وٺي ڏسو۔ اهيو صرف ساڙ ۽ حسد جي ڪري آهي۔ ٻيو ڪجهه به نه آهي۔ جنهن حسد لاء قرآن ۾ پڻ ذڪر آهي۔ اسلام ته اهيا به تعليم ڏئي ٿو ته حسد نيڪين کي ائين کائي وڃي ٿو جهڙي طرح اڏهي، يا باه ڪاٺ کي۔ مگر افسوس صد افسوس خبر ناهي اسان سنڌين کي اهيا ڳالهه ڪڏهن سمجهه ايندي۔ 
هوش محمد شيدي جو نالو ۽ نعارو
هوش محمد شيدي نه ڪي وڏا ڪتاب لکيا نه ڪي وڏيو تقريرون ۽ جلسه جلوس ڪيا ۽ نه وري ٻٽاڪون هنيون، نه وري ڪا وڏي تحرير يا شاعري ڇڏي، پر هن صرف هڪ نعارو ڇڏيو، مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون ۽ ان ڳالهه تي قائم رهيو ۽ ان نعاري پويان پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيائين. جنهن جي ڪري سندس نالو ۽ سندس نعارو مرسون مرسوم پر سنڌ نه ڏيسون سنڌ جي هر پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل شخص جي زبان تي گونجي رهيو آهي. ۽ گونجندو رهندو. انشاءالله. 

هوش محمد شيدي ۽ ڌاريو ڪيپٽن
هوش محمد شيدي جي بهادري جي حوالي سان محترم منصور قادر جوڻيجو صاحب لکي ٿو ته هوش محمد شيدي جي بهادري ۽ عقلمندي جو ٻڌي هڪ ڌاريو ڪيپٽن هزارين ميل پنڌ ڪري جڏهن حيدرآباد سنڌ مان گلن جي چادر وٺي جڏهن حيدرآباد جي پڪي قلعي وٽ پهتو ته کيس حيرت وٺي وئي ، ڇو جو جڏهن هن هوش محمد شيدي بابت پڇيو ته اتي جي ماڻهن هن کي ٻڌايو ته هتي ته ڪابه هوش محمد شيدي جي قبر ڪانهي ۽ ڪهڙو هوش محمد .
۽ پوء اهو ڪيپٽن ٿوري گهڻي معلومات حاصل ڪري واپس وريو ۽ ڊان اخبار ۾ 28 مئي 1975ع تي هڪ مضمون لکيو جنهن ۾ هن لکيو ته مون کي جنرل هوش محمد شيدي جي بهادري جو ٻڌي ڪري هوش محمد شيدي لاء هڪ امنگ جاڳي ۽ انجي قبر تي وڃڻ لاء دل بيتاب ٿي۔ ۽ مان ان جي قبر تي حضري ڀرڻ لاء حيدرآبد سنڌ پهتس مگر افسوس جو هيڏي وڏي بهادر انسان جي قبر جي ڪنهن کي به خبر نه آهي. جڏهن ته انگريز فوجين جيڪي ماريا ويا هئي انهن جي يادگار ته موجود آهي پر هڪ بهادر انگريز دشمن جي قبر جي ڪنهن کي به خبر ناهي۔ 
توهان ڏسو ته هڪ ڌارئي ڪيپٽن کي به سندس قبر ۽ يادگار جو ايترو فڪر ۽ خيال آهي، مگر اسان کي ڪا به پرواه ڪانهي.
هوش محمد شيدي جي قبر 

  هوش محمد شيدي جي قبر جي نشاندهي جي شروعات هڪ ڌارئي ڪيپٽن معين الدين ڪئي جنهن هوش محمد شيدي جي بهادري جو ٻڌي حيدرآباد سنڌ آيو ۽ پوء ڊان اخبار ۾ هڪ مضمون لکيو. تنهن کاپوء سنڌ جي عاشق ليکڪ جناب محترم پير علي محمد شاه راشدي 12جنوري 1979ع تي وري ٻيهرڪئي ۽ هڪ مضمون رند ۽ پنڌ نالي لکيو. 

جنهن ۾ هن لکيو آهي ته جيسيتائين منهنجي معلومات آهي ته حيدرآباد واري قبر هوش محمد شيدي جي نه پر ٽالپرن جي هڪ توبچي جي آهي. جنهن جي نالي جي خبر ناهي. پير صاحب وڌيڪ ايڇ ٽي لمبرڪ جي مقالي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ( جيڪو مقالو ايڇ ٽي ليمبرڪ 24فيبروري 1937ع ۾ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي اڏو پڙهيو هو. ) شيرسنڌ مير محمد خان ٽالپر جي هڪ ٻئي سپاهي کي جيڪو توب انداز هو، هي اعزازميسر ٿيو ته اهوئي پهريون
Unknown warrior نامعلوم جوڌو شمار ٿئي. 
سر چارلس نيپئر جي حڪم تي ان سپاهي جو لاش ميدان جنگ مان کڻائي ۽ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ دفن ڪرايو ويو. ۽ قبر مٿان هيٺيون قطبو لکيو ويو. 
هي آخري آرامگاه ميرن جي هڪ اهڙي بهادر سپاهي جي آهي جيڪو حيدرآباد واري جنگ ۾ ڏاڍي بهادري سان وڙهيو. 
پر ڪجهه وقت کانپوء سنڌ جي هڪ ٻئي وڏي عالم اديب اڪٽر غلام علي الانه صاحب راشدي صاحب جي راء سان اختلاف ڪندي ۽ ڪيپٽن معين الدين جي راء سان اتفاق ڪندي لکيو آهي ته شهيد هوش محمد شيدي جي قبر حيدرآباد جي پڪي قلعي اندر آهي، ۽ پاڻ ٻڌائن ٿا ته پاڻ هڪ جهوني بزرگ جيئي ڀٽي نالي شخص سان ڪچهري ۽ ملاقات دوران هي حقيقت معلوم ڪئي هئي. ۽ اهو بزرگ ڳوٺ ڦليلي جو رهاڪو هو. ۽ ان ٻڌايو هو ته قلعي اندر قبر جنرل هوش محمد شيدي جي ئي آهي. ۽ هوش محمد شيدي کي انگريزن خود پاڻ فوجي اعزاز سان وڌي شان شوڪت سان دفنايو هو. ۽ هن وڌيڪ اهيو به ٻڌايو ته هوش محمد شيدي جي پوئينرن مان محبوب شيدي، جيئي شاه، حاجي لکاڻو شيدي، ۽ حاجي عثمان شيدي هوش محمد شيدي جي خندان مان آهن.


شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (سورهيه بادشاهه)

                 شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (سورهيه بادشاهه) پاڳارو ايشيا کنڊ جي انقلابي اڳواڻن ۾ اهڙو اڳواڻ هو جنهن حضرت امام حسينعليه السلام جي روايت کي برقرار رکندي وقت جي ظالم حڪمران، اڀرندي لهندي تي حڪمراني ڪندڙ انگريز سامراج سان هٿيار بند ويڙهه وڙهي "پاڻ کي سچو حسيني ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ جام شهادت نوش ڪئي. پاڻ 1921 ع ۾ 12 سال جي ننڍڙي عمر  ۾ پاڳاري خاندان جي  "تخت گاهه پاڳاره" تي تخت نشين ٿيا. هي اهو اعليٰ تخت هو جيڪو پنهنجي لشڪر و خزاني سميت ڪنهن به بادشاهي تخت کان گهٽ ڪين هو پر سورهيه بادشاهه پاڳاري اهڙي تخت ۽ تاج جي پرواهه نه ڪندي انگريزي گورن جي خلاف کليو نفرت ۽ مخالفت جو اظهار ڪري ڇڏيو ۽ اهو ئي سندس شاهي تخت کان تخت دار ڏانهن سفر جو پهريون قدم هو. جنهن فيل مست چالاڪ برٽش گورن کي حيران ڪريّ ڇڏيو ۽ پير سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) پاڳاري  "پنهنجي رت جي روايت جاري رکندي " تنهنڪري حق جو آواز بلند ڪري ڇڏيو. سورهيه بادشاهه جي مضبوط ارادي، عزم آڏو سندس مخالف انگريز سامراج ۽ سندن حواري ٽولي جي هڪ به نه هلي ۽ اهو حق سچ وارو مونصوبو جنهن کي پوري ڪرڻ جو بار پنهنجي پاڻ تي کنيو هئائين. سو سندس ڪردار مضبوطي، اخلاقي جرئت ۽ حقيقت تي ٻڌل انقلابي جدوجهد پايه تڪميل رسي. نه رڳو ايترو منجهس موجود انفرادي خوبين جي ڪري پاڻ هڪ عظيم انقلابي رهنما ليکيو ويندو آهي.  شهيد پير سيد صبغت الله شاهه راشدي (سورهيه بادشاهه) پاڳاري ۾ سڀ کان وڏي خوبي اها هئي ته هو پنهنجي ڪيل ڳالهه تي محڪم ۽ پر عزم رهندو هو ۽ مخالفن کي مڃائڻ لاءِ پوري طرح اعتماد ۽ قوت جو مظاهرو سندس ڪارگر هٿيار هو. ننڍي کنڊ تي برطانيه جي گورن جي حڪمراني هئي ۽ ايتري ڊگهي حڪمراني هئي جو سج اڀرندو ۽ لهندو هو. ايڏي وڏي حڪمراني ڪندڙ چالاڪ گوري سان اکيون اکين ۾ ملائي شهيد پير سيد صبغت الله راشدي (سورهيه بادشاهه) پاڳاري" اسلام جي سربلندي وطن جي آزادي لاءِ جهاد جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ چالاڪ سامراج (گورن) کي خبردار ڪيائين ته هو حق ۽ سچ جي خاطر پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. برٽش جي گورن سوچيو ته هي جيڪو هن عمرجي پهرئين ڏينهن انگريزن جي خلاف ڳالهائي رهيو آهي سو اڳتي هلي گوري سرڪار لاءِ چئلينج بڻجندو. انگريزن کي اڳ ئي هن خاندان جي "پاڳارن" ۽ انهن جي حرن جو پهرين "حر تحريڪ" 1863 ع ۾ ۽ ٻي حر تحريڪ 1890ع  جو تلخ تجربو هو. هن ننڍڙي بهادر  شينهن جي گجگوڙ هيڪاري سندن هانءَ ئي ڏڪائي ڇڏيا. ڇو ته ٻي حر تحريڪ دوران جڏهن فقط پاڳاري جي 12 حرن انگريزن سان ٽڪر کاڌو هو ته روءِ زمين تي حڪمراني ڪندڙ گورن جا بنياد ئي اکڙي ويا هئا. شهيد پير سيد صبغت الله شاهه راشدي (پاڳاري) جي اهڙي انگريزن جي خلاف سخت نفرت انگيز رويي گوري سامراج کي  ئي خبردار ڪري ڇڏيو. گوري سامراج (سورهيه بادشاهه) پاڳاري جي چر پر ۽ حرن جي تحريڪ تي مڪمل نظر رکڻ شروع ڪري ڏني ۽ زبردست جاسوسي جو ڄار پکيڙيو ويو. پير صبغت الله شاهه (پاڳاري) جي وڌندڙ شوخي ۽ حڪم عدولي گوري جي سرڪار کي سخت پريشان ڪري وڌو ۽ 1928ع ۾ آخر ڪار سرڪار لاءِ وڏو خطرو سمجهيو ويو ڇو ته سورهيه بادشاهه انگريزن جي بار بار ڪوششن جي باوجود ڪڏهن به گوري جي در ٻار ۾ شرڪت نٿي ڪئي جنهن ۾ شرڪت سنڌ جا مير، پير، جاگيردار، سردار، با اثر ماڻهو پاڻ لاءِ باعث فخر سمجهندا هئا. انهيءَ دوران سنڌ جا سمورا وڏيرا گورن جي ڊيوٽي ۾ پيش پيش هوندا هئا ۽ سيد صبغت الله شاهه (پاڳاري) کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ انگريزن هيلا هلايا ۽ ان سلسلي ۾ سکر جي ڪليڪٽر معرفت (سورهيه بادشاهه) جي هڪ " خليفي جي هٿان سر جو لقب ۽ بندوق بطور  انعام ڏياري موڪلي "پر سورهيه بادشاهه (پاڳاري) اهو چئي ٺڪرائي ڇڏيا ته هٿيار اسان پاڻ وٽ گهڻائي آهن ۽ لقب اسان لاءِ پاڳارو ئي ڪافي آهي سيد صبغت الله شاهه (پاڳاري) جي اهڙي جواب گورن کي ويتر بوکلائي ڇڏيو جڏهن صلح ۽ دوستي جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿيون ته انگريزن کيس مثالي سزا ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ۽ کيس 1930ع ۾ بي بنياد من گهڙت الزامن هيٺ گرفتار ڪري هٿ ٺوڪي عدالتن مان سورهيه بادشاهه کي 10 سال سخت پورهئي سان سزا ڏياري وئي. هن ڪيس ۾ سندس وڪالت برصغير جي نامياري وڪيل قائد اعظم محمد علي جناح ڪئي جيڪو اڳتي هلي سرڪار جي جانبدار رويي ۽ عدالتي ڪارروائي مان غير مطمئن هجڻ سبب احتجاجن اهو چئي واڪ آئوٽ ڪري ويو ته انگريز سرڪار "سورهيه بادشاهه" پاڳاري کي بي بنياد الزامن هيٺ سزا ڏيڻ گهري ٿي ۽ اهي الزام سورهيه بادشاهه تي ثابت نه ٿي سگهيا آهن ۽ سرڪار سزا ڏيڻ تي بضد آهي. انهيءَ عدالتي ڪارروائي فيصلي جو اڃان ان کان به وڌيڪ دلچسپ پهلو اهو هو ته هن ڪيس ۾ سمورا سرڪاري شاهد، شاهدي ڏيڻ ۾ ناڪام ويا هئا، پر ان جي باوجود به عدالت (سورهيه بادشاهه) پاڳاري کي 10 سال سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي ڇڏي. سزا جي عرصي دوران شهيد پير سيد صبغت الله شاهه پاڳاري کي سنڌ کان ٻاهر انڊيا جي مختلف جيلن ۾ قيد رکيو ويو. جتي کيس مختلف انقلابي اڳواڻن سان ملڻ جو موقعو فراهم ٿيو. جيل ۾ سندس هندوستان جي مسلح جدوجهد جي حامي " سڀاش چندر بوس" سان ملاقات ٿي جنهن سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) جي نظرين  تي گهرا اثر ڇڏيا. ڇو ته ٻنهي اڳواڻن جي خيالن ۾ حد درجي جي هڪ جهڙائي هئي ۽ ٻئي اڳواڻ برٽش گورن کي هندوستان مان "هٿياربند جدوجهد" ذريعي تڙي ڪڍڻ جا حامي هئا اهو ئي سبب هو جو هي جيل جي دوستي جيل کان ٻاهر اچڻ کان پوءِ به برقرار رهي جنهنجو واضع ثبوت ڪرنل فلپ جو پنهنجي دوست ڏانهن لکيل خط آهي جنهن ۾ چيو اٿس ته دوست اسان کي مخبر ذريعي ڄاڻ ملي آهي ته انڊيا جو "چندر بوس" جوڳيءَ جي ويس ۾ (چمڙائو) پوش ڪري سورهيه بادشاهه سان مکي جي ڍنڍ ڀرسان ملاقات ڪري واپس انڊيا روانو ٿي ويو آهي ان سان گڏو گڏ سورهيه بادشاهه جي ملاقات ڪلڪتي جي علي پور جيل ۾ بنگالي انتها پسند قومپرسقنِ سان به ٿي جتي  پڻ سورهيه بادشاهه کي هڪ نابالغ سياسي ذهن مان پخته سياسي فڪر جو مالڪ بڻجڻ جو موقعو نصيب ٿيو. سندس بيانن ۽ ڳالهائڻ جي انداز ۾ سياسي رنگ نظر اچڻ لڳو. سندس پيغام جيڪي جيل کان ٻاهر اسمگل ٿيڻ لڳا تن ۾ قومي عنصر نظر اچڻ لڳو. پاڻ اهو پيغام ڪتابن ۽ ميگزينن  جي حاشين ۽ لائينن جي وچ ۾ لکندا هئا. انهن پيغامن ۽ لکڻين ۾ شهيد پير سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) برٽش گورن جي سخت مذمت ڪندو رهندو هو ته "انگريز هندوستان جي ماڻهن سان گڏ هن جهڙو رويو رکن ٿا ۽ کين ڀاري برطانوي مسئلن سان گڏين ٿا ۽ ٻڌائيندو هو ته برٽش گورن جو 30 ڪروڙ انڊين ماڻهن مٿان حڪومت ڪرڻ جوسبب فقط هڪڙو ئي آهي ته انڊين بزدل آهن. پير سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) پاڳاري کي 1936ع ۾ جيل مان آزاد ڪيو ويو ۽ کيس 2 سال اڳ ان بنياد تي رعايت ڪري آزاد ڪيو ويو ته سندس رويي ۾ نرمي ۽ برطانيه سرڪار لاءِ سهڪار جو جذبو پيدا ٿئي. سورهيه بادشاهه کي سندس آزادي تي سنڌ جي گورنر گراهم مبارڪون ڏنيون ۽ منجهانئس سهڪار جي اميد رکي پر سموريون سرڪاري ڪوششون ۽ اميدون خاڪ  ۾ ملي ويون. جڏهن پير سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه)سيڪيولر ۽ مذهبي اڳواڻن سان ملاقات جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو ته کلم کلا برطانيه سرڪار کان انڪار ڪندي "پاور" کي نئون سڌو اختيار ڪيو جنهن جي برطانوي نظام تحت ڪابه گنجائش نه هئي ۽ ان سان گڏو گڏ هن انتها پسند قومپرست تحريڪن جي اڳواڻڻ سان واسطا وڌايا ۽ 1937ع ۾ هن متوازي حڪومت جو بنياد رکي ڇڏيو جنهنجو انتظام هلائڻ لاءِ " پير ڳوٺ کي هيڊ ڪواٽر" مقرر ڪيو ويو. هن پرائيويٽ عدالتن جو بنياد وڌو ۽ حڪم جاري ڪيا ته سمورن جهيڙن جهڳڙن جي حل لاءِ سرڪاري عدالتن ۽ پوليس ڏانهن رجوع ڪرڻ بجاءِ انهن ڪورٽن ڏانهن رجوع ڪيو وڃي. ان سان گڏو گڏ سورهيه بادشاهه پرائيويٽ ٽيڪس جو نظام پڻ لاڳو ڪري ڇڏيو. غازين جي نالي ۾ پنهنجي پرائيويٽ مجاهدن تي ٻڌل لشڪر تيار ڪرڻ لاءِ ڀرتي شروع ڪري ڇڏي ۽ پهرئين مرحلي ۾ سانگهڙ لڳ گڙنگ بنگلي تي 7 هزار غازي ڀرتي ڪيا ويا ۽ مختلف علائقن کان ايندڙ حر فقيرن کي ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ تقريبن 13500 غازي ڀرتي ڪيا ويا انهن غازين کي سورهيه بادشاهه پاڳاري تلقين ڪئي ته هو منظم ۽ متحرڪ ٿين ۽ هٿيار وغيره هلائڻ جي ٽريننگ وٺن ته جيئن دشمن سامراج کي سبق سيکاريو وڃي ۽ اسلام جي سر بلندي وطن جي آزادي لاءِ جهاد ڪيو وڃي. غازين جي ڀرتي واري عمل جي جيئن ئي ڄاڻ سنڌ جي گورنر گراهم کي پئي ته هن رد عمل طور تي شهيد  پير سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) کي ڪراچي طلب ڪري وضاحت طلب ڪئي  پر ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين سورهيه بادشاهه سياست جا گر سکي چڪو هو تنهن ڪري حڪمت عملي طور هن گورنر گراهم کي اهو يقين ڏياريو ته اهي "غازي" ان ڪري ڀرتي ڪيا پيا وڃن ته ملڪ اندر ڪنهن به اندروني وڳوڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ بوقت ضرورت اهي سرڪار کي "شهري گارڊ" طور مهيا ڪري ڏئي سهگجن. اهڙي جواب گورنر گراهم کي ڏاڍو خوش ڪيو. جيتو ڻيڪ اها ڪنهن عظيم مقصد لاءِ سياسي حڪمت عملي هئي. جنهن تحت سورهيه بادشاهه غازين کي ڀرتي ڪرڻ ۽ انهن کي فوجي سکيا ڏيڻ وارو سلسلو برقرار رکيو. سورهيه بادشاهه جي سياسي جدوجهد جو پنهنجو انفرادي نظريو هو. شهيد پير سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) جو سنڌ ۾ تمام گهڻو اثر هو سنڌ کان علاوه ٻين علائقن ۾ به واڌو اثر هو. وٽس مضبوط ۽ وڏي  انفرادي ۽ فوجي قوت موجود هئي تنهنڪري سورهيه بادشاهه جي خلاف ڪنهن به با اثر ماڻهو ٻڙڪ نه ڪڇي، پوءِ ڀلي هو سنڌ جو سينئر وزير يا اسيمبلي ميمبر ڇو نه هجي پر هو سورهيه بادشاهه جي خلاف  آڱر کڻڻ لاءِ به تيار نه هو. ڇو ته سندس ئي حلقي اندر (سورهيه بادشاهه) ان خلاف دوزخ برپا ڪرڻ جي "سگهه" رکندو هو. پير سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) پاڳاري "حر تحريڪ" کي 1937ع ۾ باقاعده تمام فوجي ۽ سياسي جدوجهد کي تيز ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي غازين جي ڀرتي ۽ انهن جي سکيا جو سلسلو تيزي سان جاري رکيو. ڊسمبر 1940ع ۾ غازين جي ڀرتي ۽ انهن جي "مکي ڍنڍ ۾ گوريلا ٽريننگ" جي حقيقي تصوير سامهون آئي ته سنڌ جو گورنر گراهم بوکلائجي ويو ۽ شهيد پير سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) پاڳاري کي ڪراچي ۾ نظر بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا ۽ ٻيا حڪم هي جاري ڪيا ويا

(1) سورهيه بادشاهه جي سفر ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي ، سورهيه بادشاهه زمينون گهمڻ نه وڃي. 

(2) پير ڳوٺ کان ٻاهر نه نڪري

(3) مريدن ڏانهن سفر نه ڪري

(4) سورهيه بادشاهه پير ڳوٺ پنهنجي گهر ۾ رهي ۽ ڪراچي  پنهنجي بنگلي ۾ رهي. ٻئي ڪنهن به علائقي جو سفر نه ڪري. سورهيه بادشاهه مٿيان سمورا حڪم صاف صاف ٺڪرائي ڇڏيا  ۽ برطانوي گورن جي حڪمن جو ان ساڳي قوت سان انڪار ۽ انحراف ڪيو. جنهن قوت سان اهي مٿس پاور هلائڻ لاءِ ڪيا ويا هئا. خصوصن اهڙن علائقن جا وڌيڪ دورا ڪرڻ شروع ڪيا جن لاءِ کيس سختي سان منع ڪئي وئي هئي. گورن گراهم کان پوءِ اڊويا ڊائو سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. جنهن جون 1941ع ۾ سورهيه بادشاهه پاڳاري سان پهرين ملاقات ڪئي ۽ ڊائو Dow انهيءَ ملاقات ۾ سورهيه بادشاهه جي پروقار شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيو . سندس اعليٰ ذهانت کان متاثر ٿيڻ جو اهو عالم هو جو ريمارڪس ڏنائين ته هو اهڙي تيز ۽ اعليٰ ذهانت جو مالڪ آهي، جو ڪير به کيس پنهنجي خواهش مطابق  هلائي نه ٿو سگهي. انهيءَ دوران هن سرڪار جي مصالحتي ۽ سختي وارن اپائن ۽ ڪوششن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو پنهنجي مجوزه مهم کي جاري رکندي سنڌ ۾ سخت امن امان جو مسئلو پيدا ڪيو ۽ حر تحريڪ جا جوان سامراج  جي خلاف متحد ۽ منظم ٿي ڪارروايون ڪري رهيا هئا. سورهيه بادشاهه پاڳاري انهيءَ وقت کي پاڻ لاءِ سونهري موقعو ڄاتو ٿي. ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ته انگريز ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ ڦاٿل آهن. سورهيه بادشاهه هٽلر سان به تعلقات قائم ڪري ورتا هئا ۽ جرمن سپاهي، هٿيارن سان گڏ حرن کي مکي ۾ ٽريننگ ڏيڻ لاءِ گهرايا هئا. جيڪي مخبر جي اشاري تي گرفتار به ڪيا ويا هئا. سورهيه بادشاهه پاڳاري جون ڪارروايون ايڏو زور وٺي ويون جو سکر جي انتظاميه سنڌ سرڪار کي سفارش ڪئي ته منجهانئس نجات حاصل ڪرڻ لاءِ کيس "انديمان جزيرن، يا سمانيا" ڏانهن جلاوطن ڪيو وڃي. سنڌ جي گورنر ڊائو Dow به اهو محسوس ڪري ورتو هو ته پير سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) انهن علائقن جا بار بار دورا ڪري رهيو آهي جن جي کيس منع ڪئي وئي هئي. رد عمل طور کيس سر غلام حسين هدايت الله معرفت اطلاع ڏنو ويو ته هو ڪراچي مان ٻاهر نه نڪري ٻي صورت ۾ کيس سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. پر سورهيه بادشاهه انهن حڪمن جي پرواهه نه ڪندي ڪراچي مان روانو ٿيو ۽ گڙنگ بنگلي سانگهڙ کان ٿيندي پير ڳوٺ پهتو ته سنڌ سرڪار ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ سرڪاري مشينري کي سخت احڪام جاري ڪندي وڏي ملٽري ۽ پوليس نفري کي حڪم جاري ڪيا ويا ته بنا دير جي سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن حر تحريڪ کي ماقوًّ ڪري سگهجي ۽ سورهيه بادشاهه کي سخت سزا ڏئي سگهجي. پوءِ سورهيه بادشاهه کي پير ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ سندس گرفتاري جي خبر ڦهلجڻ کان اڳ ئي کيس "مڌيه پرديش / سينٽرل پراونسز (سي پي) جي سيئوني جيل انڊيا ڏانهن ٽرين ذريعي موڪليو ويو. حرن ڀرپور طريقي سان ۽ پر تشدد رد عمل سان انتقامي عمل شروع ڪيو. ريلوي اسٽيشن تي حملا ڪري انهن کي تباهه ڪيو ويو، ٽيليگراف وائرن جي تارن کي ڪٽيو ويو، ايريگيشن جي نظام کي درهم برهم ڪيو ويو ۽ پوليس ٿاڻن تي حملا ڪيا ويا ۽ پوليس اهلڪارن کان هٿيار بارود هٿ ڪيو ويو ۽ مختلف طريقن سان حرن سخت ڪارروايون ڪندي سنڌ صوبي جي حڪومت کي مڪمل طور تي مفلوج بڻائي ڇڏيو ۽ حرن پرتشدد ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون. انهن  سخت ڪاررواين جو مقصد برطانيه سرڪار تي پير صبغت الله راشدي سورهيه بادشاهه (پاڳاري) جي آزادي لاءِ دٻاءُ وجهڻ ۽ حرن جي خلاف ڪاررواين جو رد عمل هو ۽ سرڪار حرن جي خلاف سخت آپريشن ڪري رهي هئي ۽ حرن به پنهنجون پر تشدد ڪارروايون جاري رکيون. هوڏانهن سرڪار دهليءَ ۾ حرن جي  ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ سنڌ اندر فوجي مداخلت جو فيصلو ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته سورهيه بادشاهه پاڳارو ڪو به سهڪار ڪرڻ جو اشارو نه ڏئي رهيو هو. هن عظيم انقلابي جدوجهد آزادي دوران سنڌ جي ڪيترن ئي مقامي زميندارن ۽ با اثر ماڻهن جو ڪردار غدارن وارو رهيو ڪن ذاتي مفادن خاطر حرن جي مخبري ڪرڻ ۽ انگريزن سان وفادار رهڻ جي عيوض، "سر،خانصاحب، سردار، خانبهادر جا لقب پئي ورتا. انهيءَ جو بد تر مثال اهو ڏيئي سهگجي ٿو ته جڏهن سيد زادي سورهيه بادشاهه پاڳاري برٽش گورن کي حرن جي فوجي قوت سان تڙڻ لاءِ جدو جهد دوران جيل جون سختيون ۽ اذيتون برداشت ڪري رهيو هو ته سنڌ اسيمبلي اپريل 1942ع ۾ حر ايڪٽ برطانيه سرڪار جي خواهش تي پاس ڪيو جنهنجي وصف هيءَ هئي ته "ڪو به حر فقير ڪٿي به هجي بغير ڪنهن ڏوهه جي گرفتار ڪري سگهجي ٿو". جنهن مطابق پير پاڳاري جو مريد هجڻ ئي انگريز سرڪار جي نظر ۾ وڏي ۾ وڏو ڏوهه هو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته "حر ايڪٽ" پاس ڪرڻ لاءِ ووٽنگ واري ڪارروائي جو سڄو عمل "ان ڪيمرا" ڪيو ويو. پير سيد صبغت الله شاهه جي خوف ۽ دهشت کان ڪوبه ميمبر کلي طرح حر ايڪٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي جرئت نه پئي ڪري سگهيو. ان وقت اسيمبلي ميمبر ڪير هئا سڀ ڄاڻن ٿا ٻئي طرف حر تحريڪ پنهنجي انتها تي پهچي چڪي هئي  حرن حملو ڪندي "لاهور ميل" ٽرين کي ڪيرائي ڇڏيو جنهن ۾ 42 ماڻهو مارجي ويا جن ۾ سر غلام حسين هدايت الله جو پٽ به شامل هو. جڏهن انهيءَ واقعي ۽ حرن جي ڪارروائي جو اطلاع ڪمشنر برطانيه سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي فون تي ڏيندي چيو ته " حر ڌاڙيلن لاهور ميل ٽرين ڪيرائي آهي ۽ 42 ماڻهو مارجي ويا آهن ته هن سخت ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو ته يا تون بيوقوف آهين يا مون کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهين جو ڏاڙيل ڪنهن ٽرين کي ڪيرائڻ کان پوءِ ماڻهن کي قتل ڪري بغير ڪنهن ڦرلٽ جي فرار ٿي وڃن. مونکي اها ڪا آزادي جي تحريڪ ئي لڳي ٿي. حر تحريڪ ان دوران اهڙي شدت اختيار ڪئي جو آخر ڪار پهرين جون 1942ع تي سنڌ ۾ مارشلا لاڳو ڪيو ويو جيڪو خطي جي تاريخ ۾ "حر مارشل لا" جي نالي سان مشهور آهي. جڏهن برطانيه سرڪار سورهيه بادشاهه کي " سرينڊر" ڪرائڻ يعني آڻ مڃائڻ ۽ حر بغاوت کي ڪچلڻ ۾ ناڪام ويا ته کيس "بغاوت" جي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو جنهنجي خود بخود سزا موت هئي. 1943ع جي شروعات ۾ کيس انڊيا مان سنڌ جي حيدرآباد سينٽرل جيل منتقل ڪري ڪورٽ مارشل تحت ڪيس هلايو ويو. سرڪاري شاهدن ۾ ڪجهه مقامي ماڻهن کان سواءِ اڪثريت سرڪاري انتظاميه مان کنيل هئي ته جيئن سورهيه بادشاهه پاڳاري کي سزا ڏيڻ ۾ آساني ٿئي ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي مسلح جدوجهد جي سرواڻ پير سيد شهيد صبغت الله شاهه راشدي (سورهيه بادشاهه) پاڳاري اڳ طئه ٿيل پروگرام تحت سزاءِ موت ٻڌائي وئي ۽ 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ تخت دار تي ڇاڙهيو ويو. تخت دار سينگارڻ وقت سندس عمر 34 سال هئي. پاڻ سولي سينگارڻ  وقت ڀرپور جواني ۾ هئا ۽ انقلابي جدوجهد جا سرواڻ هئا. جهڙي طرح عدالتي ڪارروائي هلائي وئي. ان جي شدت ۽ ناانصافي جو اندازو ڪورٽ جي بناوٽ مان آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. برٽش سرڪار جي هٿ ٺوڪي عدالت سورهيه بادشاهه پاڳاري تي هيٺيان الزام مڙهيا

(1) برطانيه جي حڪومت خلاف سازش ڪرڻ ۽ جنگ جوٽڻ جي تياري ڪرڻ 

(2) جنگ لاءِ ٻين کي همٿائڻ

(3) حر تحريڪ ذريعي حڪومت کي نقصان پهچائڻ ۽

(4) امن امان جو مسئلو پيدا ڪرڻ ۽ سرڪاري ادارن کي نقصان پهچائڻ شامل هئا.

سورهيه بادشاهه پاڳاري ۽ شاهدن جي وچ ۾ "پردا" ان ڪري لڳايا ويا هئا ته جيئن شاهد پير صاحب پاڳياري کي ڏسي نه سگهن ۽ نه ئي سندس آواز ٻڌي سگهن ڇاڪاڻ ته ائين ٿيڻ سان ڪن شاهدن جي ڦري وڃڻ ۽ ڪن جي سورهيه بادشاهه جي خوف ۽ دهشت وچان شاهدي ڏيڻ جي جرئت ئي نه ڪري سگهڻ جا چٽا امڪان هئا. هتي اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ گهرجي ته دنيا جي ڪنهن به عدالت سڳوري ۾ جوابدارن ۽ شاهدن جي وچ ۾ پردو لڳائڻ جو قانون ۽ رواج ڪونهي. هتي ته هيڪاري 3 پردا مفاصلي تي لڳايا ويا هئا پير سيد صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه (پاڳاري)ڪيس جي شروعات ۾ صرف 2 عدد اعتراض داخل ڪرايا هئا ته

(1) ڇا سموري بر صغير ۾ ڪوبه مسلمان فوجي آفيسر نه هو جيڪو هن هٿ ٺوڪي عدالت جو ميمبر ٿي سگهي ها ڇاڪاڻ ته هو "آل برٽش ڪورٽ" يعني سموري انگريز ڪورٽ مان  انصاف جي اميد نٿو رکي

(2) ڇا سموري بر صغير ۾ ڪوبه مسلمان وڪيل نه هو جو کيس هندو وڪيل مهيا ڪري ڏنو ويو آهي هن عدالت کي ٻڌايو ته برٽش سرڪار جي نيت کيس سزائي موت ڏيڻ جي آهي تنهن ڪري ضرورت مقصد جي تڪميل ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به بوگس عدالتي ڪارروائي هلائڻ جي ضرورت نه آهي.

  سندس اعتراض کي يڪسر رد ڪندي چيف جج ڪارروائي هلائڻ جو حڪم ڏنو. پير سيد صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه (پاڳاري) اعليٰ ذهانت جو مالڪ هو کيس قانون جي ڪتاب "ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ" تي چڱو عبور حاصل هو. تنهن ڪري ڪيس جي ڪارروائي دوران پاڻ بچاءُ جو وڪيل کي لکت ۾ ڪيس متعلق هدايتون ڏيندو رهيو سڄي ڪيس جي ڪارروائي دوران سورهيه بادشاهه جي ثابت قدمي ۽ بهادري جو اندازو ميجر وصال محمد خان جيڪو خود عدالت ۾ موجود هو،جي لفظن سان لڳائي سگهجي ٿو ته "مون ايڏو بهادر انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڏٺو آهي". مون ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ ڪنهن شينهن  کي پڃري ۾ بند ڪيو ويو آهي. ننڍي کنڊ جي هن عظيم انقلابي اڳواڻ  پير سيد صبغت الله شاهه راشدي  سورهيه بادشاهه (پاڳاري) جي شخصيت ۽ بلند ڪردار تي انگريزي حڪومت جي هڪ طرفي ۽ زوردار منظم پروپيگنڊا جيڪي پردا چاڙهيا ان کي فقط وطن سان محبت رکندڙ نگاهون چيري، حقيقت جو مشاهدو ڪري سگهن ٿيون، ان وقت انگريزي حڪومت جي اشاري تي هلندڙ ۽ سندس پاڇي هيٺ نڪرندڙ اخبارن هن مرد مجاهد خلاف جيڪي ڪجهه لکڻو هو سو لکيائون ۽ سنڌ جي غدار با اثر ڌرين، جاگيردارن ۽ وڏيرن کي جيڪي ڪجهه چوڻو هو سو چئي ڇڏيائون ته جيئن پنهنجي آقائن "گورن" کي خوش ڪري انعام ۽ جاگيرون حاصل ڪري سگهن. انهيءَ دور ۾ با اثر ماڻهن سيد جي انقلابي جدوجهد جو ساٿ ته نه ڏنو مگر هر طرح جي مخالفت ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايو. انهن بااثر ڌرين جو ڪردار غدارن وارو رهيو. هتي انهيءِ حقيقت جي تمام گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ هوندي ته سنڌ جو پوليس ڪمشنر ايف - ايس ينگ ڪير هو. عام طور تي هتي سرن، سردارن، خانصاحبن، خانبهادرن، جي اولاد جن جي وڏن کي "حرن" جي جاسوسي ۽ مخبري ۽ سرڪار سان وفاداري سبب سنڌ ۾ وڏيون جاگيرون ۽ انعام مليا سي اڄ تائين انگريزن جي انصاف جا راڳ ڳائيندا رهن ٿا، ته انگريز پنهنجي دور ۾ شينهن ٻڪري کي گڏ کارايو پياريو. تن جي سڌ لاءِ ضروري آهي ته ينگ ڪمشنر جو تعارف ڏنو وڃي ته هو ڇا هو.ينگ برطانيه جو خطرناڪ ڌاڙيل هو. برطانيه سرڪار کيس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي هئي. آخرڪار برطانيه سرڪار اعلان ڪيو ته اگر ينگ پيش پوي ۽ سنڌ ۾ وڃي پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻي "حر بغاوت" کي ڪچلي ته کيس عام معافي ڏيئي سنڌ جو پوليس ڪمشنر مقرر ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ بنياد تي ينگ ڌاڙيل پيش پيو ۽ کيس سنڌ جو پوليس ڪمشنر مقرر ڪري انصاف جي ساهمي هٿ ۾ ڏني وئي. هاڻي ان مان اندازو لڳائجي ته انگريز دور حڪومت ۾ انصاف جي حقيقي تصوير ڇا هئي. اها ڪيڏي نه ستم ظرفي آهي ته سنڌ جي انقلابي حر تحريڪ جي حرن ۽ سندس سورهيه بادشاهه جي قسمت جو فيصلو برطانيه جي بدنام ڌاڙيل جي هٿ ۾ ڏنو ويو.

  انهن سڀني حقيقتن ۽ تاريخي ناانصافين جي باوجود شهيد پير سيد صبغت الله شاهه راشدي (سورهيه بادشاهه) ۽ حر تحريڪ جي "شهيد حرن" کي ملڪ جي تاريخ ۾ بي حسيءَ سان وساريو ويو آهي ۽ ملڪ جي حڪمرانن ۽ ليکڪن، اديبن، دانشورن، سڄاڻ حلقن ۽ محققن سورهيه بادشاهه پاڳاري جي هلايل  هٿيار بند حر تحريڪ کي جائز مقام نه ڏنو آهي ۽  تعجب جهڙي ڳالهه هي آهي ته امام انقلاب حضرت سيد پير سيد صبغت الله شاهه (پاڳاري) جي شهادت واري، ڏهاڙي تاريخ 20 مارچ به سرڪاري طرح پوري ملڪ ۾ عام موڪل نه ڪئي وئي آهي ۽ حر تحريڪ جي شهيدن جو سرڪاري طرح ڏينهن نه ملهايو ويو آهي. اڄ ملڪ کي آزاد ٿئي 59 سال گذري چڪا آهن. ملڪ جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ به صورتحال ساڳي آهي.هي هڪ واضع ۽ سج وانگر عيان حقيقت آهي ته پير سيد صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه)  حر تحريڪ جي اڳواڻيءَ ڪندي سامراج خلاف ڀرپور هٿيار بند ويڙهه ڪئي. هن جي شخصيت ان دور جي سمورن ليڊرن کان وڌيڪ هئي. هڪ انقلابي اڳواڻ هو جنهن وٽ ويڙهه لاءِ ضروري لشڪر ۽ خزاني ٻنهي جي طاقت موجود هئي. گوري سامراج کي تڙڻ لاءِ هزارين حرن شهادت ماڻي ۽ هزارين حرياڻيون لوڙهن ۾ بند ٿيو ته جيلن جون سختيون ۽ صحوبتون ڏٺيون هزارين سورهيه سولين تي چاڙهيا ويا ۽  پاڳاري پاڻ پنهنجي سر ڪيترين ئي جيلن جون اذيتون برداشت ڪيون ۽ جڏهن تاريخ جي فيصلي جو سڏ ٿيو ته پنهنجي تخت ۽ تاج جي پرواهه نه ڪندي تخت دار تي چڙهي پاڻ کي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو .انگريز سامراج سورهيه بادشاهه (پاڳاري) جي آزادي لاءِ 2 عدد شرط رکيا هئا (1) تحريڪ تان هٿ کي (2) سرڪار کان لکت ۾ معافي وٺي. پر پاڻ اهو چئي ٺڪرائي ڇڏيائين ته "هن ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جو حق صرف هتان جي مقامي ماڻهن کي آهي ۽ معافي اسان صرف خدا تعاليٰ کان ئي وٺندا آهيون". اسان امام حسينعليه السلام جي اولاد مان آهيون قرباني ڪرڻ اسان لاءِ رب پاڪ جي رحمت آهي. جڏهن کيس هڪ دوست سندس جان بچائڻ خاطر معافي نامي تي دستخط ڪرڻ لاءِ اسرار ڪيو. اهو معافي نامو لکيو هن خود هو. سورهيه بادشاهه پاڳاري اهو پڙهڻ کان پوءِ واپس پنهنجي دوست کي واپس ڪندي فرمايو ته دوست معافي نامن تي دستخط ڪرڻ وارا ڪڏهن به آزادي جون تحريڪون هلائي نه سگهندا آهن. ايشيا کنڊ جي ڪيترا ئي ليکڪ، دانشور اها ڳالهه تسليم ڪري چڪا آهن ته ننڍي کنڊ مان برٽش گورن جون پاڙون اصل ۾ پير سيد صبغت الله شاهه پاڳاري جي هلايل "حر تحريڪ" سبب هميشه لاءِ پٽجي ويون ۽ سورهيه بادشاهه انگريز سامراج کي مجبور ڪيو ته هو ننڍي کنڊ مان هليا وڃن، پير سيد صبغت الله شاهه ۽ حر تحريڪ جي جوانن جي قربانين جي ڪري ۽ هٿياربند ويڙهه جي نتيجي ۾ 2 ملڪ آزاد ٿيا. (1)اسلامي جمهوريه پاڪستان (2) ڀارت شامل آهن. شهيد پير سيد صبغت الله شاهه راشدي (سورهيه بادشاهه) انقلابي سوچ جو مالڪ هو. اصول پسند سياسي زندگيءَ ۽ فڪر جي مطالعي کان پوءِ ان نتيجي تي پهچون ٿا ته پاڻ هڪ با اصول انقلابي اڳواڻ هئڻ سان گڏو گڏ هڪ آزاد اسلامي رياست ۽ اسلامي معاشري تي ٻڌل نظام جو حامي هو. سورهيه بادشاهه پاڳاري جي جدوجهد ۽ رات ڏينهن جي اڻ ٿڪ جدوجهد ۽ هزارين حرن جي جانين جي نذراني ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي قيمتي جان جو به نظرانو ڏئي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزادي ڏنائين.