WELCOME TO JEAY SINDH QUAMI MAHAZ(J.S.Q.M)

News

JANUARY 27, 2013
رياستي غنڊا گردي برداشت نه ڪنداسين: صنعان قريشي 
ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته رياستي غنڊا گردي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبي. جسقم خلاف آپريشن جي شروعات ڪئي پئي وڃي. ڀريا روڊ ۾ جسقم اڳواڻ جي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي. پوليس جي اهڙي جارحاڻي حرڪت کي آپريشن جي ڪڙي سمجهون ٿا. هن چيو ته جسقم اڳواڻ فقير الاهي بخش راڄپر تي ڀريا پوليس پاران ڌارين جي چرچ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندس ڀاءُ اقبال راڄپر کي سرعام تشدد جو نشانو بڻائي گرفتار ڪيو ويو. جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڀريا روڊ پوليس ڪارڪنن سان ناجائزيون بند ڪري، نه ته ٻي صورت ۾ سامهون ايندڙ عوامي رد عمل جا ذميوار رياستي ادارا هوندا. 
 
JANUARY 25, 2013 
 
سنڌ جا ماڻهو هاڻي ڪنهن جي دوکي ۾ نه ايندا:صنعان قريشي
حيدرآباد (پ ر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم منڌرو، نجف لغاري ۽ اشرف ڪلهوڙو جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته عالمي برادري کي گهرجي ته اهي مظلوم قومن تي ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي کين آجپي لاءِ مدد ڪري، هاڻي سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو هاڻي ڪنهن به دوکي ۾ نه ايندا، پنهنجي تقدير جا فيصلا پاڻ ڪندا، کين ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگهي، هوڏانهن شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي قمبر جي تنيا پاڙي ۾ ڪارڪنن جي ميڙِ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پارليامينٽري سياست ڪندڙ وڏيرا، ڀوتار توڙي قومپرست جيڪي سنڌ سان محبت جي هام هڻن ٿا اهي سنڌ جا مالي وسيلا سنڌ کي ڏيارڻ لاءِ سنڌ جا روڊ رستا بند ڪن ته پوءِ سمجهنداسين ته اهي سنڌ سان محبت ڪن ٿا، ٻي صورت ۾ هينئر پارليامينٽ جي سياست ڪرڻ سنڌ لاءِ موت جي برابر آهي ڇو ته پنجاب، افغانستان ۽ خيبر پختونخوا جي آبادي سنڌ طرف اچي ٿي، ان جو نقصان سنڌ کي ٿو پوي، هن وقت پاڪستان جا سمورا ادارا تباهه ۽ ڪرپٽ ٿيل آهن، ان موقعي تي ڊاڪٽر الياس تنيو، ممتاز لاکو، ظهور احمد تنيو، شاجهان ڪلهوڙو ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ۾ جساف اڳواڻن تي پوليس جي تشدد خلاف جساف ڊگري ڪاليج نصيرآباد پاران جلوس ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

JANUARY 24, 2013 
هي وقت ڏوراپن جو نه گڏجڻ جو آهي : صنعان قريشي
ڪراچي ( پ ر ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هي وقت هڪ ٻئي کي ڏوراپا يا ميار ڏيڻ جو نه پر سنڌ جي آزادي واري نقطعي تي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو آهي، ان لاءِ جيستائين اسان جا ذهن آزادي واري نقطعي تي مطفق نه ٿا ٿين تيستائين آزادي جو سفر اڃان به ڊگهو ٿيندو ويندو، سائين جي ايم سيد جي سمورن فڪري پوئلڳن کي گهرجي ته اهي آزادي کان سواءِ ڪنهن به ٻي رستي تي عمل پيرا ٿيڻ کان پاسو ڪن،ڇو ته اسان جيڪڏهن آزادي کان وڌيڪ ڪنهن ٻي شيءَ کي اهميت ڏينداسين ته يقينن اسان پنهنجي سنڌ وطن جي آزادي وڃائي ويهنداسين، ان لاءِ سنڌ جي سمورن قومپرستن کي گهرجي ته جيڪڏهن انهن جي ذهنن ۾ آزادي کان وڌيڪ ڪا ٻي سوچ آهي ته اهڙي سوچ کي هڪ دم ترڪ ڪري ڇڏين، ڇو ته سنڌ جي سمورن تڪليفن ۽ ڏکن جو حل صرف ۽ صرف آزادي ۾ شامل آهي.
 
23-01-2013 
حڪومت شهيد بشير خان جي جسم جا جزا پرڏيهه ناهن موڪليا:صنعان قريشي
مديجي/پنو عاقل/ حيدرآباد (نمائندن وٽان/پ ر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته شهيد بشير خان قريشي جي جسم مان ورتل جزا سنڌ حڪومت پاران برطانيا جي ليبارٽري مان چڪاسڻ واري ڳالهه ڪوڙي آهي، اسان جاچ ڪئي آهي ته برطانيا جزا موڪليا ئي ناهن ويا، جنهن خلاف جسقم پاران ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، جيستائين شهيد بشير خان قريشي جي خون سان انصاف نه ٿيندو تيستائين سک سان نه ويهبو، ڊکڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته حڪمران پارٽي ڌارين کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وحدت خلاف فيصلا ڪيا آهن، سنڌي ڌرتي جا وارث هوندي ننڌڻڪا بڻيل آهن، هوڏانهن مقصود قريشي چيو آهي ته شهيد بشير خان قريشي کي شهيد قرار ڏيندڙ گهرو وزير منظور وساڻ کي حڪومت هٽائي ڇڏيو، هن حڪومت مان ڪنهن کي به فائدو نه رسندو، شهيد بشير خان قريشي جي قتل ۾ پ پ حڪومت به ملوث آهي، جنهن بشير خان جا جزا پرڏيهه ڏانهن ناهن موڪليا، اهڙو اظهار هن پني عاقل ۾ مختلف هنڌن تي تعزيت ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته شهيد بشير خان قريشي جا جزا پرڏيهه ناهن موڪليا ويا، شهيد بشير خان کي زهر ڏئي ڪري ماريو ويو آهي، جن مٿس ڪراچي ۾ حملو ڪيو هو اهي هٿ قتل ۾ ملوث آهن، ٻئي پاسي سنڌ يونيورسٽي انتظاميا خلاف جساف جي مرڪزي سڏ تي مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، لمس ڄامشورو ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر علي تنيو، روشن چانڊيو، مهراڻ يونيورسٽي ۾ ثقلين عباسي، زرعي يونيورسٽي ۾ مسعود چانڊيو، ٽنڊو الهيار ۾ نويد هاليپوٽو، مٺي ۾ سارنگ سميجو، عمرڪوٽ ۾ عبدالمالڪ چانڊيو، سنڌ يونيورسٽي ميرپور خاص ڪئمپس ۾ منصور ڪنڀر، ميرپور خاص ۾ ياسر لغاري، ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪاشف ڀٽو، ڪوٽڙي ۾ سلام لاشاري، سيوهڻ ۾ نظير ڀلائي، نوري آباد ۾ راشد خاصخيلي، دادو ۾ ساگر ڪوريجو، قمبر ۾ظهور احمد تنيو، وارهه ۾ عبدالجبار ڇٽو، وڳڻ ۾ نويد چولياڻي، نصير آباد ۾ مجاهد سومرو، ميرو خان ۾ اقرار احمد تنيو، شهدادڪوٽ ۾ فيصل مغيري، سکر ۾ شفقت مهر، گهوٽڪي ۾ مير حسن لاشاري، پنو عاقل ۾ عادل جتوئي، مهراڻ ڪئمپس خيرپور ۾ صدام تنيو، لطيف يونيورسٽي ۾ امتياز جسڪاڻي، گمبٽ ۾ عرفان جسڪاڻي، سيٺارجا ۾ عادل امير لنڊ، پڊعيدن ۾ ٻيجل انصاري، محرابپور ۾ راشد ميمڻ، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ احسن ڀٽو، شهدادپور ۾ عظيم ڪلهوڙو، هالا ۾ ساگر ڪوريجو، ڪراچي يونيورسٽي ۾ عمير خواجا، اردو وفاقي يونيورسٽي ۾ وسيم احمد تنيو، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ مخدوم بلاول، سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس ۾ راجا نوحاڻي، ماتلي ۾ فاروق احمد لغاري ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ جواد حسين سومرو جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. 
 
JANUARY 20, 2013
 
سنڌ جو هر ماڻهو سيد جي واٽ تي هلڻ لاءِ تيار آهي:صنعان قريشي
حيدرآباد (پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم منڌرو ۽ نجف لغاري پريس بيان ۾ چيو آهي ته ايندڙ وقت سنڌ جي قسمت بدلائي ڇڏيندو، ڇو ته سيد جي مزار تي سڀني کي گڏ ڏسي سنڌ جي ماڻهن خاص ڪري سيد جي پراڻن ۽ ويجهن ساٿين جي دلين ۾ جيڪا امنگ ۽ اميد جو ڏيئو روشن ٿيو آهي ان روشني جو اثر قومي تحريڪ کان مايوس ٿيل ڪارڪنن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندو، هنن چيو ته جيڪو خواب سائين جي ايم سيد سنڌ جي آجپي لاءِ ڏٺو هو، ان خواب جي ساڀيان جلد ٿيندي، سنڌ جو هر ماڻهو سائين جي ايم سيد جي ڏنل واٽ تي هلڻ لاءِ تيار آهي، سن ۾ لکين ماڻهن جو مجموعو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي، ٻئي پاسي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته نوابشاهه ۾ وڪيل امير علي مهيسر جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جي مذمت ڪيان ٿو ۽ پوليس کي چوان ٿو ته اهي ڌاڙي جا جوابدار جلد کان جلد گرفتار ڪري، هوڏانهن جسقم پاران ڀريا روڊ ۾ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڪنڊيارو ۾ اسٽار چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، قادري حڪيم گهانگهرو، آصف مهدي شاهه، هارون ڪلهوڙو، حفيظ مڱريو ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته ڀريا روڊ ۾ جسقم ضلعي اڳواڻن محبوب ابڙو، الاهي بخش راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀريا روڊ پوليس خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. 
 
 JANUARY 19, 2013
 سيد جي فڪري پوئلڳن گڏجي ترانو چئي اتحاد جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي:صنعان قريشي
ڪراچي/ سيوهڻ(پ ر/ ن ڪ ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم منڌرو ۽ نجف لغاري پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته فڪر سائين جي ايم سيد جي پوئلڳن رهبر جي مزار تي سنڌ جو ترانو چئي گڏيل اتحاد لاءِ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، اهڙي عمل سان ايندڙ وقت قومي تحريڪ لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندو، ان لاءِ اسان محترم عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، رياض چانڊيو، منير چولياڻي سميت سڀني ساٿين جا ٿورائتا آهيون، جن سائين جي مزار تي گڏيل ترانو چئي نئين روايت کي جنم ڏنو، هنن چيو ته جنهن ٻڌي، محبت، ايڪي ۽ طاقت جو مظاهرو اسان سڀني سن ۾ ڪيو جيڪڏهن اسان اهڙو ئي طريقو پهريان اپنايو هجي ها ته شايد شهيد بشير خان قريشي، مظفر ڀٽو، قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي جسماني طور اسان کان جدا نه هجن ها، هنن چيو ته رياست اسان جي ڪونڌرن کي ڳولهي ڳولهي ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪيو پر اسان پنهنجي ساٿين جي لاشن تي ڪجهه ڏينهن سوڳ ملهائي وري ڪنهن ٻي ساٿي جي شهادت جا منتظر هوندا آهيون، هنن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته هاڻ ڪو به لاش پنهنجن ڪلهن تي وقت کان اڳ نه کڻون، هر وار جو جواب مضبوط اتحاد جي ذريعي ڏيون. هوڏانهن شهيد بشير خان قريشي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ صوفي ايجوڪيشن فورم پاران سيوهڻ ۾ هڪ علمي ۽ فڪري ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ زندگي جي مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن قومپرستن ۽ سياسي سماجي ماڻهن خطاب ڪندي جهوني قومپرست مير مولا بخش لغاري ، اڪبر ملاح، سائين جي ايم سيد جي ساٿي خادم حسين سومرو، حاجي دودو بڙدي، حاجن پنهور ۽ ٻين چيو ته بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جي مادري وطن جي ڏن جديد تصور جي پيداوار آهي، جنهن شهادت ڏئي پاڻ کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.

نيويارڪ ۾ جسقم پاران سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائي وئي 
نيويارڪ(پ ر) نيويارڪ آمريڪا ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سائين جي ايم سيد جي 109 سالگرهه ملهائي وئي، ڪيڪ ڪاٽڻ جي رسم بعد سائين جي ايم سيد کي سندس سنڌ سان محبتن جي مڃتا جي لاءِ ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سالگرهه ۾ جسقم جي فقير امداد منگي، ڊاڪٽر سارنگ انصاري، جساف جي مرڪزي صدر حبيب ڀٽو ۽ سنڌي ايڪيڊمڪ ۽ ڪلچرل سوسائٽي آف نارٿ آمريڪا جي صدر ڊاڪٽر غلام نبي انڙ ۽ ٻين همدردن ڊاڪٽر الطاف شورو، ارشاد ڀنگر، فياض ڀنگر، ڪلاچ انصاري ۽ سرواڻ انصاري شرڪت ڪئي.
JANUARY 18, 2013
جسقم پاران جي ايم سيد جي سالگرهه جو جلسو، محفل موسيقي، سنڌ جو آجپو پري ناهي:صنعان قريشي
حيدرآباد: جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته مذهب ۽ جمهوريت جي نالي ۾ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي، فڪر سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بشير قريشي جي ٻاريل مشعل وڌيڪ روشن ڪري سنڌ جو آجپو حاصل ڪنداسين، سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي انچ انچ جي حفاطت ڪندا، ڪالهه سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 109 سالگرهه تقريب جي جلسي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته لکين ماڻهن گڏيل تراني ۾ شرڪت ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته جسقم پهرين کان وڌيڪ مضبوط منظم ۽ متحرڪ ئي رهي آهي، هن سنڌي هندو لڏائڻ جي سازش جي مذمت ڪندي چيو ته مذهب ۽ جمهوريت جي نالي تي پنجاب اسان جي وسيلن تي قبضو ڪيو آهي، هن چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن سڀ سنڌي ماڻهو جيئي سنڌ جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي سنڌ جي آجپو حاصل ڪندا، جسقم جي سينيئر نائب صدر آڪاش ملاح چيو ته جڏهن ملڪ جي حڪمرانن چيو ته سنڌي ماڻهن جي ثقافت اٺ ۽ گڏهه هڪلڻ واري آهي، تڏهن جي ايم سيد سنڌي ڪلچر ڪتاب لکيو، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو لطيف کي صرف بزرگ سمجهي ميلن تي ويندا هئا تڏهن هن پيغام لطيف ڪتاب ذريعي لطيف کي عام ماڻهن ۾ روشناس ڪرايو، هن چيو ته اج جسقم جي ميزباني هيٺ گڏيل تراني پڙهڻ واري موقعي کان قومي تحريڪ جي ڌڙن جي انضمام ۽ اتحاد جي اميد پيدا ٿي آهي ۽ اميد آهي ته جيئي سنڌ جا سمورا ڌڙا فلسطين جي پي ايل او جيان آجپي لاءِ هڪ هنڌ گڏ آهي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر چيو ته پارٽي کي سڄي سنڌ اندر متحرڪ ۽ منظم ڪري تنظيم سازي جو خال ڀريو آهي، هن پارٽي ڪارڪنن کي 24 ڪلاڪ پارٽي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي مرڪزي اڳواڻ ڪيهر انصاري چيو ته بشير خان جي شهادت کانپوءِ پارٽي ڪراچي کان ڪشمور تائين متحرڪ ٿي آهي، سنڌي ماڻهن پنهنجي دشمنن کي سڃاڻي ورتو آهي، جي ايم ابڙو چيو ته رهبر سنڌ سيد جي جدوجهد جا جيترا به طريقا آهن انهن تي هلي سنڌ جو آجپو حاصل ڪنداسين، جلسي کي عبدالله سومرو، نجف لغاري، زرينا نوناري، نور محمد ڀنڀرو، عامر عباسي ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته جلسي دوران ناليوارو راڳي احمد مغل، ٻيجل سنڌي، سپ خاصخيلي شهيد بشير قريشي بابت ڪلام وسيلي هزارين ماڻهن کي روئاڙي ڇڏيو.

JANUARY 14, 2013
”سنڌي صنعتڪار خلاف انتقامي ڪارروايون بند ڪريو“ سڄي سنڌ ۾ قوم پرستن جو احتجاج، ڌرڻا 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر/ نمائندا) : سنڌي صنعتڪار سڪندر جتوئي خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪارروائين ۽ سنڌي اديب ڊاڪٽر ظفر قادري جي پٽ جمال حيدر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف جسقم جي سوين ڪارڪنن پاران پريس ڪلب ٻاهران زبردست احتجاجي مظاهرو، ڪارڪنن جي نعري بازي، مظاهري کي خطاب ڪندي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ مقصود قريشي، الاهي بخش بڪڪ، بشير خاصخيلي، صفدر تنيو ۽ ٻين چيو ته شاهزيب قتل ڪيس جي آڙ ۾ صنعتڪار سڪندر جتوئي جون فيڪٽريون ۽ ڪارخانا سيل ڪري سوين سنڌي پورهيتن کي بي روزگار ڪرڻ ۽ سڄي سنڌي قوم جي ساک خراب ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ روزانو جمال حيدر قادري سميت ڪيترن ئي سنڌين کي ٽارگيٽ ذريعي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي پر چيف جسٽس کي اهي قتل نظر نه ٿا اچن. اڳواڻن چيو ته شهيد چيئرمين بشير خان قريشي ۽ مظفر ڀٽو قتل ڪيس ۾ چيف جسٽس سوموٽو نوٽيس نٿو وٺي. اها سنڌي قوم سان ٻه اکيائي ناهي ته ٻيو ڇا آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هڪ لساني تينظيم ۽ اردو ميڊيا سوچيل سمجهيل منصوبي تحت سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي صنعتڪارن خلاف منصوبا جوڙي سنڌين کي ڪراچي مان نيڪالي ڏيڻ چاهي ٿي. جنهن منصوبي تي سنڌي ماڻهو ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. هوڏانهن رتوديرو ۾ جسقم پاران سنڌي صنعتڪار سڪندر جتوئي جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . مظاهري ۾ جسقم ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي . آزاد ميدان کان نڪتل احتجاجي مظاهري ۾ شامل جسقم ڪارڪن مومن اوڍو ، بشير جوڻيجو ، شبير ڏاهاڻي ، اڪرم ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نعريبازي ڪندا پريس ڪلب پهتا . جتي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا . انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت سنڌ ۾ ڪنهن هڪ ڌر جي ونگار وهندي سنڌي صنعتڪار سڪندر علي جتوئي خلاف ڪارروايون ڪري کيس گرفتار ڪيو . ۽ هن جون ملڪيتون سيل ڪيون ويون آهن . اسان اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا . هنن چيو ته پوليس ڄاڻي واڻي سنڌي صنعتڪار خلاف اهڙيون ڪارروايون ڪري فئڪٽرين ۽ ملن ۾ ڪم ڪندڙ هزارين سنڌي ماڻهن کي بيروزگار ڪيو آهي . هنن مطالبو ڪيو ته سڪندر جتوئي خلاف انتقامي ڪاررواين بند ڪري ان کي جلد آزاد ڪيو وڃي . جڏهن ته نيو سعيد آباد، جوهي، ٺارو شاهه، ڪنري، ڪنڌڪوٽ، گڊو، خيرپورناٿن شاهه، اڪري چودڳي ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ سنڌي صنعتڪار سڪندر جتوئي جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ۽ ڪيس ختم ڪري کيس فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

الطاف حسين جي سنڌ ورهائڻ واري بيان خلاف جسقم جا مظاهرا، ڌرڻا 

ڪراچي/سکر/حيدرآباد (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سڏ تي متحده سربراهه الطاف حسين پاران سنڌ ورهائڻ واري بيان خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ سياسي، سماجي تنظيمن توڙي مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن جسقم سان گڏجي احتجاجي ريليون ڪڍيون ۽ روڊن توڙي پريس ڪلبن آڏو ڌرڻا هڻي سنڌ ورهائڻ واري سازش ڪندڙن خلاف سخت نعرا هنيا. ان حوالي سان نمائندن وٽان مليل معلومات مطابق نوان جتوئي ۾ جسقم طرفان احتجاجي ريلي ۾ شهرين، سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريلي جي اڳواڻي حبيب خاصخيلي، ڊاڪٽر حبيب کوسو، منير کوسو ڪري رهيا هئا.کپرو ۾ جسقم پاران جي ايم نگر کان ريلي ڪڍي شهيد سورهيه بادشاهه چوڪ تي الطاف حسين جي بيان خلاف آزاد ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.باڊهه ۾ جسقم تعلقي صدر حسن ڪلهوڙو، رياض پنهور ۽ ببلو ساريو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.سجاول جوڻيجو ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري الطاف مهاجر جي بيان بعد عرضي ڀٽو ۾ جسقم پاران عبدالوحيد چانڊيو، باغي طارق ڀٽو، رمضان لانگاهه جي اڳواڻي ۾ مرتضيٰ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.پير جو ڳوٺ ۾ جسقم اڳواڻن بشير مهيسر، فياض جاگيراڻي، شاهد پنهيار ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڪڪڙ ۾ جسقم ڪارڪنن عبدالمجيد جويو، رزاق هڱورو، فقير محمد عرف خشو، فراز سولنگي، نديم جويو ۽ جاويد جويي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪڪڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جيئي سنڌ قومي محاذ پاران الطاف حسين طرفان سنڌ کي ورهائڻ جي ڏنل ڌمڪيءَ واري بيان خلاف ڪالهه اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي جسقم جو وائيس چيئرمين ڪيهر انصاري، جنرل سيڪريٽري امجد علي مهيسر، عبدالغفار چانڊيو، مسرور ٿيٻو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. نصيرآباد ۾ جسقم، جساف پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جي وڏي انگ عاشق علي ڪلهوڙو، سڪندر ميراڻي، بشير باغي، غفار چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مکيه رستن جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو. شاهه پور جهانيان ۾ جسقم پاران غلام نبي ڏاهري، ظفر ٻگهيو، ستار سنڌي، اسد ٻگهيو ۽ غلام نبي سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مٺياڻي ۾ جسقم ڪارڪنن پاران اشفاق علي شيخ ۽ وقار مستوئي جي اڳواڻي ۾ سنڌڙي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. گهارو ۾ سليم خاصخيلي، عادل شاهه ۽ غريب آباد مارڪيٽ ڌاٻيجي ۾ حاجي سڪندر جمالي ۽ لطف سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڌاٻيجي يونٽ پاران ايم ڪيو ايم پاران سنڌ ٽوڙڻ واري ڳالهه تي ڌاٻيجي مارڪيٽ يونٽ جي اڳواڻن سڪندر جمالي، لطف علي سومرو ۽ بهادر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن لاڙڪاڻو ريسٽورينٽ کان ڌاٻيجي پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هڻي الطاف جو پتلو ساڙيو ويو. جسقم قمبر طرفان مرڪزي سڏ تي سنڌ جي وحدت خلاف لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف خلاف ڪرڪيٽ گرائونڊ کان احتجاجي مظاهرو ڪيو، جيڪو شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندو لساني تنظيم خلاف ڇتي نعريبازي ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ممتاز لاکو، آفتاب شاهه، ڊاڪٽر الياس تنيو، شاهه جهان ڪلهوڙو، شفيق جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪيو. نواب شاهه ۾ جسقم مرڪز جي سڏ تي ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين طرفان سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪرڻ خلاف علي رضا خاصخيلي ۽ مسعود خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لکي غلام شاهه جسقم جي مرڪزي سڏ تي لکي ۾ جسقم ڪارڪنن پاران الطاف حسين جي سنڌ ورهائڻ واري بيان ۽ سڪندر جتوئي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جبل سنڌي، مهراڻ هڪڙو، وسيم ميمڻ، گوگي رام، عمران هڪڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار کان ريلي ڪڍي لکي بس اسٽاپ تي پهچي سکر-شڪارپور روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ۽ سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. جسقم بوزدار وڏا پاران ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين پاران سنڌ جي ورهاست بابت ڏنل بيان خلاف بوزدار وڏا پريس ڪلب اڳيان وقار پنهيار، مير حسن بوزدار، شاهه محمد، لالا شفيق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ٽنڊو محمد خان ۾ ضلعي صدر ظهور هاليپوٽو، ذوهيب جمالي، زاهد جسڪاڻي، گلشير ڪولاچي، جواد حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پراڻي اسٽاپ کان ريلي ڪڍي ڦليلي پل تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
JANUARY 11, 2013
سيد جي 109 هين سالگرهه: جسقم پاران مختلف اڳواڻن کي دعوتون
حيدرآباد (پ ر) جسقم طرفان سائين جي ايم سيد جي 109 هين سالگرهه جي حوالي سان دعوتنامن جو سلسلو جاري آهي، جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين آڪاش ملاح، عامر عباسي، ديدار شام ۽ صفدر تنيو مختلف تنظيمن جي اڳواڻن سان گڏجاڻيون ڪيون، جسقم جي سيڪريٽري ڊاڪٽر مير عالم مري ۽ جسمم اڳواڻ منير چولياڻي سان ملاقات ڪري کين سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ گڏيل ترانو پڙهڻ لاءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پاران موڪليل دعوتنامو ڏنو ويو، جڏهن ته جست ۽ جسم سميت جيئي سنڌ جي ٻين پارٽين سان به رابطا ڪري کين دعوتون ڏنيون وينديون، ٻئي پاسي آڪاش ملاح، عامر عباسي ۽ ديدار شام سن پهچي جلسي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، جسقم پاران سالگرهه جو جلسو سائين جي ايم سيد جي مزار جي پيراندي واري ميدان تي ڪيو ويندو، ان لاءِ 200 فوٽ ڊگهو ۽ 60 فوٽ ويڪرو جلسي گاهه تيار ڪيو ويندو، جنهن ۾ 2 لک ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست ڪيو ويندو، جڏهن ته جي ايم ابڙو جي سربراهي ۾ جسقم جا 500 ڪارڪن جلسي گاهه جا انتظام سنڀاليندا. ٻئي پاسي شهيد سنڌ بشير خان قريشي جي ڀاءُ جسقم اڳواڻ مقصود خان قريشي چيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي گڏيل ترانو پيش ڪرڻ لاءِ ڪوششون هلن پيون، جيئي سنڌ جي سڀني گروپن سان جسقم جي مرڪزي قيادت رابطا ڪري گڏيل طور تي قومي ترانو پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي، سڀني دوستن سٺي موٽ ڏني آهي، ميهڙ ۾ جسقم تعلقي صدر اعجاز چانڊيو، اڪبر کوکر پاران دعوت ۾ ڳالهائيندي مقصود قريشي چيو ته شهيد بشير خان قريشي جو قتل ڪيس وارثن جي مرضي موجب داخل ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ جلد پٽيشن داخل ڪبي. هوڏانهن خيرپور ۾ امجد مهيسر تي حملي خلاف ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي امجد مهيسر، اڪبر مڪول ۽ ٻين ڪئي، هنن چيو ته جوابدار گرفتار نه ٿيا ته خيرپور ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو، محرابپور ۾ صنعان قريشي جي گهر تي پوليس چڙهائي خلاف ريلي ڪڍي وئي.
 
JANUARY 10, 2013
جسقم جا سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا ۽ بکڙتالون، امجد مهيسر تي حملي خلاف به احتجاج
حيدرآباد (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي ڪراچي ۾ اوطاق تي پوليس چڙهائي ۽ امجد مهيسر تي حملي خلاف ڪالهه جسقم طرفان سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڪيترن ئي شهرن ۾ بک هڙتالون به ڪيون ويون آهن، لاڙڪاڻي ۾ جسقم ڪارڪن روڊ تي نڪري آيا، جلوس جي صورت ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، اطهر سومرو، سهيل ميمڻ، عزيز شيخ ۽ ٻين چيو ته صنعان قريشي جي گهر تي پوليس، رينجرز ۽ ايجنسين جي گڏيل ڪارروائي هڪ سازش آهي، شڪارپور ۾ جسقم ڪارڪنن ميان عبدالسميع بلالي، علي سجاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ڪنڊيارو ۾ محبوب ابڙو، قاري عبدالحڪيم گهانگهرو، هارون ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ملير ۾ ضمير حاجاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، دادو ۾ جسقم طرفان امير شاهه ۽ جبل سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ ضلعي صدر ظهور هاليپوٽو ۽ جواد سومرو جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍڻ بعد مظاهرو ڪيو ويو، هالا ۾ عبدالرشيد ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، ٽنڊو الهيار ۾ مظاهري کي اقبال هاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو، جيڪب آباد ۾ جلوس ڪڍي ڊي سي او آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، وارث جکراڻي ۽ غوث بخش لاشاري خطاب ڪيو، نوشهروفيروز ۾ رميز وسطڙو، اسد عمراڻي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ اولڊ ڪمئپس کان ريڊيو حيدرآباد تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي مصطفيٰ پنهور، رحمان پيرزادو ۽ ٻين خطاب ڪيو، مٺياڻي، فيض گنج، سيٺارجا، ڪوٽڏيجي، گهارو، ٺل، گڊو، ٽنڊو غلام علي، تلهار، ڪوٽڙي ڪبير، ماتلي، ڪنري، باڊهه، شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، ڏهرڪي ۾ مير حسن لاشاري، خانپور مهر ۾ جان ممد مهر، ميهڙ ۾ حليم چنا ۽ ڪوٽڙي ۾ عالم ٻگهيو ۽ ديدار شام جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، هوڏانهن جيئي سنڌ قومي محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين آڪاش ملاح چيو آهي ته 17 جنوريءَ تي لکين سنڌي سن ۾ گڏجي ترانو ڳائي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو لکرائيندا، ميرپورخاص ۾ مقتول صحافي اشرف پنهور جي پٽ جي فوت ٿيڻ تي سندس پونئيرن سان تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي آڪاش ملاح چيو ته 17 جنوري سنڌين جي قومي عيد آهي، جنهن تي جيئي سنڌ جا سمورا ڌڙا صنعان قريشيءَ جي اڳواڻي۾ سن ۾ گڏ ٿيندا ۽ اتي لکين سنڌي گڏجي ترانو ڳائيندا ۽ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو لکرائيندا، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ تي هن وقت تمام گهڻو ڏکيو وقت آهي، جنهن ڪري سنڌين کي مِڙي مٺ ٿيڻو پوندو، آڪاش ملاح سان گڏ مرڪزي اڳواڻ نجف لغاري، آمر عباسي ۽ صفدر تنيو پڻ گڏ هئا.
 
JANUARY 09, 2013
ڪراچي ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گهرتي پوليس ڙهائي، سنڌ ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا، ريليون
حيدرآباد (نمائندن وٽان) گلشن حديد ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گهر تي پوليس چڙهائي، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا، ڪالهه گلشن حديد ۾ پوليس اٽالن جسقم چيئرمين جي گهر تي چڙهائي ڪئي، جسقم موجب پوليس اٽالن ڌمڪيون به ڏنيون، اهڙي عمل خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم جي ضلعي صدر ظهور هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڄامشوري ۾ قربان سومرو، جبل سنڌي ۽ ٻين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، نوابشاهه ۾ جسقم پاران علي رضا خاصخيلي، مسعود خاصخيلي، قادر زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هنن گرفتار ڪارڪن آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ڄام صاحب ۾ به مظاهرو ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ مظاهري ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي غلام سرور مستوئي ۽ وحيد بروهي ڪئي، ٺل ۾ وسيم قريشي ۽ ٻين جسقم ڪارڪن احتجاج ڪيو، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ ۾ مظاهري سان گڏ شهر به بند ڪرايو ويو، غلام عباس باجڪاڻي، رمضان ڊومڪي ۽ ٻين مظاهري کي خطاب ڪيو، خيرپور ۾ جسقم پاران ريلي ڪڍي مريم توپ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، اڪبر مڪول، صادق دودو سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو، پير جو ڳوٺ ۾ بشير مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، گمبٽ ۾ جسقم پاران اعجاز ڦلپوٽو ۽ ذاڪر عالماڻي جي اڳواڻي ۾ راڻيپور- گمبٽ روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، راڻيپور ۾ ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، خانپور مهر ۾ جسقم جي جان محمد مهر، نهال سنڌي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ميرپور ماٿيلو ۾ فقير رمضان ڪلوڙ ۽ يوسف بوزدار جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، پنو عاقل ۾ مظاهري کي لالا شعبان پٺاڻ خطاب ڪيو، قمبر ۾ ڊاڪٽر الياس تنيو ۽ شاهجهان ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نصير آباد ۾ جلوس ڪڍي آرٿر برانچ جي پل وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ميهڙ ۾ اعجاز چانڊيو ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ علي حسن گاڏهي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ڪنري ۾ جسقم پاران رمضان خاصخيلي ۽ ديدار گشڪوري جي اڳواڻي ۾ ۽ جساف پاران سرائي رحيم خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته غريب پورهيت صالورام ميگهواڙ جي گهر تي چڙهائي خلاف به مظاهرو ڪيو ويو، گهارو ۾ غلام حسين خاصخيلي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو، پڊعيدن ۾ جسقم ڪارڪنن محبوب ابڙو ۽ قاري عبدالحڪيم گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪيهر انصاري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صنعان قريشي جي گهر تي پوليس چڙهائي رياستي دهشتگردي آهي، اڄ سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا، هوڏانهن جسقم جي مرڪزي چيئرمين صنعان خان قريشي جي گهر تي گلشن حديد پوليس طرفان چڙهائي ڪري کيس ڌمڪيون ڏيڻ خلاف جساف مرڪز جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، لمس ڄامشورو ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر علي تنيو، ڊاڪٽر روشن چانڊيو، سنڌ يونيورسٽي ۾ امتياز ديشي، مهراڻ يونيورسٽي ۾ ثقلين عباسي، زرعي يونيورسٽي ۾ مسعود چانڊيو، ڪوٽڙي ۾ سلام لاشاري، سيوهڻ ۾ نظير ڀلائي، ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ سهيل ڀٽو، ٽنڊو ڄام ۾ ڪاشف ڀٽو، ٽنڊوالهيار ۾ نويد هاليپوٽو، ميرپور خاص ۾ ياسر لغاري، سنڌ يونيورسٽي ميرپور خاص ڪئمپس ۾ منصور ڪنڀر، مٽياري ۾ ساجن ڪوريجو، شهدادپور ۾ عظيم ڪلهوڙو، ٽنڊو آدم ۾ نصر الله ڏيرو، نوابشاهه ۾ احسن ڀٽي، پڊعيدن ۾ ٻيجل انصاري، نوشهروفيروز ۾ واجد لاشاري، ڪنڊيارو ۾ ڪامران سهتو، گمبٽ ۾ عرفان جسڪاڻي، لطيف يونيورسٽي ۾ عامر تنيو، مهراڻ ڪئمپس خيرپور ۾ صدام تنيو، سکر ۾ شفقت مهر، مديجي ۾ ارشد سنڌي، ميرو خان ۾ اقرار احمد تنيو، شهدادڪوٽ ۾ فيصل مغيري، قمبر ۾ ظهور احمد تنيو، وارهه ۾ نويد چولياڻي، نصير آباد ۾ شاهد ککر، مجاهد سومرو، عرضي ڀٽو ۾ ايمرجنسي لانگاهه، بدين ۾ حاجي حسين گوپانگ ۽ ٺٽو ۾ شهزاد لاشاري جي اڳواڻي ۾ جساف ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.
 
JANUARY 7, 2013
 
عدليا سنڌي صنعتڪارن پٺيان پئجي وئي آهي: جسقم 
 
ملير (ڊ ر) ڪراچي ۾ هيل 3500 سئو ماڻهو قتل ٿيا، بشير خان، مظفر ڀٽي ۽ غزالا بتول صديقي شهيد ٿيا ۽ 12 مئي واقعي جو چيف جسٽس ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، باقي سنڌي صنعتڪار سڪندر جتوئي خلاف چيف جسٽس سپريم ڪورٽ رڻ ٻاري ڏنو آهي، اهڙو اظهار جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته افتخار چوڌري سڪندر جتوئي جي پٽ جي گرفتاري لاءِ پوليس چارديواري جو تقدس پائمال ڪري سندس گهرن تي چوڪيون قائم ڪري سندس فيڪٽرين ۽ زمينن کي سيل ڪيو آهي، نتيجي ۾ هزارين پورهيت بيروزگار ٿيا، جسقم جي چيئرمين شهيد بشير قريشي کي فريڊم مارچ ڪرڻ تي زهر ڏيئي شهيد ڪيو ويو، جسقم اڳواڻ مظفر ڀٽو کي ايجنسين پاران کڻي گم ڪرڻ ۽ مسلسل تشدد ڪري کيس قتل ڪري سندس لاش کي حيدرآباد ۾ ڦٽو ڪيو ويو، جڏهن ته غزالا بتول صديقي کي محبت سنڌ ريلي ڪڍڻ تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن جو چيف جسٽس ڪو به نوٽيس نه ورتو، هڪ سنڌي سرمائيدار سڪندر جتوئي خلاف سنڌ پوليس مڇرجي پئي آهي، چيف جسٽس جي اهڙي عمل خلاف سنڌي قوم ۾ مايوسي پيدا ٿي آهي 
JANUARY 6, 2013
ارڙي تي ضابطو نه آڻڻ تي صحت کاتي خلاف جسقم جا احتجاجي مظاهرا 
ڪراچي/سکر/حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ارڙي تي ضابطو نه اچڻ خلاف جسقم جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان ڏس ۾ ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ ضمير حاجاڻو، معشوق پنهيار، علي نواز مستوئي، مصطفيٰ پنهور، خيرپور ۾ جسقم اڳواڻ صادق دودو، اڪبر مڪول، ڪنري ۾ رحيم خاصخيلي، ديدار گشڪوري، غلام نبي خاصخيلي، ٽنڊي الهيار، اقبال هاليپوٽو، محمد اڪرم پنهور، حسين گل بوزدار، باغي حبيب ڪالرو، ڪوٽڙي ۾ ديدار شاهه، عالم ٻگهيو، بلال ديشي، هوشو سنڌي، ٺٽي ۾ جسقم ڪارڪنن، لکي غلام شاهه ۾ عمران هڪڙو، وسيم ايم ڊي، ڪمانڊو سنڌي، شاهه پور جهانيان ۾ غلام نبي ڏاهري، ڀريا سٽي ۾ عبدالحڪيم گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته صحت کاتو ۽ سنڌ حڪومت معصوم ٻارڙن جون حياتون بچائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته عالمي ادارا سڄي سنڌ ۾ ويڪسين جا احتياطي مرڪز قائم ڪري ٻارڙن کي ارڙي کان بچاءَ جي ويڪسين ڪن ۽ صحت کاتي جو وزير نااهلي تي استعيفيٰ ڏي 
JANUARY 3, 2013
جسقم ۽ جساف جا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا، بک 
هڙتالون
حيدرآباد (نمائندن وٽان) جسقم ۽ جساف پاران ڪالهه مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جسقم چيئرمين صنعان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم منڌرو ۽ نجف لغاري بيان ۾ چيو آهي ته رياستي ادارن ۽ ڳجهين ايجنسين کي ٽرائل بل ذريعي مليل ناجائز اختيارن کانپوءِ سنڌ اندر قومي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اڻ اعلانيل آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، سنڌ اندر بم ڌماڪا ڪرائي ان عمل ۾ قومي ڪارڪنن کي ملوث قرار ڏيڻ ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهايون ان جو ثبوت آهي، هنن چيو ته دادو پوليس جساف اڳواڻ واجد گاڏهي کي بيگناهه گرفتار ڪيو آهي، واجد گاڏهي جو انهن ڌماڪن سان ڪو واسطو ناهي ۽ نه ئي پارٽي پاليسي آهي، اسان عدم تشدد جا پيروڪار آهيون، هنن چيو ته واجد گاڏهي سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد آهي ۽ جساف جو ميمبر آهي، جسقم خاموشي اختيار نه ڪندي، جلد اهڙي حرڪت خلاف احتجاج شروع ڪيو ويندو، ٻئي طرف ميرپور ماٿيلو ۾ شهيد بشير قريشي جو قتل ڪيس وارثن جي مرضي موجب داخل نه ٿيڻ خلاف فقير رمضان ڪلوڙ، حيدر شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته جسقم پاران ڪنري ۾ ٽي ايم او سامارو خلاف مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي رمضان خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته ٺري ميرواهه ۾ گئس ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي نه ڪرڻ تي جسقم پاران مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، هوڏانهن جساف پاران سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف ڪالهه مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته وي سي نذير مغل کي فورن هٽايو وڃي، لاڙڪاڻي ۾ اشرف ڪلهوڙو، سهيل ميمڻ، منور شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، نصيرآباد ۾ به جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، گڊو ۾ مزاري، امجد بنگوار ۽ ٻين جساف اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ مظاهري جي اڳواڻي غلام عباس باجڪاڻي ڪئي، ڪنري ۾ فاروق حيدر ۽ مالڪ چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڄام صاحب ۾ جساف ڪارڪنن ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، خيرپور ۾ جيئل لاشاري، فهد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته گهوٽڪي ۾ عبداللطيف چاچڙ، اسلم سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ٿيو، هوڏانهن جساف مرڪز جي بيان موجب ڄامشوري ۾ صفدر تنيو، ڪوٽڙي ۾ سلام لاشاري، حيدرآباد ۾ سهيل ڀٽو، ٽنڊوالهيار ۾ نويد هاليپوٽو، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ مسعود چانڊيو، مهراڻ يونيورسٽي ۾ ثقلين عباسي، ميرپورخاص ۾ ياسر لغاري، ٺٽي ۾ شهزاد لاشاري، ٽنڊو محمد خان ۾ جواد سومرو، شڪارپور ۾ نواز حاجاڻو، جيڪب آباد ۾ وحيد بروهي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ جساف احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.
 
JANUARY 2, 2013 
نوشهري فيروز ۾ جساف جي احتجاجي ريلي 
نوشهروفيروز (ڊر) جيئي سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشن پاران بشير خان قريشي جي جسم جا جزا ٻاهرين ملڪن مان چڪاس نه ڪرائڻ، ٻٽي بلدياتي نظام ۽ ذوالفقارآباد منصوبي خلاف هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي الله واري چوڪ کان شروع ٿي ۽ شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهتي، جتي ريلي کي خطاب ڪندي جساف ضلعي نوشهروفيروز جي صدر ٻيجل انصاري، جسقم جي ضلعي جنرل سيڪريٽري قاري عبدالحڪيم گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته حڪومت شهيد بشير خان قريشي جي جسم جا ٻاهرين ملڪن جي اعتبار جوڳين ليبارٽرين مان چڪاس نه ڪرائي ڪيس لوڙهڻ گهري ٿي، هنن چيو ته سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪري سنڌ جي وحدت سان چيڙ چاڙ ڪرڻ واري منصوبي ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ذوالفقار آباد جهڙي سنڌ دشمن منصوبي کي علي جامو پهرائڻ لاءِ بشير خان قريشي جهڙي بي باڪ قيادت کي قتل ڪرايو. هنن چيو ته بشير قريشي جو ڪيس هٿ وٺي ٻوڙيو پيو وڃي.
 
 JANUARY 1, 2013
ڏنڊي جي زور تي قومن کي غلامن نٿو بڻائي سگهجي:جسقم 
ڪراچي ( پ ر ) جسقم جي چيئرمين صنعان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم منڌرو ۽ نجف لغاري پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته هن رياست اندر مظلوم ۽ محڪوم قومن سان ظلم ڪا نئين ڳالهه ناهي، گذريل 65 سالن کان وٺي قومن کي طاقت ۽ تشدد ذريعي غلام بڻائي اتان جي معيشيت، معدني وسيلن، روزگار ۽ تعليم تي قبضو ڪري استحصال ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته ڪنهن به قوم کي آزاد جيئڻ ۽ رهڻ جو پورو پورو حق هوندو آهي، ڪنهن کي ڏنڊي جي زور تي به غلام نه ٿو بڻائي سگهجي، ڇو جو آزادي جو پيدائشي حق آهي ۽ اهو حق انهن مظلوم ۽ غلام قومن کان ڪو به کسي نه ٿو سگهي، هنن چيو ته بلوچستان ۾ آرمي آپريشن بزدلاڻو عمل آهي، اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ اسان بلوچ ڀائرن سان گڏ آهيون.
 
 DECEMBER 31, 2012 
ڪجهه سياسي نابالغ ماڻهو جسقم خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا 
آهن:صنعان قريشي
حيدرآباد (نمائندن وٽان/پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ جي آجپي لاءِ پنهنجي جان نثار ڪندڙ ۽ سنڌي قوم سان بي انتها محبت ڪندڙ سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن تي سڄي سنڌ جا حلالي ۽ غيرتمند پٽ سن ۾ گڏ ٿي پنهنجي عظيم رهبر سان وفا جو وچن ورجائيندي پوري دنيا کي پيغام ڏيندا ته سڀني سنڌ واسين جي سياست ۽ محبت جو محور سن آهي، اهڙو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو، هن چيو ته ڪي سياسي نابالغ جسقم کي ڪمزور پارٽي چئي قومي ڪارڪنن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، آئون انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جسقم قربانيون ڏيندڙ پارٽي آهي، شهيد بشير خان قريشي جي عظيم شهادت ان جو تازو مثال آهي، 17 جنوري سن ۾ جسقم عوامي طاقت جو مظاهرو ڪري پارٽي خلاف منفي سوچ رکندڙن جا ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏيندي، شهيد بشير خان قريشي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ميهڙ ۾ جسقم پاران ابراهيم ڪالوني کان ايوان صحافت تائين معصوم ٻارڙين ۽ ٻارڙن عروسه چنا، آصفه، فرحانه، آزادي، هوش محمد ۽ ارسلان جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، هوڏانهن جساف ضلعي عمرڪوٽ طرفان بشير قريشي جي قاتلن کي گرفتاري لاءِ اشرف ڪلهوڙو، صفدر تنيو، مجيب آريسر جي اڳواڻي ۾ ميمڻ ڪنري اسٽاپ کان ڪنري شهر روپلو ڪولهي چوڪ تائين 5 ڪلوميٽرن تائين
 
پيادل مارچ ڪيو، مارچ ۾ مختلف پارٽين جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.
 
DECEMBER 30, 2012
 جنوري17  تي لکين سنڌي ڌرتي جو ترانو پڙهي عالمي رڪارڊ قائم ڪندا:صنعان قريشي .
حيدرآباد (نمائندن وٽان/پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي لکين سنڌي سن ۾ ڌرتي جو ترانو ڳائي ورلڊ رڪارڊ قائم ڪندا، هڪ بيان ۾ هن چيو ته 17 جنوري تي صرف سن ۾ نه پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي به هن روايت کي اپنائيندا، ٻئي طرف جسقم چيئرمين صنعان خان، آڪاش ملاح، عامر عباسي سان جسقم ميڊيا سينيٽر تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي وفد ملاقات ڪري سنڌ يونيورسٽي انتظاميا بابت شڪايت کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته يونيورسٽي کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، شاگردن سان ڪنهن به صورت ۾ ناجائزي برداشت نه ڪبي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي طرفان جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو ۽ صفدر تنيو تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهي وئي، جيڪا يونيورسٽي انتظاميا سان ملي شاگردن جا مسئلا حل ڪرائيندي، هوڏانهن پارٽي جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف ڪارڪنن مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، ٽنڊو غلام علي ۾ ڪارڪنن اويس خاصخيلي، رياض کوسو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، هوڏانهن ميهڙ ۾ڪارڪنن نور احمد تيوڻو، عاشق سولنگي جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت آڏو مظاهرو ڪيو، ٻئي طرف مديجي واري عيوضي موجب ٺل مان نڪتل جسقم ڪارڪنن جي پيادل قافلي ڪالهه رتيديري پهچي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي مزار تي حاضري ڏني، ان موقعي تي ڪارڪن پنهنجن اکين ۾لڙڪ روڪي نه سگهيا، ان موقعي تي قافلي جي اڳواڻن مومن اوڍو، بشير جوڻيجو، شبير ڏاهاڻي، اڪرم ڀٽي ۽ ٻين چيو ته اسان شهيد بشير خان قريشي جو ڪيس ٻوڙڻ نه ڏينداسين.

 29.12.2012
جسقم ۽ جساف طرفان بشير خان قريشي جا قاتل
گرفتار نه ٿيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا
حيدرآباد (نمائندن وٽان) جسقم پاران بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ خلاف لانگ مارچ شروع جسقم ۽ جساف طرفان مختلف شهرن ۾ مظاهرا، خانواهڻ مان جسقم اڳواڻ مقصود قريشي جي اڳواڻي ۾ خانواهڻ کان هالاڻي تائين 15 ڪلو ميٽر لانگ مارچ شروع ڪيو ويو، هالاڻي پهچڻ تي مقصود قريشي خطاب ڪندي چيو ته بشير خا قريشي جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ مرڻ گهڙي تائين لکين سنڌي بک هڙتال تي ويهندا، ڪنڌڪوٽ ۾ ڏاڏو جکراڻي ۽ رمضان ڊومڪي جي اڳواڻي ۾ 50 ڪارڪنن بک هڙتال ڪئي، نصير آباد ۾ جسقم اڳواڻن شاهد کوکر ۽ عاشق ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، هوڏانهن جسقم جي مرڪزي باڊي جو اجلاس چيئرمين صنعان قريشي جي صدارت هيٺ ميڊيا سينٽر حيدرآباد ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ جسقم اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سائين جي ايم سيد جي 109 هين سالگرهه بشير خان قريشي جي شهادت سبب انتهائي سادگي سان ملهائي ويندي، مختلف ڪاميٽيون جوڙيون ويون، پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته 17 جنوري تي لکين سنڌي ڌرتيءَ جو ترانو ڳائي ورلڊ آف گنيز رڪارڊ بوڪ ۾ پنهنجو نالو شامل ڪرائيندا، اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 6 جنوري تي مشعل بردار ريليون ڪڍيون وينديون، هوڏانهن جسقم موري جي اجلاس ۾ ايس ٽي پي مورو جي 30 ڪارڪنن جسقم ۾ شموليت اختيار ڪئي، هوڏانهن جساف طرفان شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي قاتلن کي ظاهر نه ڪرڻ ۽ نوابشاهه جسقم ۽ جساف جي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر علي تنيو، عظيم ڪلهوڙو ۽ فياض سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڊگري ڪاليج شهدادپور کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، قمبر ۾ ظهور احمد تنيو، اصغر مغيري، وڳڻ ۾ نويد چولياڻي، لالورائنڪ ۾ عرفان شابراڻي ۽ وارهه ۾ عبدالجبار ڇٽو، گاجي کهاوڙ ۾ نعيم تنيو، نصير آباد ۾ مجاهد سومرو، منور ميراڻي، قبو سعيد خان ۾ آصف کوسو ، ڪچي پل ۾ اورنگزيب بروهي، شهدادڪوٽ ۾ فيصل مغيري، سجاول جوڻيجو ۾ مخدوم وحيد، عرضي ڀٽو ۾ ايمرجنسي لانگاهه، ميروخان ۾ امتياز کوکر ۽ اقرار احمد تنيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جساف ضلعي حيدرآباد طرفان امتياز شر، محبوب بڙدي، منور رند، سهيل جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالهه ريڊيو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جسقم چيئرمين شهيد بشير قريشي ۽ مظفر ڀٽو سان انصاف نه ٿيو آهي، هنن چيو ته اسان عالمي عدالت کي اپيل ڪيون ٿا، ته شهيد
 
بشير خان قريشي ۽ مظفر ڀٽو جو قتل ڪيس رياستي ادارن تي داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.
 
25.12.2012
جسقم طرفان هر سال فريڊم مارچ جو اعلان، صنعان قريشي کي ٻار سمجهندڙ ”ڊنل“ آهن: آڪاش ملاح 

ملير (ڊ ر) : گڏاپ جي نور خان برفت ڳوٺ ۾ جسقم جي شهيد چيئرمين بشير قريشي ۽ قومي راڳي سرمد سنڌي جي ياد ۾ جلسو ٿيو. جلسي جي صدارت جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين آڪاش ملاح ڪئي. مهمان خاص وائيس چيئرمين ڪيهر انصاري، مقصود قريشي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، اصغر شاهاڻي، فتاح تنيو، عباس جتوئي، فهيم سنڌو، جمال برفت، ممتاز بروهي هئا. جلسي کي خطاب ڪندي آڪاش ملاح چيو ته رياست قومي تحريڪ کي بيدردي سان چٿڻ ۾ لڳي وئي آهي. بشير قريشي، سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي، نور الله تنيو، سميع الله ڪلهوڙو، مظفر ڀٽو کي قتل ڪيو ويو. هن چيو ته رياست بشير قريشي کي ان ڪري زهر ڏئي ماريو ته بشير خان فريڊم مارچ ڪري لکين ماڻهو گڏ ڪيا ۽ آزادي جو آواز 203 ملين تائين پهچايو. هن چيو ته رياست بشير قريشي جي قتل بعد جسقم خلاف پروپيگنڊا شروع ڪئي آهي. ان ڪري ڪارڪن سازش جو حصو نه ٿين. هن چيو ته جيڪي جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي ٻار سمجهن ٿا انهن کي اها خبر هجي ته سورهيه بادشاهه ۽ هيمو ڪالاڻي جي شهادت وقت عمر ساڳئي هئي. هن چيو ته جسقم مضبوط آهي. جلد گهوٽڪي کان ڪراچي تائين فريڊم مارچ ڪنداسين. هن چيو ته ذوالفقار آباد نئون اسرائيل آهي. سنڌ ۾ معدنيات جا 103 قسم آهن. پاڪستان سنڌ جي دولت تي پيو هلي پر سنڌين لاءِ عزت ڀريو روزگار ناهي. هن چيو ته هاڻي آجپي کانسواءِ ڪابه ٻي ڳالهه نه هلندي. ڪيهر انصاري چيو ته ذوالفقار ڀٽو ڌارين کي سنڌ جو شهري ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪراچي سنڌين جو آهي پر هتي سازشن تحت سوات، وزيرستان ۽ بونير جي ماڻهن کي آباد ڪيو ٿو وڃي. هن چيو ته جيڪو سنڌ ماءُ سان سچو ناهي انهي کي سنڌ ڇڏڻي پوندي. مقصود قريشي چيو ته ڪراچي جا مالڪ صرف سنڌي آهن. جسم چيئرمين رياض چانڊيي چيو ته پير پاڳارو آجپي جي ويڙهه نه وڙهندو. اها ويڙهه سائين جي ايم سيد جي سپاهين کي وڙهڻي آهي. پير پاڳارو سان هڪ نقطي تي اتحاد آهي. هن چيو ته آزادي لاءِ هٿياربند پارليامينٽ ۽ پرامن جدوجهد وارا 3 طريقا آهن. هٿياربند جدوجهد وقت جو زيان پارلياماني سياست ملڪ ۾ ڪابه اهميت نٿي رکي پر امن جدوجهد ئي اثرائتي جدوجهد آهي. هن چيو ته بالاچ مري، اڪبر بگٽي ، بشير قريشي، مظفر ڀٽو، سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي جي قتل جو عدالتن نوٽيس نه وٺي اهو ثابت ڪيو ته هن ملڪ جي ادارن کان وڌيڪ سگهارا ماڻهو هئا. هن چيو ته سمورا قومي ڪارڪن عدم تشدد جي جدوجهد ۾ گڏ آهن. الاهي بخش بڪڪ چيو ته نثار کهڙي اهو اعتراف ڪيو آهي ته بشير قريشي جيئرو هجي ها ته اسان مڪاني نظام جو بل نه آڻيون ها. جلسي کي ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو. بعد ۾ قومي راڳي زاهد شيخ، ٻجل سنڌي گيت ڳايا.

DECEMBER 19, 2012
سنڌي جاڳي حق ماڻڻ لاءِ ميدان تي لهن: صنعان قريشي

لاڙڪاڻو(ڳالهه ٻولهه مرتضيٰ ڪلهوڙو) جسقم چيئرمين صنعان قريشي جسقم اڳواڻن اطهر سومرو، عزيز شيخ،مومن اوڍو، سهيل احمد ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ عوامي آواز جي آفيس جو دورو ڪيو. هن ڳالهائيندي چيو ته عوامي آواز سنڌ جي حقن جي لاءِ پنهنجو ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان سنڌ جي حقن جي آزادي لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون ۽ پنهنجي بهادر والد شهيد بشير خان قريشي جو سنڌ جي عوام سان سندن حقن جي تحفظ بابت ڪيل وچن کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ جدجهد ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ٿئي پئي، هن وقت سنڌ جو عوام بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي عوام پنهجي حقن لاءِ سجاڳ تي ميدان تي نڪري، هڪ سازش هيٺ هندن کي سنڌ مان لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر جيئي سنڌ قومي محاذ جو هر ڪارڪن هندن جي تحفظ جو وچن ڪيو آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود حڪومت ڪراچي مان لکين ڌارين کي نيڪالي نه ڏني آهي، جسقم کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مضبوط ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مان پير سائين پاڳاري جو شڪرگذار آهيان جنهن حيدرآباد ۾ سڄي سنڌ کي گڏ ڪري حڪومت پاران سنڌ مٿان مڙهيل ٻٽي مڪاني نظام خلاف آواز اٿاريو آهي. هن چيو عوامي آواز سميت سنڌي ميڊيا فورم پاران 21 ڊسمبر تي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ واري سڏ کي شاندار موٽ ڏيندي تاريخي ريلي ڪڍي ويندي. شهيد بابا جيان هن سال به گلشن حديد کان پريس ڪلب تائين ريلي نڪرندي جنهن ۾ جسقم جا هزارين ڪارڪن شرڪت ڪندا. هن چيو ته سنڌ جي ثقافت تاريخي آهي جنهن تي اسان کي تمام گهڻو فخر آهي. هن چيو ته جيئي سنڌ تحريڪ جي جيڪب آباد کان ڪراچي لاءِ نڪتل پيادل مارچ جي جسقم شروع کان حمايت ڪئي آهي ۽ جتي جتي پيادل مارچ پهچي ٿو ان شهر ۾ جسقم جا ڪارڪن شرڪت ڪري رهيا آهن. ڪراچي پهچڻ تي لانگ مارچ ۾ ضرور شرڪت ڪندس.

December 19, 2012
ٽنڊي باگي کان بدين تائين جسقم ڪارڪنن جو آجپو مارچ،گلن جي ورکا 

نيوسعيدآباد/بدين/ٽنڊو باگو/حيدرآباد(نمائندن وٽان/ پ ر) جسقم ضلعي بدين جي سوين ڪارڪنن آزادي مارچ ٽنڊو باگو کان نڪري ضلعي صدر حيدر شاهه ۽ جاني ملاح جي اڳواڻي ۾ جيئن ئي بدين پهتو ته بدين جي ڪارڪنن مٿان گلن جي ورکا ڪئي، ايوان صحافت آڏو پيادل مارچ ۾ شامل سوين ڪارڪنن ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هڻي شهيد بشير خان قريشي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان کان اڳ آزادي مارچ پريس ڪلب کان اياز جوڻيجو، غلام رسول انڙ، منظور هاليپوٽو ۽ مختيار بوزدار جي اڳواڻي ۾ روانو ٿيو، پيادل مارچ ڪندڙ جسقم جي سوين ڪارڪنن تي نئون آباد، پهاڙ مري، وهڻائي موري ۽ حاجي احمد زنئور وٽ گلن جي ورکا ڪري زبردست آجيان ڪئي وئي. هوڏانهن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم منڌرو ۽ نجف لغاري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي آجپي جي جنگ وڙهندڙ شهيد ٿيل هر هڪ ساٿي جي ڏنل قرباني جو قسم کڻي اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته اسان جو به جيئڻ مرڻ سنڌ سان آهي ۽ رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد ڪندا رهنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي وڏڙن جي نقش قدم تي هلندي ان جي ڇڏيل مقصد کي پايا تڪميل تي پهچائينداسين. نيوسعيد آباد ۾ ڪاوش سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي چيو ته سندن والد مرحوم بشير خان قريشي پڻ اسان جي چاچي علي قاضي جي هر ان قدم جي حمايت ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي ڀلائي جي ڳالهه ڪئي وئي هجي. هن چيو ته جسقم طرفان 23 ڊسمبر تي سنڌ منهنجي امان جي نالي تي ملهائيندڙ ايڪتا ڏهاڙو جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا ۽ جسقم ڪارڪنن کي هدايت ٿي ڪجي ته ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائين

December 18, 2012
اسان پارلياماني سياست ۾ يقين نه ٿا رکون:صنعان قريشي

حيدرآباد (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته پارلياماني سياست جسقم جي منشور ۾ شامل ناهي، اسان اهڙي سياست تي يقين نه ٿا رکون، جيڪا سنڌ سان سچي ناهي، ٻٽو نظام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هو ڪالهه گمبٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، جڏهن ته هن ميرو خان ۾ شهيد بابل تنيو جي ورسي تقريب کي خطاب ڪيو، گمبٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪندڙن کي ٻڌايون ٿا ته جيستائين سنڌ جو هڪ به حلالي پٽ زنده آهي، انهن جا ناپاڪ ارادا ڪامياب نه ويندا، هن ايڪتا ڏهاڙي جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته 23 ڊسمبر تي جسقم ايڪتا جو ڏينهن ملهائيندي، ميرو خان ۾ ورسي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد بابل تنيو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هو سيد جو سچو پيروڪار هو، هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نه ڏنو ويندو، ان موقعي تي آڪاش ملاح، امجد مهيسر، مقصود قريشي ۽ عامر عباسي به خطاب ڪيو، هوڏانهن دادو ۾ جسقم پاران ٻئي ڏينهن به خزاني آفيس ۾ مبينا ڪرپشن خلاف بک هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته نوابشاهه ۾ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، خيرپور يونيورسٽي ۾ جساف پاران ريلي ڪڍي سائنس فيڪلٽي آڏو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي سرواڻ سنڌي، سرور سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي پاسي جسقم ضلعي نوشهروفيروز جو جنرل سيڪريٽري قاري عبدالحڪيم گهانگهرو مختلف ڪيسن ۾ ضمانتون منظور ٿيڻ بعد آزاد ٿي ويو آهي، ڪالهه ضمانت منظور ٿيڻ بعد کيس ڊسٽرڪٽ جيل نوشهروفيروز مان آزاد ڪيو ويو، جنهن کي وڏي جلوس جي شڪل ۾ ڪنڊيارو پهچايو ويو.
 
12-December-2012 
 
سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪيو ويندو: صنعان قريشي 
ڪوٽڙي : جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي، جڏهن دنيا ۾ ڪجهه به نه هو، سنڌين موهن جي دڙي کي تعمير ڪيو، جنهن ۾ مڪمل زندگ
ي جا نمونا موجود هئا، ضلعي ڪانگريس ڄام شوري کي خطاب ڪندي هن چيو ته تڪراري بلدياتي نظام کي ۽ ڪالاباغ ڊيم کي هتان جي عوام ٿڏي ڇڏيو آهي، ڪالاباغ ڊيم اسان جي لاشن تي ٺهندو، اهو اشو پيپلز پارٽي اٿاري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن چيو ته ٻٽي نظام کي ڪنهن به صورت ۾ غيرتمند سنڌي قبول نه ڪندا ۽ ان جي خلاف جدوجهد جاري رهندي.
11-December-2012
 
ڪراچي ۾ هڪ لساني تنظيم سنڌي ماڻهن کي قتل ڪرائي رهي آهي: صنعان قريشي

حيدرآباد (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڪنڌڪوٽ ۾ مير لياقت خان ڊومڪي جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ هڪ لساني تنظيم سنڌي ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪرائي رهي آهي، هن وقت تائين 3 سئو سنڌي آفيسرن کي قتل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته 14 ڊسمبر تي پير پاڳاري پاران ماڻهن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏجي ٿي، هن
چيو ته سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام کانپوءِ پ پ کان سنڌ ڪارڊ کسجي چڪو آهي، تنهن ڪري هو وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن، هن چيو ته پ پ حڪمران سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام کي سنڌي ماڻهن جي ڪاوڙ کان بچڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم جي حمايتي بڻجي ويا آهن پر سندن اها خبر ناهي ته پ پ جي دور حڪومت ۾ ڪالا باغ ڊيم لاءِ بجيٽ رکي وئي هئي، ان موقعي تي جسقم جو مرڪزي وائيس چيئرمين ڪيهر انصاري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر، ڪرم باجڪاڻي، غلام عباس ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، هوڏانهن بشير خان قريشي جي جزن جي عالمي ادارن کان چڪاس نه ڪرائڻ ۽ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي خلاف جسقم پاران پريس ڪلب آڏو شروع ڪيل 110 ڪلاڪن واري بک هڙتال پوري ٿي وئي، جڏهن ته ميهڙ ۾ جسقم پاران اعجاز چانڊيو ۽ حليم چنا جي اڳواڻي ۾ بشير قريشي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايوان صحافت آڏو مظاهرو ڪيو، ٻئي پاسي جسقم تعلقي رتوديرو جون ساليانيون چونڊون جسقم جي ضلعي مظفر سانڊاڻو جي نگراني هيٺ رتوديرو ڊگري ڪاليج ۾ ٿيون، جسقم جي ٿيل تعلقي چونڊن ۾ تعلقي صدر بشير جوڻيجو، نائب صدر اڪرم ڀٽي، جنرل سيڪريٽري روشن جويو، جوائنٽ سيڪريٽري رضوان چانڊيو، خزانچي اظهار سولنگي ۽ پريس سيڪريٽري شهباز کوکر کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، چونڊن بعد اها قرارداد پاس ڪئي وئي ته بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر سندس وارثن موجب داخل ڪئي وڃي ۽ بشير خان قريشي جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي جلد گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي.

10-December-2012

ڪالاباغ ڊيم اڏاوت سنڌ تي قبضي جي سازش آهيِ :صنعان قريشي

گهوٽڪي:جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت وارو فيصلو سنڌ تي قبضي سازش آهي، مرندي مري وينداسين، پر پنجاب جي هر سازش کي مٽي ۾ ملائينداسين، اهڙ
ن خيالن جو اظهار هن ڪالهه گهوٽڪي ۽ مريد شاخ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، جسقم چيئرمين گهوٽڪي ۾ بک هڙتال ڪئمپ تي پهتو، جتي هن 100ڪلاڪن واري بک هڙتال تي ويٺل ڪارڪنن کي جُوس پياري احتجاج ختم ڪرايو، ان موقعي تي صنعان قريشي چيو ته شهيد بشير خان قريشي جو قتل ڪيس داخل نه ٿيو، جنهن خلاف ۽ جزن جي چڪاس لاءِ جسقم جي 100 ڪلاڪن واري بک هڙتال مان ثابت ٿيو ته سنڌ چاهي ٿي ته بشير قريشي جو قتل رياست خلاف دخل ڪيو وڃي، ان بعد جسقم چيئرمين مريد شاخ پهتو، جتي راڻي مزاري، محمد بخشل گهنجي، حبيب دستي، آفتاب حسين ۽ عبدالخالق جي اڳواڻي ۾ جسقم ڪارڪنن صنعان قريشي جو استقبال ڪيو ۽ مٿن گلن جي ورکا ڪئي.

09-December-2012 
جسقم ٻٽي مڪاني نظام خلاف 14 ڊسمبر واري جلسي ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو 

ملير (ڊ ر) جسقم پاران 14 ڊسمبر تي فنڪشنل ليگ پاران سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ اعلانيل جلسي ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو ويو آهي، ملير ۾ ڪراچي جي مسئلي تي جسقم جو اجلاس، چيئرمين صنعان قريشي جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر، عبدالله سومرو، محمد خان شيخ، الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي
، اجلاس ۾ ڪراچي ۾ تنظيمي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ضلعي اوڀر ۾ جسقم ضلعي جي صدر بشير خاصخيلي، نائب صدر ڊاڪٽر ذوالفقار لاشاري، جنرل سيڪريٽري آغا شاهه زمان، جوائنٽ سيڪريٽري، ڊاڪٽر آغا شمشاد خزانچي، رمضان بروهي ۽ پريس سيڪريٽري خادم شر کي پنهنجي عهدن تي بحال ڪيو ويو، جڏهن ته ضلعي اوڀر ۾ پيدا ٿيل تنظيمي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ امجد مهيسر، محمد خان شيخ ۽ الاهي بخش بڪڪ تي مشتمل ڪميٽي جوڙي ويئي، ان موقعي تي جسقم جي چيئرمين صنعان قريشي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم خلاف رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد ڪنداسين، هن چيو ته فنڪشنل ليگ پاران 14 ڊسمبر تي سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف اعلانيل جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي، هن چيو ته سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو

05-12-2012
ايندڙ چونڊون ڪير به کٽي، سنڌ ۽ سنڌين جي قسمت نه بدلبي: صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر) جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالل سومرو، عامر عباسي، نعيم منڌرو ۽ نجف لغاري پنهنجي جاري ڪيل
پريس بيان ۾ چيو آهي ته ايندڙ اليڪش ۾ ڪير به کٽي پر سنڌ ۽ سنڌين جي قسمت نٿو بدلائي سگهي. جيڪي اسيمبليون ۽ انهن جا ميمبر سنڌ دشمن فيصلا نٿا روڪرائي سگهن، انهن مان خوشحالي جي اميد رکڻ وقت جو زيان سمجهون ٿا. سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ ۽ ان جي نظريي تي هلندڙن کي گهرجي ته اهي ڪنهن جي اليڪشن مهم جو حصو نه ٿين. هنن چيو ته ماڻهو ووٽ ڏيڻ واري لفظ مان بيزار ٿي چڪا آهن.

04-12-2012 

ارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سزا ملندي: صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم منڌرو، نجف لغاري پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته عالمي دنيا سنڌين مٿان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي سنڌ جي آزادي ۾ مدد ڪري، هن ملڪ مان سنڌ کي آجو ڪرائي سنڌ جي پراڻي ۽ تاريخي آزاد حيثيت ۾ بحال ڪري، هنن چيو ته هتي به فلسطينين جيان مظلوم سنڌين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پنهنجي رهائش گاهه تي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هڪ بهتر تنظيم پويان انقلاب آڻڻ چاهيون ٿا، ان ڪري هر فيصلو تنظيم جي ڀلائي لاءِ ڪبو، جيڪي ماڻهو پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪندا انهن کي پارٽي اصولن مطابق سزا ملندي
 
 02.12.2012
ڪالاباغ ڊيم خطرناڪ سازش آهي، سنڌي ميدان تي نڪرن: صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر) جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم مينڌرو ۽ نجف لغاري پنهنجي جاري ڪيل پري

س بيان ۾ چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم سنڌي قوم جي جياپي ۽ موت جو مسئلو آهي. پنجاب سامراج پنهنجي هوڏ تي قائم رهي، اهو ثابت ڪيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم وارو منصوبو جڏهن کي سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي عوام ۽ اتان جي اسيمبلين هر ڀيري رد ڪيو آهي، ان کي ٻيهر ٺاهڻ واري اعلان جي حمايت ڪئي. هن چيو ته هن ملڪ ۾ مظلوم قومن جو استحصال ڪا نئين ڳالهه ناهي. هر روز سنڌي قوم جي مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن. ڪڏهن ذوالفقار آباد، ڪڏهن ڌاري آبادڪاري ته ڪڏهن نئون مڪاني نظام لاڳو ڪري سنڌ سان ناجائزين جا کليل ثبوت آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري اتان جي معيشت تباهه ٿيندي وڃي، مٿان وري ڪالاباغ ڊيم جهڙو خطرناڪ منصوبو سنڌو درياءَ تي ٺاهي سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اهڙي ڏکي وقت ۾ سنڌين کي گهرجي ته اهي ڌرتي ماءُ جي حفاظت لاءِ ميدان تي نڪري سنڌ کي بنجر ٿيڻ کان بچائن. جسقم چيئرمين صنعان خان چيو ته هڙتال دوران گرفتار ڪارڪنن جي آزادي لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪنداسين.

29-11-2012 

جسقم طرفان 30 نومبر واري اعلانيل هڙتال جي مڪمل حمايت جو اعلان

لاڙڪاڻو/ميهڙ/حيدرآباد(نمائندن وٽان) جسقم طرفان 30 نومبر واري هڙتال جي حمايت جو اعلان، جسقم ڪارڪن سنڌ بچايو ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان هڙتال ۾ مڪمل شرڪت ڪندا، جسقم چيئرمين صنعان قري
شي لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 30 نومبر واري هڙتال جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا، ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته هو سنڌ بچايو جي پليٽ فارم تان هڙتال ۾ شرڪت ڪن، هن چيو ته صدر زرداري طرفان سنڌ اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ واري ڏينهن جسقم ڪارڪن ڪارو ڏينهن ملهائيندا، سنڌين کي متحد ٿي پنهنجي حقن لاءِ جنگ وڙهڻي پوندي، هن چيو ته 14 ڊسمبر تي حيدرآباد واري جلسي ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿي ڌرتي دشمنن کي نياپو ڏيندا ته سنڌ جو سودو قطعي برداشت نه ڪبو، هن چيو ته اسين چتاءُ ٿا ڏيون ته بيگناهه گرفتار ڪيل شاگردن مٿان ڪيس ختم ڪري آزاد نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، هوڏانهن جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري عامر عباسي پنهنجي جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم کي وڌيڪ منظم ۽ فعال ڪرڻ لاءِ تنظيمي اصولن تي عمل ڪندي مڪمل تنظيم سازي جو فيصلو ڪيو آهي، پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم جي ضلعي ڪانگريس ڪوٺايون وينديون، جنهن لاءِ 9 ڊسمبر ڪنڌڪوٽ، ڪشمور 10 ڊسمبر ٺٽو 11 ڊسمبر ڄامشورو12 ڊسمبر حيدرآباد 13 ڊسمبر ٽنڊو محمد خان 15 ڊسمبر ميرپورخاص 16 ڊسمبر عمر ڪوٽ 17 ڊسمبر مٺي،ٿرپارڪر 18 ڊسمبر بدين 19 ملير 20 ڊسمبر ڪراچي اوڀر جون ضلعي ڪانگريس جا اجلاس ڪيا ويندا، جڏهن ته 3 ڊسمبر تي شهيد بشير خان قريشي جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ خلاف گهوٽڪي ۾ 100 ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪئي ويندي، ٻئي پاسي جساف جي سڏ تي سنڌ يونيورسٽي شاگردن جي گرفتاري خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ڊاڪٽر روشن ۽ ٻين مهراڻ يونيورسٽي ۾ ثقلين عباسي، ڪوٽري ۾ عبدالسلام لاشاري، سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪئمپس ۾ منصور ڪنڀر، راجيش ڪمار، ميرپورخاص ۾ ياسر لغاري، ڪنبر ۾ ظهور تنيو، وڳڻ ۾ اورنگزيب بروهي، وارهه ۾ نويد چولياڻي، نصيرآباد مجاهد سومرو، شهدادڪوٽ ۾ فيصل عباسي، قبو سعيد خان ۾ آصف کوسو، ميهڙ ۾ مزمل ڪلهوڙو، خيرپورناٿن شاهه ۾ مهتاب ڪلهوڙو، سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس ۾ ساگر ڪوريجو، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ مرڪزي قائم مقام صدر اشرف ڪلهوڙو، ڊاڪٽر سهيل سرڪي، سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس ۾ حاجي حسين گوپانگ، لطيف يونيورسٽي ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري امتياز جسڪاڻي، عامر تنيو، مهراڻ ڪئمپس خيرپور ميرس ۾ مرڪزي ماليات سيڪريٽري خادم سنڌي، صدارم تنيو، سکر ۾ شفقت مهر، پرويز بلو، جيڪب آباد ۾ عبدالوحيد بروهي، ڦل ۾ آصف ٻرڙو، گلشن حديد ۾ سارنگ سومرو، دادئود ڪاليج ڪراچي انيل ڏهر، ڪراچي يونيورسٽي شاهنواز، قائم عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ اتخار مهر، سيد احمد مجتبيٰ شاهه ۽ رتوديرو ۾ صفدر ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

24-11-2012

هيءُ وقت سنڌ خاطر پنهنجا اختلاف وساري گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو آهي:صنعان قريشي
حيدرآباد(پ ر/نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم منڌرو ۽ نجف لغاري پنهنجي جاري
 ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڳجها عنصر سنڌ اندر قبيلائي جهيڙا ڪرائي سنڌي ماڻهن جو حقيقي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي گهري سازش ڪري رهيا آهن، قبيلائي جهيڙن سبب لکين ايڪڙ زمينون غير آباد ٿي ويون آهن، اسڪول ويران ٿيندي نظر اچن ٿا، اسان جا نوجوان تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي ويا آهن، هنن چيو ته سنڌي ماڻهن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي سنڌ خاطر پنهنجا جهيڙا ختم ڪري ايندڙ نسلن کي هڪ بهتر زندگي گذارڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪن، هوڏانهن جساف خيرپور ناٿن شاهه طرفان صفدر علي تنيو ۽ مهتاب ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ جي ايم جتوئي، حنيف ڀنڊ ۽ سيف سولنگي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جساف (آريسر) جي مرڪزي صدر عرفان چانڊيو سميت 3 ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ۽ گرفتار اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪيو، ٻئي پاسي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڪيريا پمپ ويجهو دولتپور کان حيدرآباد ويندڙ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي ڪار جو ٽرڪ سان اوچتو ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي معجزاڻي طور بچي ويو، جڏهن ته گاڏي کي نقصان پهتو آهي، پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهتي ۽ وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.
 
 21-11-2012

سنڌ يونورسٽي ۾ شاگردن تي تشدد برداشت نه ڪنداسين: صنعان قريشي

حيدرآباد(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصارري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو،عامر عباسي، نعيم منڌرو ۽ نجف لغاري جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ يوني

ورسٽي ۾ شاگردن جي پر امن احتجاج تي فورسز جو حملو تعليم تي حملو سمجهون ٿا، شاگردن جيڪڏهن سندس خلاف تحريڪ شروع ڪئي ته کين لڪڻ جي به جاءِ نه ملندي، هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي مان فورسز کي نيڪالي ڏني وڃي، نه ته اداري اندر ڪڏهن به امن قائم نه ٿي سگهندو، هوڏانهن جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين آڪاش ملاح چيو آهي ته پيرپاڳاري پاران سنڌ جي حقن لاءِ اختيار ڪيل موقف جي تائيد ڪريون ٿا ۽ جيڪڏهن هو آجپي جو نعرو هڻي ته جسقم سندس پويان هلڻ لاءِ تيار آهي، اهڙو اظهار هن جسقم تعلقي ميرپورخاص جي اڳواڻ يامين ڪلهوڙي جي والد رمضان ڪلهوڙي جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، آڪاش ملاح چيو ته شهيد بشير خان قريشي جي ايف آءِ آر سندس وارثن جي مرضي سان نه پئي ڪئي وڃي ۽ ان ڪيس جي جاچ ڪرائيم برانچ حيدرآباد کي ڏني وئي آهي، جيڪا اسان کي قبول ناهي، آڪاش ملاح سان گڏ مرڪزي اڳواڻ نجف لغاري، صفدر تنيو، ڄام منور سمون، اڪرم پنهور ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
 
 20-11-2012 

شهيد بشير خان ڪيس جي جاچ ڪرائيم برانچ کان ڪرائڻ جو فيصلو قبول ناهي:آڪاش ملاح
ٽنڊو محمد خان (ن ڪ) جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين آڪاش ملاح چيو آهي ته شهيد بشير خان قريشي جي قتل ڪيس جي ڪرائيم برانچ کان جاچ وارو حڪومتي فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول ن
ه ڪيو ويندو ، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم جي ضلعي ڪانگريس اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو ، هن چيو ته رت جي جزن جي پرڏيهي ليبارٽرين مان کان ٽيسٽون نه ڪرائڻ وارو عمل قتل ڪيس ۾ ملُوث جوابدارن جي سرپرستي ڪرڻ جو ثبوت آهي ، شهيد بشير خان قريشي جي شهادت جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪندو ۽ شهيد جو خون ضرور رنگ لائيندو، هن چيو ته محرالحرام کانپوءِ سنڌ جي آجپي واري قومي جدوجهد کي منظم ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ جي اندر قومي ڪارڪن مچ ثقافتي ڪچهريون شروع ڪندا، انهيءِ موقعي تي جساف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر علي تنيو ، جسقم جي ضلعي صدر ظهور هاليپوٽو، زاهد جسڪاڻي ، جساف جي ضلعي صدر جواد حسين سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ٻئي طرف جساف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر علي تنيو ، ضلعي صدر جواد حسين سومرو جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پوليس ۽ رينجرز طرفان شاگردن تي تشدد ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري اڄ سڄي سنڌ جي اندر سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
 
 18-11-2012

سنڌين کي هاڻي دوست ۽ دشمن جو تعين ڪرڻ گهرجي: صنعان قريشي 
حيدرآباد (پ ر) : جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته اسان اهڙي سنڌ جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ سڀ خوشحال ۽ آزاد حيثيت ۾ زندگي گذاريون. ڪو به سنڌي نوجوان غربت جي ڪري خودڪشي نه ڪري. ڪ
ابه ماءُ پنهنجو اولاد وڪڻڻ لاءِ بازارن ۽ چورانهن تي هوڪا نه ڏي. ڪو به مذهب جي نالي تي هڪ ٻئي جو خون نه وهائي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اهڙي سنڌ جي حاصلات لاءِ اسان پنهنجي آجپي واري هن اڙانگي سفر جي چونڊ ڪئي آهي. آجپو رت گهرندو آهي ۽ اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته سنڌي قوم پنهنجو فرض پورو ڪري دوست ۽ دشمن جو تعين ڪري. هن چيو ته جمهوريت هجي يا آمريت ٻنهي دورن ۾ سنڌ مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا آهن. هاڻي سنڌي سهپ واري لفظ کي ذهنن مان ڪڍي ڦٽو ڪري ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ عملي جدوجهد کي اپنائي. هن ملڪ مان بيزاري جو اعلان ڪن. هن وڌيڪ چيو ته جنهن ملڪ ۾ قوم جو استحصال ٿئي. ان ملڪ ۾ رهڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.
 
17-11-2012 

ڪوهستان ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهڻ واري سازش ناڪام بڻائبي:صنعان قريشي

حيدرآباد(پ ر/نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم منڌرو ۽ نجف لغاري پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪڏهن ذوالفقار آباد جهڙا سنڌ دشمن فيصلا ڪيا پيا وڃن ته ڪڏهن سنڌ حڪومت ڪوهستان جي هزارين ايڪڙ زمين ڀڳڙن مٺ وڪڻي سنڌ کي ڌا
رين حوالي ڪرڻ لاءِ راهه هموار پئي ڪري، ڪوهستان ۾ موجود قديم سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته ڪوهستان جي زمين جو هڪ انچ به ڌارين حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن اهڙو اعلان واپس وٺي قومي ڪارڪنن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم نه ڪيا ويا ته ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ ملوث ماڻهن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ٻئي طرف جيڪب آباد ۾ شهيد بشير خان قريشي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف جسقم اڳواڻن غلام سرور مستوئي، غوث بخش لاشاري ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، دادو ۾ غلام حسين، نبي بخش ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي. سڪرنڊ ۾ جسقم اڳواڻن مسعود شاهه، محبوب سنڌي ۽ قاسم سومرو جي اڳواڻي ۾ پارٽي اڳواڻن سرفراز ميمڻ، ساجن مغيري ۽ ٻين تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف بک هڙتال ڪئي وئي. هوڏانهن نوابشاهه ۾ جسقم پاران ”شهيد بشير خان قريشي جي شخصيت ڀٽائي جي شاعري جي آئيني ۾“ جي عنوان تي هڪ پروگرام منعقد ڪرايو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ساگر حنيف بڙدي، سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪي
 
16-11-2012 

شهادتن وارو رستو چونڊيو اٿئون، سنڌ لاءِ سر ڏينداسين:صنعان قريشي

حيدرآباد(نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته حڪومت جسقم پاران شهيد بشير خان قريشي جي ڪيس ۽ سنڌ جي تحفظ لاءِ هلندڙ جدوجهد کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اڳواڻن کي ڌمڪيون اسان لاءِ نيون ناهن، اهڙيون حرڪتون جدوجهد تان هٽائي نه ٿيون سگهن، هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جي آجپي لاءِ سرن جا نذرانا پيش ڪنداسين، انهي ڪري اسان شهادتن واري رستي جي چونڊ ڪئي آهي، هن چيو ته عدم تشدد ۾ وڏي طاقت سمايل آهي، ان طاقت کي اسان پنهنجي ڏاڪڻ بڻائي پنهنجو مقصد ماڻڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته جسقم انقلابي تنظيم آهي، ان ۾ شهيد بشير خان قريشي جي محنت شامل آهي، جسقم کي وڌيڪ مضبوط ۽ منظم ڪرڻ لاءِ جلد پارٽي جو اجلاس گهرائي انتهائي اهم فيصلا ڪيا ويندا، هوڏانهن جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر،  جي ايم ابڙو ۽ عامر عباسي کي اهلڪارن پاران کنڀڻ جي ڪوشش ۽ گهرن تي چڙهاين خلاف خيرپور ۾ جسقم ڪارڪنن سوڪ سينٽر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، جنهن کي اڪبر مڪول، اعجاز ڦلپوٽو، ديدار عالماڻي، سجاد سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن ڪوٽ بنگلو ۾ جواد کوکر ۽ سوڀوديرو ۾ ڪرم علي سامٽيو، حاڪم علي منگي، مولائي ملاح جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مظاهرا ڪيا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان پنهنجي قيادت جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، جيڪڏهن حڪمرانن ڪارروايون بند نه ڪرايون ته اسان پنجاب ويندڙ رستا بلاڪ ڪري ڇڏينداسين، ٻئي پاسي ڪوٽڙي پوليس پاران جسقم اڳواڻ عابد شيخ کي گرفتار ڪرڻ خلاف ڪارڪنن جلوس ڪڍي خورشيد ڪالوني چوڪ وٽ ٺٽو-ڪوٽڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي جسقم اڳواڻن ديدارشام ۽ عامر ٻگهيو چيو ته جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪارروايون بند ڪيون وڃن، بعد ۾ پوليس جسقم اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو
.

15-11-2012

شهيد بشير قريشي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ مڪاني نظام خلاف جسقم جو پيادل مارچ

حيدرآباد (نمائندن وٽان) شهيد بشير خان قريشي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ سنڌ ۾ لاڳو ڪيل ٻٽي مڪاني نظام خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ پاران 14 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، جڏهن ته جسق

م چيئرمين صنعان قريشي جو چوڻ آهي ته اسان کي ڀلي هتي انصاف نه ملي پر اسان شهيد جو ڪيس يو اين او تائين پهچائينداسين، ان سلسلي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، عبدالله سومرو، نعيم منڌرو ۽ نجف لغاري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته موجوده حڪومت ۽ رياستي ادارا بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر ۽ عامر عباسي کي ڌمڪين کانپوءِ گذريل رات سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جي ايم ابڙو جي گهر تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي، هنن چيو ته جسقم خلاف رياستي آپريشن جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته اسان پهرين ئي واضح ڪيو هو ته اسان جو مقصد شهيد بشير خان جي ناحق خون سان انصاف ڪرڻ آهي، اهڙي ڪاررواين مان اهو صاف ظاهر آهي ته شهيد بشير خان جي قتل ڪيس ۾ رياستي ادارا ملوث آهن، اسان چئون ٿا ته ڀلي اسان کي هتان جي ڪورٽن مان انصاف نه ملي پر اسان شهيد جو ڪيس اقوام متحده تائين پهچائينداسين، هوڏانهن جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ڳوٺ ماهي جا ڀاڻ مان شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود خان قريشي، جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر، ساگرحنيف بڙدي، ضلعي صدر محبوب ابڙو، سڌير تنيو، سيد آڪاش شاهه، اياز ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيرين پنڌ 14 ڪلوميٽر ريلي ڪڍي وئي، ريلي ڪنڊيارو ڏانهن رواني ٿي ته ڳوٺ ڪمن مهيسر، ڪمال ديرو، فاضل ابڙو، پنواڙي، آندل سولنگي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن پاران ريلي مٿان گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي وئي، جڏهن ڪنڊيارو پهتي ته سوين ڪارڪنن ۽ شهرين پاران اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي ريلي جو آڌرڀاءَ ڪيو ويو، شهر جي اسٽار چوڪ تي گڏ ٿيل وڏي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مقصود قريشي چيو ته اسلام ۽ پاڪستان جي نالي تي سنڌين سان گذريل 60 سالن کان زيادتيون ٿيون آهن، ڪمائي سنڌ ۽ کائين ٻيا ڀائر ٿا، شهيد بشير خان قريشي کي سنڌ سان محبت جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو پر حڪمران ڪيس به داخل نه ٿا ڪن، هن چيو ته سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪري اڌ سنڌ کي ڌارين حوالي ڪيو ويو آهي، جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر چيو ته شهيد بشير خان قريشي ڪراچي ۾ لکين سنڌين کي گڏ ڪيو ته رياست خوفزده ٿي وئي، کيس گولين ذريعي شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪامياب نه ٿيا، جنهن بعد هڪ سازش ذريعي شهيد بشير خان قريشي کي سنڌ کان هميشه لاءِ جدا ڪيو ويو، ميڙاڪي کي ساگر حنيف بڙدي، محبوب ابڙو، سڌير تنيو، منير ابڙو، اياز ڪورائي، سيد آڪاش شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته راڻيپور ۾ جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش خلاف روشن لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، جساف پاران لمس ۾ ڪارڪنن جي داخل ٿيڻ تي پابندي ۽ ڌمڪين خلاف لاڙڪاڻي ۾ جساف جي وقتي صدر اشرف ڪلهوڙو، اطهر سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ڏوڪري ۾ راءِ ڏياچ، شاهنواز شاهه ۽ ميرو خان ۾ صفدر تنيو، رضوان تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

14-11-2012

جسقم جي دادو ۾ بک هڙتال ختم، گهرن تي چڙهائين خلاف مظاهرا، ڌرڻا

دادو/خيرپور/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) بشير خان قريشي جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ سازش ۾ ملوث اصل قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ دادو پريس ڪلب آڏو 100 ڪلاڪن لاءِ شروع ڪيل بک هڙتال ڪالهه پنج
ين ڏينهن ختم ٿي وئي، جسقم جي ضلعي صدر غلام مصطفيٰ جانوري، امير شاهه ۽ جبل سنڌيءَ بک هڙتال تي ويٺل ڪارڪنن کي جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي، هوڏانهن خيرپور ۾ جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر کي گذريل رات کنڀڻ جي ڪوشش ڪرڻ خلاف اڪبر مڪول، صادق سومرو، فرحان کوسو، خادم سنڌي، جاويد ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري کي ادارا گذريل ڪيترن ڏينهن کان جسقم جي تحريڪ تان هٿ کڻڻ لاءِ مسلسل ڌمڪائي رهيا آهن، جڏهن ته گذريل رات کيس زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هنن چيو ته امجد مهيسر کي جيڪڏهن ڪو نقصان رسيو ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي، جڏهن ته جسقم ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهائي ڪرڻ توڙي بشيرخان قريشي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف جسقم پاران لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهري بعد علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي اطهرسومرو، نعيم پٺاڻ، ظفر مغيري، نور ابڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم منڌرو ۽ نجف لغاري پريس بيان ۾ چيو آهي ته رياستي ادارا شهيد بشير خان قريشي جي قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ جسقم جي شروع ٿيل جدوجهد کان خوفزدا ٿي پارٽي اڳواڻ کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر ۽مرڪزي پريس سيڪريٽري عامر عباسي کي رياستي ادارن طرفان مبينا کنڀي گم ڪرڻ واري امڪاني عمل کي اسان سمجهون ٿا ته شهيد بشير خان جي ڪيس تان هٿ کڻائڻ آهي، جسقم اڳواڻ امجد مهيسر ۽ عامر عباسي کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار رياستي ادارا هوندا.جسقم طرفان اڄ شڪارپور ۾ 100 ڪلاڪن واري بک هڙتال شروع ڪئي ويندي.

13-11-2012

شهيد بشير خان جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف جسقم جا مظاهرا، ڌرڻا

حيدرآباد (نمائندن وٽان) جسقم پاران ڪالهه مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، شهيد بشير خان قريشي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف دادو ۾ 100 ڪلاڪن واري بک هڙتال جاري آهي، ڪالهه چوٿين ڏينهن به عبدالله سومرو، غلام مصطفيٰ جانوري ۽ امير علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن بک هڙتال تي ويٺا، سندس حمايت ۾ ٻين پارٽين جا اڳواڻ اسحاق ڀرڳڙي، محمد هارون، محمد مٺل، حسين لغاري به پهتا، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ۾ جواد سومرو ۽ جاويد هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مديجي ۾ جسقم ۽ جساف پاران مظاهرو ڪري سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن کي ارشد جوکيو، منصور کوکر ۽ ٻين خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته شهيد بشير خان قريشي جو قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي، رتوديرو ۾ جساف ڊگري ڪاليج پاران عبدالله ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،هوڏانهن نوابشاهه ۾ جساف پاران گورنمينٽ ڪاليج کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي امتياز جمالي، شعيب ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته اهو به اعلان ڪيو ويو ته جسقم پاران 14 نومبر تي ڪمال ديرو کان ڪنڊيارو تائين 10 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويندو، جنهن جي اڳواڻي جسقم چيئرمين صنعان قريشي، مقصود قريشي ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ ڪندا، ٻئي طرف ماتلي ۾ جسقم پاران پ پ اڳواڻ ڪمال چانگ خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، غلام محمد سومرو، باغي ملاح، محمد خان چانڊيو، ممتاز زنئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڦلڪارا چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن بعد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري بدين-حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، هوڏانهن جسقم چيئرمين صنعان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم مينڌرو ۽ نجف لغاري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تاريخ سائين جي ايم سيد جي نظريي کي سچ قرار ڏنو آهي، هنن چيو ته سنڌ ڌرتي وسيلن سان مالا مال سرزمين آهي، جڏهن ته اڄ سنڌ جا رهواسي بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته گذريل 65 سالن کان وٺي سنڌي قوم سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي قوم پنهنجو مقدر پاڻ پنهنجي هٿن سان ٺاهي، ٻئي طرف جسقم وائيس چيئرمين آڪاش ملاح، عامر عباسي، مسرور ٿيٻو ۽ ٻيا صحافي احمد خان شيخ سان پٽ اشتياق شيخ جي قتل تي تعزيت ڪئي، هوڏانهن بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ ۽ جسقم نوابشاهه جي اڳواڻ سرفراز ميمڻ مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جسقم ضلعي ٺٽي جي صدر سرور خشڪ جي گرفتاري خلاف جساف جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف يونيورسٽين. ڪاليجن ۽ شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ مرڪزي قائم مقام صدر اشرف ڪلهوڙو، زمان ملاڻو، قائد عوام يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ مرڪزي پريس سيڪريٽري امان الله جوڻيجو، سهيل ميمڻ، سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪئمپس ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل صفدر علي تنيو، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ثقلين عباسي، لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري امتياز جسڪاڻي، مهراڻ ڪئمپس خيرپور ۾ خادم سنڌي، لمس ڄامشورو ۾ ڊاڪٽر محبوب نوناري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جي ايم جتوئي، زرعي يونيورسٽي ۾ شعيب ڀٽي، سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪئمپس ۾ حاجي حسين گوپانگ، قمبر ۾ ظهور احمد تنيو، دائود ڪاليج ڪراچي ۾ انيل ڏهر، ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهنواز تيباڻي، ٺٽو ۾ شهزاد لاشاري، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ افتخار مهر، سيد مجتبيٰ شاهه، محرابپور ۾ راشد ميمڻ، مٺي ۾ سيد شفقت شاهه، ڪوٽڙي ۾ عبدالسلام لاشاري، ٽنڊو محمد خان ۾ جواد حسين سومرو ۽ ٻين شهرن ۾ به اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

12-11-2012

سنڌي هاڻي به متحد نه ٿيا ته پوءِ سنڌ هٿن مان نڪري ويندي: صنعان قريشي

حيدرآباد/دادو/بوزدار وڏا(پ ر/نمائندن وٽان)جسقم چيئرمين صنعان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي، نعيم مينڌرو ۽ نجف لغاري پن
هنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي ڏنل نظريي هيٺ گڏ ٿي سنڌ جي حقن لاءِ عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي، هن وقت سنڌ انتهائي ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، جيڪڏهن هاڻي به سنڌي متحد نه ٿيا ته سنڌ هٿن مان نڪري ويندي، سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائي سنڌ کي ڌارين حوالي ڪرڻ بعد پ پ وارا واڳون وارا ڳوڙها پيا وهائن، هنن چيو ته هاڻي اهڙي ايوانن جي سنڌي قوم کي ضرورت ناهي، جنهن ۾ سنڌ جي قائم تاريخي حيثيت سان هٿ چراند ڪئي وڃي، هنن چيو ته سنڌ ماءُ سان غداري ڪندڙ حڪمران حقيقت ۾ ڌارين جي ايجنڊا تي پيا ڪم ڪن، پر اهي ياد رکي ڇڏين ته سنڌ کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي، تاريخ کين وجود کي مٽي ملائي ڇڏيندي، ٻئي پاسي جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڪراچي ۾ شهيد ٿيل جسقم سانگهڙ جي ڪارڪن معشوق مهر جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي، شهيد معشوق مهر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته جسقم طرفان سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو، دادو ۾ جسقم پاران بشير خان قريشي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ دادو پريس ڪلب آڏو 100 ڪلاڪن لاءِ شروع ڪيل بک هڙتال ڪالهه ٽئين ڏينهن به جاري رهي جسقم ضلعي دادو جي صدر غلام مصطفى جانوري، امير شاهه ۽ رمضان پنهور جي اڳواڻيءَ ۾ 50 ڪارڪنن بک هڙتال ڪئي مختلف سياسي سماجي ادبي تنظيمن جا اڳواڻ پڻ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتا جيڪي ۽ بشير خان قريشي جي قتل ۾ ملوث جوابدار خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، بوزدار وڏا ۾شهيد بشير خان قريشي جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ سنڌ ۾ ٻٽي نظام خلاف ايم ايس ايف ۽ جسقم طرفان مير حسن بوزدار، شفيق پنهيار ،ضمير انصاري ،نظام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

11-11-2012

بشير خان جي قتل ڪيس ۾ حڪومت بيوس بڻيل آهي:صنعان قريشي

لاڙڪاڻو/دادو/رتوديرو(نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته شهيد بشيرخان قريشي جي قتل ڪيس ۾ حڪومت بيوس بڻيل آهي ۽ سندس خون کي رائيگان ڪري رهي آهي، بشيرخان قريشي جا جزا پرڏيهه موڪلڻ کان اڳ گهرڀاتين توڙي جسقم اڳواڻن کي ٻڌايو به نه ويو آهي، اسان کي حڪومتي ادارن تي ڪو به اعتماد ڪونهي. ڪالهه لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جي ايم ابڙو

جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اهڙيون ڳالهيون ڪيون، جاري ڪيل بيان موجب صنعان قريشي وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال ۾ احتجاجن کانسواءِ ڪو رستو نه بچيو آهي، احتجاجن کي جاري رکيو ويندو، هن چيو ته سنڌ جي آجپي واري جدوجهد ڪندڙ شهيد بشيرخان قريشي جو آواز پنجاب سامراج ۽ ان جي اتحادين کي نه وڻيو، جن سنڌ سان دوکيبازي ڪئي آهي، تاريخ انهن کي ڪڏهن به نه بخشيندي، سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري ڏنل فڪر ۽ بشيرخان قريشي جي ڪيل جدوجهد وسيلي سنڌي ماڻهن تائين پهچي انهن جي ڏک سور ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿينداسين، سنڌي ماڻهن جي آواز کي ڪڏهن به بند نه ٿو ڪري سگهجي. ان موقعي تي اطهر سومرو، عامرعباسي، حاجي مومن اوڍو پڻ موجود هئا، هوڏانهن دادو ۾ جسقم پاران بشير خان قريشي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ دادو پريس ڪلب آڏو 100 ڪلاڪن لاءِ شروع ڪيل بک هڙتال ڪالهه ٻئي ڏينهن به جاري رهي، ضلعي صدر غلام مصطفيٰ جانوري، جبل سنڌي ۽ رمضان پنهور جي اڳواڻيءَ ۾ 50 ڪارڪنن بک هڙتال ڪئي، جڏهن ته حمايت ۾ دادو جي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا اڳواڻ پڻ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتا، ٻئي پاسي جساف جي مرڪزي قائم مقام صدر اشرف ڪلهوڙو جنرل سيڪريٽري صفدر تنيو جوائنٽ سيڪريٽري امتياز جسڪاڻي خزانچي خادم حسين سنڌي ۽ پريس سيڪريٽري امان الله جوڻيجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته تعليم دشمن ۽ سنڌ دشمن قوتون سنڌي شاگردن کان ڪراچيءَ جا تعليمي ادارا کسڻ کانپوءِ سنڌ جا ٻيا تعليمي ادارا به سنڌي شاگردن کان کسڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، جنهن جو مثال زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ايم آءِ ٽي جي داخلا 35 هزار رپيا مقرر ڪرڻ آهي.

09-11-2012

شهيد بشير خان سنڌ خلاف سازشن کي سمجهي ورتو هو:صنعان خان

شڪارپور/قمبر/نوابشاهه/حيدرآباد(نمائندن وٽان/پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته اسان شهيد بشير خان قريشي جو ڇڏيل مشن اڳتي وڌائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين، جسقم چيئرمين شڪارپور پهچي حادثي ۾ فوت ٿيل جساف ڪارڪن عابد خان پٺاڻ جي پونئيرن سان عذر خواهي ڪئي، جنهن بعد جسقم ميڊيا سينٽر تي پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد بشير خان قريشي سنڌ دشمنن جي سازش کي سمجهي ورتو هو، جنهن چيو هو ته سنڌ کي عالمي يتيم خاني ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، هن چيو ته ڌاريا سنڌ جي وسيلن تي قابض آهن، هاڻي سنڌ کي تعليمي معيار کان به پوئتي هٽايو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ اندر هڪ ٻيو سنڌ دشمن منصوبو ذوالفقار آباد ٺاهيو پيو وڃي، جنهن کي اسين ڪنهن به ريت ٺهڻ نه ڏينداسين، سنڌ سميت جتي به جسقم جا يونٽ موجود آهن، انهن جي باڊي کي وڌيڪ فعال بڻائڻو پوندو، ان موقعي تي جسقم ضلعي صدر سميع بلالي، حاجي نثار جکرو، امداد ويسر، علي سجاد، اسلام الدين لهر، مهراڻ هڪڙو، نادر جکرو، جبل سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي طرفان چوٿين ڏينهن به 100 ڪلاڪن واري بک هڙتال جاري رهي، بلڊپريشر گهٽجڻ ڪري بک هڙتال تي ويٺل 4 ڪارڪنن سهراب کوسو، نديم ٻٻر، پرويز جتوئي ۽ عبدالحميد بيهوش ٿي ويا، ڊاڪٽرن طرفان چڪاس ڪرڻ بعد گلوڪوز جون ڊرپون چاڙهيون ويون، ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻن عبدالله سومرو ۽ ڊاڪٽر الياس تنيو بک هڙتالي ڪئمپ جو دورو ڪيو. ٻئي طرف جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، نعيم مينڌرو، عامر عباسي ۽ نجف لغاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نوابشاهه پوليس انتظاميا قومي ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪارروايون بند ڪري جسقم جي سينيئر اڳواڻ سرفراز ميمڻ ۽ رفيق ملاح سميت سوين ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري، هنن چيو ته سرفراز ميمڻ، رفيق ملاح ۽ علي رضا خاصخيلي مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ نوابشاهه جي ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو، ٻئي پاسي ميڊيا سينٽر حيدرآباد ۾ جسقم عمرڪوٽ جي وفد مشتاق چانڊيو ۽ رمضان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان سان ملاقات ڪري ڪنري پوليس جي ناجائزين بابت آگاهه ڪيو، صنعان خان چيو ته ڪنري پوليس پنهنجو قبلو درست ڪري قومي ڪارڪنن جون گرفتاريون ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو بند ڪري نه ته جسقم اهڙي ناجائزين خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويندي. هوڏانهن جسقم نوابشاهه جي اڳواڻ رفيق ملاح جي گرفتاري خلاف جسقم پاران نوابشاهه ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان ڪيل مظاهري کي علي رضا خاصخيلي، گل ڏاهري ۽ ٻين خطاب ڪيو.
 
08-11-2012

جسقم طرفان سنڌ ۾ فريڊم مارچ ريليون ۽ ڌرڻا، لطيف
سرڪار ۽ سچل سائين جي درگاهن تي حاضري
حيدرآباد (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سنڌ ۾ فريڊم مارچ ريليون ڪڍيون ويون، جسقم قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر اهو مطالبو ورجايو آهي ته شهيد بشير خان قريشي
 جو قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي، خيرپور ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، سيڪريٽري جنرل امجد مهيسر ۽ اڪبر مڪول جي اڳواڻي ۾ وڏي ريلي ڪڍي وئي، جسقم ڪارڪنن حضرت سچل سرمست رحه جي درگاهه تائين مارچ ڪيو، اڳواڻن درگاهه تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعائون گهريون، ان موقعي تي صنعان خطاب ڪندي چيو ته رياست عدالت جي حڪم کي به نه مڃيو آهي، بابا کي هڪ سازش تحت قتل ڪيو ويو، امجد مهيسر ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو، حيدرآباد ۾ جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد کان فريڊم مارچ ڪيو ويو، مسرور ٿيٻو، عبدالغفار چانڊيو، مرتضيٰ پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٽنڊو محمد خان ۾ به آزادي مارچ ٿيو، جنهن جي اڳواڻي ظهور هاليپوٽو ۽ ٻين ڪئي، ٽنڊوالهيار ۾ مارچ جي اڳواڻي اڪرم پنهور، اقبال هاليپوٽو، باغي حبيب الله ڪالرو ۽ ٻين ڪئي، جسقم ڪارڪنن ٽنڊو ڄام ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، موري ۾ جسقم جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين آڪاش ملاح، سيد منير حيدر شاهه، مقصود قريشي، ساگر حنيف، ڪيهر انصاري، ياسين ملاح ۽ محبوب ابڙو جي اڳواڻي ۾ گچيرو روڊ کان آزادي مارچ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي شهيد عبدالرزاق چوڪ تي پهتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪيو، جڏهن ته جسقم مٽياري پاران هالا کان ڀٽ شاهه تائين آزادي مارچ ڪيو ويو ۽ ڀٽائي سرڪار وٽ حاضري ڀري وئي، ڪيهر انصاري، رشيد ڏيٿو ۽ ٻين خطاب ڪيو، اهڙي طرح لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي ٽاور کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، جتي اطهر سومرو، مظفر سانڊاڻو، اشرف ڪلهوڙو، سهيل ميمڻ، عزيز شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن ڄامشوري ۾ ريلي کي قربان سومرو، ديدار شاهه، رياض ناريجو ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٺٽي ۾ آزادي مارچ ريلي جي اڳواڻي جسقم اڳواڻ آصف بالادي ڪئي، سوين ڪارڪنن ريلي بعد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، اڳواڻن چيو ته شهيد بشير خان قريشي 7 نومبر تي ڪراچي ۾ لکين ماڻهن جو فريڊم مارچ ڪيو هو، ان جي ياد ۾ اڄ سنڌ ۾ اهڙيون ريليون ڪڍيون پيون وڃن، ٻئي طرف قمبر ۾ 100 ڪلاڪن واري بک هڙتال ڪالهه به جاري رهي، مرڪزي پريس سيڪريٽري عامر عباسي بک هڙتالي ڪئمپ جو دورو ڪيو، جڏهن ته عبدالله سومرو، فياض کوسو ۽ ڊاڪٽر الياس تنيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، شڪارپور ۾ عبدالسميع بلالي، مهراڻ هڪڙو ۽ ٻين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، نوابشاهه ۾ ريلي جي اڳواڻي آصف مگسي، سرفراز ميمڻ ۽ علي رضا خاصخيلي ڪئي، عمر ڪوٽ ۾ به آزادي مارچ ريلي نڪتي، مجيب آريسر، رمضان خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو، گهوٽڪي ۾ سيد عارف شاهه، محبوب گهوٽو، منصور مهر ۽ ٻين جسقم اڳواڻن ريلي ڪڍي جيڪا درگاهه نهري شاهه پهتي، ڪنڌ ڪوٽ ۾ ضلعي صدر ڏاڏو جکراڻي ۽ شاهه گل مزاري جي اڳواڻي ۾ فريڊم مارچ ڪيو ويو، تنگواڻي ۾ شربت نندواڻي ۽ ٻين ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو، ماٿيلي ۾ آزادي مارچ کي رمضان ڪلوڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي طرف باقراڻي ۾ سرائي فضل محمد سنديلو، ڏوڪري ۾ ارشاد ٻگهيو، ميهڙ ۾ اعجاز چانڊيو، پنو عاقل ۾ لالا شعبان پٺاڻ، سنڌڙي ۾ اڪبر مري، ٽنڊو غلام علي ۾ رياض کوسو، ماتلي ۾ باغي ملاح ۽ ٻين شهرن ۾ به ريليون ڪڍيون ويون، هوڏانهن جساف جي بيان موجب جسقم ۽ جساف جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پيادل مارچ ڪيا ويا، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ جساف جي وقتي صدر اشرف ڪلهوڙو، ڊاڪٽر سهيل سرڪي، سنڌ يونيورسٽي ميرپور خاص ڪئمپس ۾ جساف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل صفدر علي تنيو، منصور ڪنڀر، راجيش ڪمار جي اڳواڻي ۾ جساف ۽ يونيورسٽي جي سوين ڪارڪنن پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام کان جساف ڪارڪنن ربنواز ملاڻو جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو ڄام پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو، لمس ۾ ڊاڪٽر محبوب نوناري، سنڌ يونيورسٽي ۾ جي ايم جتوئي، نويد ڏيرو، لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ امتياز جسڪاڻي، مهراڻ ڪئمپس خيرپور ۾ خادم سنڌي، فيصل عباسي، صدام تنيو، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ افتخار، سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين ۾ حاجي حسين گوپانگ، سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس ۾ مهتاب ڪلهوڙو، قائد عوام ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ مرڪزي پريس سيڪريٽري امام الله جوڻيجو، دائود ڪاليج ڪراچي ۾ انيل ڏهر، سارنگ سيلرو، ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهنواز، اردو وفاقي يونيورسٽي ۾ مخدوم بلاول ۽ ٻين ادارن ۾ به ريليون نڪتيون.
 
06-11-2012 

”بشير خان جو ڪيس داخل ڪريو“:قمبر ۾ به 100 ڪلاڪن جي بک هڙتال

قمبر/ٺل/ٽنڊو محمد خان/نوابشاهه/حيدرآباد (نمائندن وٽان) شهيد بشير خان قريشي جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف لاڙڪاڻي کانپوءِ قمبر ۾ به جسقم پاران 100 ڪلاڪن واري بک هڙتال شروع ڪئي وئي آه

ي، جڏهن ته ٺل ۾ 72 ڪلاڪن واري بک هڙتال ختم ٿي وئي آهي، شهيد ڀٽو چوڪ تي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جتي 15 کان وڌيڪ ڪارڪن ممتازلاکو، شاهجهان ڪلهوڙو ، فياض کوسو ۽ يونس سومرو جي اڳواڻي ۾ 100 ڪلاڪن جي بک هڙتال تي ويٺا، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي قمبر ۾ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي ڪارڪنن کي گلن جا هار پارايا، صنعان قريشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد بشير قريشي کي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ لکين سنڌين کي گڏ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪرايو ويو آهي، شهيد بابا جي قتل ۾ رياست ملوث آهي، هڪ سازش تحت کيس قتل ڪرايو ويو آهي، ڪيس داخل ڪرائڻ اسان جو قانوني حق آهي، هن وڌيڪ چيو ته سرڪار 8 مهينا اڳ شهيد بشير خان قريشي جي جسم جا جزا رکڻ بعد هينئر چون پيا ته عالمي ساک رکندڙ ادارن مان چڪاس ڪرائي ويندي، پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته انهن سان اسان جو ماڻهو به گڏ ويندو پر اسان سان ڪوبه رابطو نه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ 100 ڪلاڪن جي بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي، آئينده جدوجهد جو فيصلو پارٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويندو، هوڏانهن ٺل ۾ 72 ڪلاڪن واري جاري بک هڙتال دوران شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود احمد قريشي، صفدر تنيو،عامر عباسي، سميع بلالي، ايس يو پي جي ڊويزنل اڳواڻ جوش ٻرڙو ۽ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي ڪارڪنن کي جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي ڇڏي، شهيد بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو مقصود قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي حمايت ڪندي ٺل جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن ايس ٽي پي، وطن دوست مزدور فيڊريش، پ پ (ش ڀ)، عوامي تحريڪ، جست ۽ ٻين جماعتن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، انهي کان اڳ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ شفيق احمد کوسو پڻ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتو، جتي هن چيو ته شهيد بشير خان قريشي هڪ بهادر انسان هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي ۾ پنهنجي نظريي سان سچو رهيو، ٻئي طرف ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم تعلقي ٽنڊو محمد خان پاران جسقم اڳواڻ عنايت ڪنڀار، يار محمد ڀٽي ، جاويد هاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڪارڪنن اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي هٿن ۾ سائميون کڻي انوکو احتجاج ڪيو، هوڏانهن پوليس سڪرنڊ روڊ تان جسقم اڳواڻ رفيق ملاح کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، اهڙي گرفتاري بعد جسقم جي اڳواڻن علي رضا خاصخيلي، گل ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جتي اڳواڻن چيو ته اسان جي ڪارڪنن ۽ مقامي اڳواڻن کي بنا جواز گرفتار ڪري سندن مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي، اسان اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾مذمت ڪندي چتاءُ ٿا ڏيون ته رفيق ملاح کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، جڏهن ته ٺٽي ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ دهشتگردي ڪيس ۾گرفتار جسقم اڳواڻ سرور خشڪ کي ڪالهه حيدرآباد ۾دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت کيس 8 نومبر تائين رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

05-11-2012

بشير خان جا جزا پرڏيهه اماڻڻ بابت اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو:صنعان قريشي

لاڙڪاڻو/ٺل/ٽنڊو محمد خان/ٺٽو(نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته رياست بشيرخان قريشي جي قتل ۾ ملوث آهي، جنهن ڪري مختلف حربا استعمال ڪري قتل کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، صحت کاتي طرفان بشير خان قريشي جا جزا چڪاس لاءِ لنڊن موڪلڻ متعلق پارٽي يا خاندان سان رابطو ناهي ڪيو ويو، قائم ڪيل ڪاميٽي تي اسان کي اعتماد نه آهي، سنڌي عوام جي احتجاجن بعد حڪومت طرفان بشير خان قريشي جا جزا ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه لاڙڪاڻي ۾ جسقم ڪارڪنن طرفان بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ خلاف شروع ڪيل 100 ڪلاڪن واري بک هڙتال ختم ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته قتل ڪيس ۾ جن جوابدارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، بشير خان قريشي کي سنڌ جي آجپي جي ڳالهه ڪرڻ تي شهيد ڪيو ويو، شهادت جو اهو تسلسل آهي، جسقم جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن سنڌ جي آجپي لاءِ پنهنجون قربانيون ڏيندا رهندا. ان کان اڳ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، وائيس چيئرمين ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو ۽ ٻين لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي 100 ڪلاڪن واري بک هڙتال تي ويٺل 40 ڪارڪنن کي جوس پياري هڙتال ختم ڪرائي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين بک هڙتال تي ويهندڙن ڪارڪنن اطهر سومرو، مومن اوڍو ۽ ٻين کي جسقم جون ٽوپيون، اجرڪ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا، جڏهن ته بشير قريشي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ خلاف چيئرمين صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي واپس پريس ڪلب پهتي، جسقم چيئرمين اعلان ڪيو ته 100 ڪلاڪن واري بک هڙتال سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مرحليوار جاري رکي ويندي. ان سلسلي ۾ اڄ قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ڪارڪن احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري بک هڙتال تي ويهندا، جڏهن ته ٺل ۾ به بشير خان قريشي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف 72 ڪلاڪن واري بک هڙتال جاري رهي، بک هڙتال  دوران اختر جعفري، گل حسن ٻرڙو ۽ اڪبر لاشاري  سميت 4 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، جنهن بعد ڊاڪٽر کي گهرائي هنن جي چڪاس ڪئي وئي ۽ هنن کي ڊرپس لڳايون ويون، ايس يو پي، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ، پ پ ( ش ڀ) ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ پڻ حمايت ۾ بک هڙتال تي ويٺا، جڏهن ته انهي موقعي تي ڪارڪن شهيد بشير قريشي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعري بازي ڪندا رهيا، ٽنڊو محمد خان ۾ جساف جي ضلعي صدر جواد حسين سومرو ، صوفي حامد سنڌي ، ظهور هاليپوٽو ، زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، مظاهري کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت بشير خان قريشي کي شهيد ڪري هاڻي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري جوابدارن کي قانوني تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، هوڏانهن جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين آڪاش ملاح چيو آهي ته پ پ مڪاني نظام مڙهي غداري ڪئي آهي، جنهن جو تاريخ ۾ مثال ئي نٿو ملي، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آڪاش ملاح چيو ته حڪمرانن ڌرتي جي ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجا سڄڻ ۽ دشمن سڃاڻين، هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن هميشه پ پ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائي اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو آهي پر پ پ سرڪار سنڌ ۾ ٻٽو نظام مڙهيو آهي، جسقم اڳواڻن صديق هاليپوٽو، ڪارو هاليپوٽو، غلام حيدر شاهه ۽ ٻين خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ جسقم اڳواڻ دادن نظاماڻي جي زرعي زمين تي بيٺل فصل کي ڀيلائي سندس لکين رپين جو نقصان ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف جسقم ضلعي ٺٽي جي صدر سرور خشڪ جي گرفتاري ۽ مٿس داخل ڪيل ڪيسن خلاف ٺٽي ۾ جسقم جي  ڪارڪنن سيد سرور شاهه ڀاڏائي،  اسحاق خشڪ، اختر ترڪ ۽ محمد علي شيخ جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

31-10-2012

جسقم پاران پهرين نومبر کان لاڙڪاڻي ۾ 4 ڏينهن بک هڙتال جو اعلان

گهوٽڪي/لاڙڪاڻو/ٽنڊو محمد خان (نمائندن وٽان)جسقم طرفان شهيد بشير خان قريشي جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف پهرين نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ 4 ڏينهن تائين بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان، جسقم چيئرمين صنعان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، نعيم مينڌرو، عامر عباسي ۽ نجف لغاري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته شهيد بشير 

خان قريشي جي خون کي لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،شهيد بشيرخان قريشي جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ اصل مقصد ناهي پر ان ڪيس جي ذريعي اسان اصلي قاتلن تائين پهچي کين وائکو ڪري سزا ڏيارڻ چاهيون ٿا جنهن ڪري اسان جدوجهد ڪرڻ جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ ان جي پهرين مرحلي ۾ اسان سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ 100 ڪلاڪن جون بک هڙتالون ڪنداسين ۽ پهرين نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ جسقم جا سوين ڪارڪن شهيد بشير خان قريشي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ 4 ڏينهن بک هڙتال تي ويهندا،هنن چيو ته اسان عدم تشدد جا قائل آهيون ۽ شهيد بشير خان قريشي جي روايتن موجب اهڙي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، ٻئي طرف جسقم گهوٽڪي جو اجلاس امجد مهيسر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ شهيد بشير خان قريشي جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيو ويو، اجلاس ۾ عبدالله سومرو، عامر عباسي اياز ڪورائي لالڻ ويسر شرڪت ڪئي، هوڏانهن جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين آڪاش ملاح چيو آهي ته سنڌ جا لکين ماڻهو ٻٽي مڪاني نظام کي هرگز قبول نه ڪندا، ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم اڳواڻ ظهور هاليپوٽو جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ پ پ ۽ شيرازي گروپ جي ماڻهن جسقم جي ضلعي صدر سرور خشڪ مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ، کيس گرفتار ڪرايو آهي ، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ پهرين نومبر تي جسقم جي ضلعي صدر سرور خشڪ جي گرفتاري خلاف، ٺٽي ضلعي اندر شٽربند هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا ۽ 2 نومبر تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ، هن ٺٽي ضلعي جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته پهرين نومبر تي جسقم پاران اعلانيل شٽربند هڙتال کي ڀرپور ڪامياب بڻائين ، جڏهن ته ان بعد جسقم جي مرڪزي وائيس چئيرمين آڪاش ملاح ٽنڊو محمد خان جي ايس ٽي پي هائوس تي وڃي، ايس ٽي پي ناري تحريڪ جي اڳواڻ ثمينه خاصخيلي کي خراج تحسين پيش ڪندي مڃتا طور کيس اجرڪ اوڍائي، ان موقعي تي ايس ٽي پي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، جسقم ضلعي صدر منير نظاماڻي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، هوڏانهن 6 ڏينهن اڳ ٺٽو پوليس هٿان گرفتار ڪيل جسقم ضلعي ٺٽي جي صدر سرور خشڪ کي ڪالهه حيدرآباد ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت سرور خشڪ کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن جسقم اڳواڻ مصطفيٰ چنا، سجاد خشڪ، افضل خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پهچي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته گهاري ۾ سيد عادل شاهه ۽ غلام حسين خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڪراچي-ٺٽي روڊ تي ڌرڻو پڻ هنيو ويو، جڏهن ته سڪرنڊ ۾ جسقم اڳواڻ مصطفيٰ زنئور ۽ نياز زنئور تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مسعود شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي.
 
 24-10-2012 

بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ تي توهين

عدالت جي پٽيشن داخل: مختلف شهرن ۾ ريليون: ڌرڻا

حيدرآباد (نمائندن وٽان) سڪرنڊ پوليس پاران عدالتي حڪم باوجود جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ تي جسقم پاران توهين عدالت جي درخواست داخل، ايس ايڇ او طلب، جسقم جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلوس ۽ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ان ڏس

۾ سڪرنڊ پوليس پاران عدالتي حڪم باوجود سڪرنڊ ٿاڻي تي شهيد بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ تي شهيد بشير خان قريشي جا ڀاءُ مقصود قريشي پنهنجي وڪيل شهباز ڏاهري وسيلي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج انعام علي ڪلهوڙو جي عدالت ۾ توهين عدالت جي درخواست ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عدالتي حڪم باوجود سڪرنڊ پوليس اسان کي 5 ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اهڙي درخواست تي عدالت 31 آڪٽوبر تي سڪرنڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي طلب ڪري ورتو آهي، هوڏانهن نوابشاهه ۾ مقصود قريشي، سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، مسعود شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ٻئي طرف ٽنڊي باگي ۾ جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين آڪاش ملاح، علي حيدر شاهه، اياز جوڻيجو، غلام رسول انڙ ۽ فراق هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن کاڏو کان ٽنڊو باگو تائين موٽر سائيڪلن تي ريلي ڪڍي باگي واهه جي پل تي ڌرڻو هنيو، جنهن کي خطاب ڪندي آڪاش ملاح چيو ته شهيد بشير خان جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ ۽ سنڌ جي آجپي تائين جدوجهد جاري رهندي، هن چيو ته چونڊيل وڏيرا سنڌ جي ورهائڻ وارا قانون پاس ڪرائي چنيسر وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اڄ خاموش ڇا آهي؟، سکر ۾ جسقم ڪارڪنن تير چوڪ وٽ مظاهرو ڪيو، جنهن کي غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، منٺار ٻرڙو، قمر الدين گهمرو ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن پني عاقل ۾ جسقم ڪارڪنن لال شعبان پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ پارٽي آفيس اڳيان مظاهرو ڪيو، گهوٽڪي ۾ جسقم ڪارڪنن سليم شاهه، محبوب گهوٽو، عارف شاهه جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ميرپور ماٿيلي ۾ وزير لاشاري، لياقت لغاري، اظهر ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان ڀٽائي چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، نوشهروفيروز ۾ جسقم جي وائيس چيئرمين ڪيهر انصاري، روپلو وسطڙو، خادم سيال جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪيهر انصاري مطالبو ڪيو ته شهيد بشير خان جي جزن جي پرڏيهي ليبارٽري مان چڪاس ڪرائي وڃي، ٻئي طرف ڪنڊيارو ۾ محبوب ابڙو،هارون ڪلهوڙو، آصف شاهه ۽ قاضي احمد ۾ ڏاڏو مهر، شائل لاکو، بشير جتوئي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، خيرپور ۾ جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر، اياز ڪورائي، اڪبر مڪول، فرحان کوسو، صادق سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي امجد مهيسر چيو ته هڪ ايس ايڇ او به عدالتي حڪم مڃڻ لاءِ تيار ناهي، اهڙي صورت ۾ اسان کي انصاف ڪيئن ملندو؟ هوڏانهن گمبٽ ۽ ٺري ميرواهه ۾ راحيل ٻانڀڻ، اعجاز ڦلپوٽو، جاويد اڄڻ، ضمير ڀٽي، شاهد شيخ، ذاڪر عالماڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ٻئي طرف ڪنڌ ڪوٽ ۾ واليڏنو سبزوئي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن لائبريري چوڪ کان گهنٽا گهر چوڪ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ جسقم ڪارڪنن ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ اڳيان ڌرڻو هنيو، جنهن کي اطهر سومرو، مظفر سانڊاڻو، جي ايم ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن رتوديرو ۾ امن اوڍو، شبير ڏاهاڻي، اڪرم ڀٽي، شهزاد عباسي، ڏوڪري ۾ ڪامريڊ رڪ سنڌي، ارشاد ٻگهيو، نديم باغي، پرويز منگي، ذوالفقار جلباڻي ۽ نصير آباد ۾ شاهد کوکر، عاشق ڪلهوڙو ۽ بشير باغي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، قمبر ضلعي جي شهرن قمبر، شهدادڪوٽ، سجاول جوڻيجو، وڳڻ ۾ ممتاز لاکو شاهجهان ڪلهوڙو، اياز ٻرڙو، سڪندر سومرو، فيصل مغيري، غلام نبي کوسو، حاجن لانگاهه، عبدالوحيد چانڊيو، امير جان مگسي، مختيار پنهور ۽ جي ايم وڳڻ جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي باهيون ڏئي ڌرڻا هنيا ويا، ميرپور خاص ۾ جساف پاران ياسر لغاري، وقاص جلباڻي، علي ڀرڳڙي، توفيق لغاري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ڌاٻيجي ۾ جسقم ڪارڪنن سرور خشڪ، اسد گوپانگ، مقصود جوکيو، حفيظ جوکيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، نوري آباد ۾ مهراڻ پالاري، احسان بيگ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، حيدرآباد ۾ جسقم جي ڪارڪنن ريڊيو پاڪستان چوڪ وٽ مظاهرو ڪيو، جنهن کي ضلعي صدر مسرور ٿيٻو، غفار چانڊيو، ساگر حنيف بڙدي، رحمان پيرزادو ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٽنڊالهيار ۾ جسقم ڪارڪنن اقبال هاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، ٻئي طرف مٽياري ۾ جسقم اڳواڻن عبدالرشيد ڏيٿو، عيدن ڪلهوڙو، مرتضيٰ ملاح جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ٽنڊو ڄام ۾ جسقم ۽ جساف ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، جنهن کي هزار خان کونهارو، گلزار سرگاڻي، جاويد جمالي، سڪندر سيلرو خطاب ڪيو.هوڏانهن جسقم جي چيئرمين صنعان قريشي، عبدالله سومرو، يونس سومرو، عامر عباسي ۽ ٻين گلشن حديد ۾ عبدالواحد آريسر جي عيادت ڪئي. 

22-10-2012 

ڪوٽڙي ۾ جسقم جي ”رهبر سنڌ ريلي“ خدا جي بستي کان 4 ڪلوميٽر پيادل مارچ، پوليس سان چڪريون.

 جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ڪوٽڙي ۾ خدا جي بستي کان ”رهبر سنڌ ريلي“ ڪڍي 4 ڪلوميٽر مارچ ڪيو ويو، جسقم چ
يو ته سنڌ کي ورهائڻ جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، جسقم پاران خدا جي بستي کان آڪاش ملاح، مقصود قريشي، منير شاهه، عالم ٻگهيو، ديدار شاهه، پنهل ساريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهبر سنڌ ريلي ڪڍي 4 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، ريلي ۾ شامل هزارين ڪارڪنن جي زوردار نعريبازي سبب سڄو شهر جيئي سنڌ جي نعرن سان گونجي اٿيو، ريلي بهار ڪالوني، ڀٽائي ڪالوني ۽ خورشيد ڪالوني کان ٿيندي 4 ڪلوميٽر مارچ ڪرڻ بعد جڏهن شاهه لطيف چوڪ کان شهر ۾ داخل ٿي ته ڪوٽڙي پوليس جي اٽالن ريلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جهڙپون ٿيون، ڪارڪن پوليس جون رڪاوٽون ٽوڙي ڪوٽڙي شهر ۾ داخل ٿي ويا، بعد ۾ ريلي لياقت روڊ تان ٿيندي سوزوڪي اسٽاپ تي پهتي، جتي ڪارڪنن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين آڪاش ملاح خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي پاڻي، گئس، تيل، يورينيم ۽ معدني وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي، سنڌ کي ورهائڻ جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، هن وڌيڪ چيو ته سائين جي ايم سيد لاءِ گٿا لفظ ڳالهائيندڙ پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائين، هن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ”رهبر سنڌ ريليون“ ڪڍيون وينديون، ريلي کي خطاب ڪندي جسقم جي مرڪزي ترجمان مقصود قريشي چيو ته هڪ منظم سازش تحت پنجاب سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي، سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ شهرن ۾ دهشتگردي ڪرائي سازشون ڪيون ويون آهن، هن وڌيڪ چيو ته سائين جي ايم سيد عدم تشدد جو باني هو، ان جي خلاف ڳالهائيندڙ پاڻ دفن ٿي ويندا، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ منير حيدر شاهه چيو ته پ پ حڪومت سدائين سنڌ کي نقصان پهچايو آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪو نظام آڻڻو هو ته سڄي سنڌ ۾ هڪ نظام آندو وڃي ها، ديدار شاهه ۽ عرفان شاهه چيو ته ملڪ اسد سدائين هر حڪومت جو حصو رهيو آهي، جي ايم سيد خلاف ڳالهائڻ بند ڪري، نه ته سندس گهيراءُ ڪيو ويندو، ريلي کي ايڊووڪيٽ رميش، شاهد سولنگي، قربان سومرو، غفار چانڊيو، عالم ٻگهيو ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن ٽنڊو ڄام ۾ سهيل ڀٽو، وفا ڪاشف ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شروع ڪيل 24 ڪلاڪن واري بک هڙتال پڄاڻي تي پهتي, ڪالهه جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي بک هڙتال تي ويٺل اڳواڻن کي جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي, ان موقعي تي نياز ڪالاڻي ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد بشير خان جي قتل ۾ رياست ملوث آهي، شهيد بشير خان جا وارث ۽ جسقم جا ڪارڪن قاتلن کي ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ ڏسڻ چاهن ٿا، جنهن لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي، ان موقعي تي جسقم ضلعي حيدرآباد جو صدر مسرور ٿيٻو، رحمان پيرزادو، احمد شيخ، گلزار سرگاڻي، سورهيه سنڌي، عادل خاصخيلي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا، جڏهن ته پير جو ڳوٺ ۾ ٻٽي نظام خلاف ٻئي ڏينهن به جسقم ڪارڪنن بک هڙتال ڪئي، جڏهن ته بشير مهيري ۽ ٻيا بک هڙتال تي ويٺا، محرابپور ۾ اختر موجائي، عتيق وسطڙو، فياض راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻٽي نظام، سائين جي ايم سيد لاءِ گٿا لفظ ڳالهائڻ ۽ قاري عبدالحڪيم جي گرفتاري خلاف ريلي ڪڍي وئي، ميرو خان ۾ لياقت سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو، ٻئي طرف جسقم چيئرمين صنعان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي ۽ نجف لغاري پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي قوم جي سڀني مسئلن جو حل سائين جي ايم سيد جي نظريي ۾ سمايل آهي، سنڌ ڌرتي قدرتي وسيلن سان مالا مال هوندي به هتان جا ماڻهو پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ ماني جي ڳڀي لاءِ به پريشان آهن.
 
19-10-2012

پ پ سنڌ دشمني ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، عيد بعد تحريڪ هلائينداسين: صنعان قريشي
رتوديرو (ن ع آ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي رتوديرو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ مسلسل سنڌ جي ل
اءِ سائين جي ايم سيد جي نظرئي ، فڪر ۽ فلسفي تحت عدم تشدد جي پاليسي تي عمل ڪرائيندي سياسي جدوجھد ڪندي آئي آهي . ۽ اسان هميشه اهو چوندا آيا آهيون ته اقتدار جي مٽا سٽا ۽ پارليا مينٽري سياست سان اسان جو ڪوبه واسطو ناهي . اسان صرف سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجھد ڪري رهيا آهيو . جنهن ۾ اسان کي ڪيتريون ئي شهادتون مليون ۽ هزارن جي تعداد ۾ رياستي ڏاڍ تحت قومي ڪارڪنن کي جيلن ۾ موڪلي تشدد ڪيا ويا . پ پ سنڌ دشمني ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي آهي ، جنهن ۾ ذوالفقار آباد جھڙا منصوبا ٺاهي سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وري ٻٽو نظام ڏئي ڪراچي جھڙي شهر تان سنڌي ماڻهن جي مالڪي کسڻ جھڙيون سازشون ڪيون پيون وڃن . اسان انهن سڀني سنڌ دشمن سازشن کي رد ٿا ڪريون ۽ عيد کانپوءِ انهن مسئلن تي جسقم طرفان مسلسل ۽ منظم تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪنداسين . هن چيو ته پ پ سنڌ دشمني جي ان حد تائين لهي آئي آهي ته سائين جي ايم سيد جھڙي عظيم هستي جنهن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آجپي، خوشحالي ۽ بهتري لاءِ پنهنجي زندگي گذري، پ پ جا وزير ۽ صلاحڪار ڳالهائڻ بند ڪن ۽ حيدر منزل خلاف ڪريل ٻولي استعمال نه ڪئي وڃي.

جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر بشير خان قريشي قتل ڪيس جي نواب شاهه پوليس طرفان پاڻ مرادي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۽ ان جي جاچ ڪرائيم برانچ حوالي ڪرڻ واري مامري تان مڪمل طور تي لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ پريس ڪلب خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي امجد مهيسر چيو ته نواب شاهه پوليس طرفان داخل ڪرايل فرياد جو جسقم ۽ بشير خان قريشي جي وارثن سان ڪوبه تعلق نه آهي جڏهن ته 
اسان وڪيلن جي جوڙيل پينل معرفت عدالتي فرياد داخل ڪرائينداسون. نواب شاهه ۾ سائين جي ايم سيد ۽ بشير خان قريشيءَ جون تصويرون لاهي انهن جي بي حرمتي ڪرڻ واري واقعي بابت ڳالهائيندي امجد مهيسر چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ دشمن پاليسين جي ڪري خوار ۽ خراب ٿي آهي ۽ پنهنجي ڪرندڙ سياسي ساک کي رياستي ڏاڍ ذريعي واپس ڪرائڻ چاهي ٿي پر اهي پنهنجين اهڙين سازشن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ويندا.سنڌ جو عوام نثار کهڙو سميت ٻين اڳواڻن مٿان جوتن ۽ ٽماٽرن جو وسڪارو ڪن ٿا ايتري تذليل برداشت ڪندڙ موجوده حڪمرانن کي گهرجي ته اُهي ڍڪڻن ۾ پنهنجا نڪ ٻوڙين. امجد مهيسر ان موقعي تي نواب شاهه ۾ جي ايم سيد ۽ بشير خان قريشيءَ جون تصويرون لاهڻ واري عمل خلاف سڀاڻي 19 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پريس ڪانفرنس دوران جسقم جا مرڪزي اڳواڻ اڪبر مڪول، عثمان ميمڻ، خادم سنڌي، فرحان کوسو، نظير لنڊ، صادق سومرو، شفيق پنهيار ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا. بعد ۾ نواب شاهه ۾ جي ايم سيد ۽ بشير خان قريشيءَ جون تصويرون لاهڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب خيرپور ٻاهران
 
احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي.
 
18-10-2012 

 بشير خان قريشي قتل ڪيس جي جاچ سڪرنڊ

مان منتقل ڪري ڪرائيم برانچ حوالي
حيدرآباد/سڪرنڊ (اسٽاف رپورٽر/ن ڪ) آءِ جي سنڌ جي حڪم تي جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي قتل بابت سڪرنڊ ٿاڻي تي داخل ڪيس جي جاچ ڪرائيم برانچ حيدرآباد کي منتقل ڪئي وئي آهي، ان
 سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي ڪرائيم برانچ حيدرآباد فرحت جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي ڪرائيم برانچ عطاءُالله چانڊيو ۽ ٻن انسپيڪٽرن تي ٻڌل هڪ خاص ٽيم جوڙي وئي آهي، جيڪي جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي قتل ڪيس جي جاچ ڪندا، ان سلسلي ۾ جاچ ٽيم جي عملي ڪالهه سڪرنڊ ٿاڻي تي داخل ڪيس جو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڏني آهي، ايس پي ڪرائيم برانچ عطاءُالله چانڊيو موجب ڪيس جو رڪارڊ اڄ تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيس جي شفاف ۽ منصفاڻي جاچ ڪري رپورٽ اعليٰ اختيارين حوالي ڪئي ويندي

ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ميڙاڪا،
مزارن تي حاضري، جدوجهد جاري رکڻ جو وچن

حيدرآباد (نمائندن وٽان) ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ميڙاڪا ٿيا، اڳواڻن پاران شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪيو

 ويو، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ جسقم پاران ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ياد ۾ ميڙاڪو ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صنعان قريشي چيو آهي ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، 28 سال اڳ بيگناهه نوجوانن کي سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، جن جي عظمت کي سرخ سلام پيش ڪريان ٿو، جيستائين ساهه آهي سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ جي ايم ابڙو چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي هن جدوجهد جو بنياد وڌو، اسان کين سلام پيش ڪريون ٿا، عبدالله سومرو چيو ته 28 سال اڳ پنج نوجوانن کي شهيد ڪرڻ وارو واقعو اڄ به نه وسريو آهي، شهيد اسان جي دلين ۾ زنده آهن ۽ زنده رهندا، عامرعباسي چيو ته 17 آڪٽوبر جو ڏينهن ڪارو ڏينهن آهي، سنڌي نوجوانن کي بيگناهه شهيد ڪيو ويو، ان ڪري سرعام پنج نوجوانن کي گوليون هڻي قومپرست ڪارڪنن کي ڊيڄارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، مظفرسانڊاڻو، اطهرسومرو، عزيزشيخ، ايازڪورائي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، هوڏانهن جسقم چيئرمين صنعان قريشي نصيرآباد ويجهو ڳوٺ چوديرو ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيد امير علي شاهه جي مزار تي قافلي جي صورت ۾ پهچي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي کيس ڀيٽا ڏني،ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ياد ۾ ٽنڊو ڄام ۾ جسقم تعلقي حيدرآباد پاران تقريب ٿي، تقريب کي هزار خان کونهارو، گلزار سرگاڻي، جاويد جمالي، سڪندر سيلرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هن وقت تڪليف مان گذري رهي آهي، سنڌ کي هاڻي ٽوڙهي جي شهيدن واري دور جهڙو جدوجهد جي ضرورت آهي، نصيرآباد ۾ جسقم پاران ڪارو ڏينهن ملهائي موٽرسائيڪلن جي ريلي ڪڍي ڳوٺ چوديرو ۾ شهيد امير علي شاهه جي مزار تي شاهد کوکر، عاشق علي ڪلهوڙو ۽ بشير باغي جي اڳواڻي ۾ حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي وئي، ڏوڪري ۾ جسقم پاران ٽائون هال ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ارشاد ٻگهيو، نديم باغي، رڪ سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو، رسول آباد ۾ جسقم تعلقي سوڀوديرو جي اڳواڻ ارشاد پپو چنا جي رهائشگاهه تي ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ياد ۾تقريب ڪوٺائي قرآن خواني ڪئي وئي، ڄامشوري ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻن آڪاش ملاح، مقصود قريشي، ديدار شام، قربان سومرو ۽ سماجي اڳواڻ پنهل ساريو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پاران ريلي ڪڍي ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن انور عباسي ۽ مٺو بليدي جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جي چادرون چاڙهيون ۽ ڀيٽا پيش ڪئي وئي، هوڏانهن جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، مسور ٿيٻو، رحمان پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي هيٺ ڪارڪنن پاران شهيد مٺو بليدي ۽ انور عباسي جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جو چادرون چاڙهيون ۽ ڀيٽا پيش ڪئي، خيرپور ناٿن شاهه ۾ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ جسقم،
ڪارڪنن غلام محمد گاڏهي، غلام شبير لاکير، علي حسن گاڏهي، واجد گاڏهي ۽ ٻين شرڪت ڪري خطاب ڪيو، ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيد جي 28 هين ورسي ميهڙ ۾ جسقم پاران ورسي ملهائي وئي، شهيدن جي تصويرن آڏو ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ميڙاڪي کي جسقم جي ضلعي نائب صدر محرم بروهي، نور احمد تيوڻو، اعجاز چانڊيو، اڪبر کوکر ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٺٽي ۾ جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين آڪاش ملاح، سرور خشڪ،ر ۽ ٻين پاران ٽوڙهي ڦاٽڪ جي ٻنهي شهيدن عبدالمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ جي مزارن تي حاضري ڀريون ۽ گلن جون چادرون چاڙهي دعائون گهريون ويون، هوڏانهن نوشهروفيروز ۾ ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جاويد چاچڙ، ذيشان وسطڙو ۽ ٻين پاران شهيد امان الله وسطڙو جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون، ٻئي طرف جساف جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ شهرن ۾ جساف ڪارڪنن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڏي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو،مهراڻ يونيورسٽي ۽ لمس مان آيل جساف ڪارڪنن ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جي اسير نظير احمد تنيو، جساف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر علي تنيو، جي ايم جتوئي۽ نويد ڏيرو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيد مٺو بليدي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ افتخار مهر، سيد احمد مجتبيٰ شاهه، لطيف يونيورسٽي ۾ امتياز جسڪاڻي، عامر تنيو، مهراڻ ڪئمپس خيرپور ميرس ۾ خادم سنڌي، فيصل عباسي، صدام تنيو، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ڊاڪٽر سهيل، دادو ۾ ساگر ڪوريجو، سجاد کوکر، اردو وفاقي يونيورسٽي ۾ مخدوم بلاول، وسيم تنيو، ميرپورخاص ۾ حضور ڪنڀر، راجيش ڪمار، سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين ۾حاجي حسين گوپانگ، غلام رسول گوپانگ، سکر ۾ شفقت مهر، ميرپورخاص ۾ ياسر لغاري، توفيق لغاري، ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ سهيل ڀٽو، نور شاهه ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ وفا ڪاشف ڀٽو جي اڳواڻي ۾ جساف ڪارڪنن ۽ سنڌي شاگرد ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ جنرل باڊيون ڪوٺايون ۽ رت جا ڏيئا ٻاريا ويا ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڏيون ويون.
 
17-10-2012
سائين جي ايم سيد خلاف ڳالهائيندڙ قوم کان معافي وٺن: آڪاش ملاح

ڄامشورو (ساگر احمد ابڙو) جسقم پاران اڄ کان 21 آڪٽوبر تائين سائين جي ايم سيد ڊي ملهائڻ ۽ ڄامشوري ضلعي ۾ ريليون ڪڍڻ جو اعلان. ملڪ اسد سڪندر ۽ نثار کهڙي پاران پ پ جي حيدرآباد واري ج

لسي ۾ سائين جي ايم سيد خلاف نازيبا ٻولي ڳالهائڻ تي قوم کان معافي وٺڻ جو مطالبو. جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين آڪاش ملاح ڄامشوري جي هڪ مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو انهن ڪروڙين سنڌ ماڻهن کي سلام ۽ جس ڏئي ٿو جن پ پ جي حيدرآباد واري ناڪام شو کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سنڌي قوم اهو فيصلو ڪري چڪي آهي ته سندن سياسي قبلو ڳڙهي خدا بخش نه پر سن آهي ۽ جي ايم سيد جي فڪر جي پويان هلڻ لاءِ تيار آهي. آڪاش ملاح چيو ته پ پ جي حيدآباد واري جلسي ۾ نثار کهڙي ۽ ملڪ اسد سڪندر، سائين جي ايم سيد خلاف گستاخ ٻولي استعمال ڪري ڪروڙين سنڌين ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي خواهان ماڻهن جي دل آزاري ڪئي آهي. جنهن تي کين معافي وٺڻ گهرجي. نه ته سنڌي ماڻهو ۽ جسقم انهن جو گهيراءُ ڪندي
 
شڪارپور ۾ بشير خان ڪيس ۾ انصاف لاءِ بک هڙتال.

شڪارپور (ڊ ر) شڪارپور ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سڏ تي بشير خان قريشي جي رياستي قتل خلاف لکيدر چوڪ تي بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي. جساف جو صدر سرمد بروهي، ضلعي جنرل سيڪريٽري ۽ ٻيا بک هڙتال تي 

ويٺا. ان موقعي تي سرمد بروهي ڳالهائيندي چيو ته اڄ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. جنهن سلسلي ۾ ريلي لکيدر کان رستم موڙ تائين ڪڍي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت بشير خان ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي. مڪاني نظام آڻي ماڻهن جو ڌيان ڪيس تان هٽايو ويو. عدالت انصاف نه ڪيو ته عوام وٽ وينداسين.
 
گلشن حديد ۾ قوم پرست ڪارڪنن تي فائرنگ، علائقي ۾ هڙتال 

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) گلشن حديد ۾  جسقم ڪارڪنن ضمير حاجاڻو، معشوق پنهيار ۽ دانش کوکر جي اڳواڻي ۾ جهنڊي جي بيحرمتي ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي، جيڪا فيز 2 وٽ پهتي ته ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون هارون ڪورائي جي اڳواڻي ۾ پهتل پوليس قوم پرست ڪارڪنن مٿان فائرنگ ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. ڪارڪنن گلشن حديد ۾ دڪان بند ڪرائي ڇڏيا. ضلعي صدر ضمير حاجاڻو

 چيو ته اسان گلشن حديد ۾ جهنڊن جي بيحرمتي خلار ريلي ڪڍي، جنهن تي پوليس فائرنگ ڪئي آهي، اهو رياستي ڏاڍ آهي. داداگيري خلاف سڀاڻي حديد ۾ هڙتال ڪنداسين. جست اڳواڻ نثار لاکير چيو ته قومي ڪارڪنن تي فائرنگ جي مذمت ڪريون ٿا، پوليس دهشتگردي ڪئي آهي. قومي ڪارڪنن کي ننڌڻڪو نه سمجهو وڃي. هنن چيو ته گلشن حديد هڪ ڌر جي حوالي ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌين خلاف ڪارروايون ڪرڻ ۾ رڌل آهي. ايس ايڇ او هارون ڪورائي ٻڌايو ته گلشن حديد ۾ جسقم ۽ پنجاب فرنٽ وارن جو جهيڙو هلندڙ آهي. هنن جي ريلي تي پوليس فائرنگ ناهي ڪئي. خانگي هٿياربندن فائرنگ ڪئي آهي، جسقم وارا چوندا ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪنداسين.
 
16-10-2012

 جسقم يونٽ گلستان جوهر جي صدر پرويز ڪيريو تي هٿياربندن جو حملو سخت زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لياقت هاسپيٽل منتقل.

نواب شاهه: بشير قريشيءَ جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

  جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سندس موڀي پٽ ۽ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي اڳواڻن سان گڏ 50وڪي
لن تي ٻڌل وفد سان گڏ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ضلعي شهيد بينظير آباد جي عدالت ۾ پهتو، جتي ڊسترڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالرحمان ڀٽي موڪل تي هئڻ سبب درخواست ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج انعام الله ڪلهوڙو جي عدالت منتقل ڪئي وئي، جتي عدالت بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود احمد قريشي جي ڏنل درخواست تي ايس ايڇ او سڪرنڊ کي پوليس اهلڪارن سميت 22 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي. درخواست ۾ وفاقي وزير داخلا رحمان ملڪ، ڊي جي آءِ ايس آءِ ظهير السلام ۽ ان وقت جي ڊي جي رينجرس اعجاز چوڌري کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي. جسقم چيئرمين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي رياست تي اعتبار نه آهي. سڪرنڊ پوليس پاران ڪاٽيل ايف آءِ آر تي تحفظات آهن. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو سميت اهم سياستدانن جا قاتل اڄ تائين گرفتار نه ٿيا آهن، ان لاءِ اسان کي به خدشا آهن ته رياست سياسي قتل لوڙهي ڇڏيندي. هن چيو ته جسقم طرفان انصاف نه ملڻ تي اعليٰ عدالتن به وينداسين. هن چيو ته نواب شاهه پوليس پاران 20 کان وڌيڪ جسقم ڪارڪنن کي ڇاپا هڻي گرفتار ڪيو، ان عمل جي مذمت ڪيون ٿا، ان موقعي تي سرفراز ميمڻ، ڪيهر انصاري، عبدالله سومرو، جي ايم ابڙو علي رضا خاصخيلي، امجد مهيسر ساڻس گڏ هئا.

15-10-2012

 شهيد بشير خان جي ڪيس لاءِ اڄ عدالت ۾ درخواست ڏني ويندي

حيدرآباد(پ ر) جسقم طرفان شهيد بشير خان قريشي جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اڄ نوابشاهه جي عدالت ۾ درخواست ڏني ويندي، نوابشاهه ۾ جسقم جي مرڪزي باڊي جو اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي ۽ نجف لغاري جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته جسقم ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهايون ۽ گرفتاريون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پ پ حڪومت شهيد بشير خان قريشي جي قتل خلاف شروع ٿيل عوامي احتجاجي تحريڪ ڏسي وائڙي ٿي وئي آهي، هنن چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ پوليس 280 کان وڌيڪ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن گم ٿيل ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو حڪومت خلاف تحريڪ هلائي ويندي، هنن چيو ته اڄ بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر سيشن ڪورٽ نوابشاهه ۾ داخل ڪئي ويندي، جڏهن ته سنڌ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان اڄ نوابشاهه ۾ جسقم جي مرڪزي باڊي جو اجلاس گهرايو ويو آهي، ٻئي پاسي خيرپور ۾ جسقم اڳواڻ ديدار عالماڻي ۽ سجاد سنڌي جي اڳواڻي ۾ صوبائي وزير اياز سومري خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شاهپور جهانيان ۾ ظفر ٻگهيو، غلام نبي ڏاهري ۽ ٻين جسقم جا جهنڊا لاهڻ خلاف مظاهرو ڪيو. هڱورجا ۾ يوسف سنڌي، فياض حسين سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.

14-10-2012

عالمي برادري شهيد بشير قريشي جي خون سان انصاف لاءِ مدد ڪري: صنعان قريشي*

حيدرآباد (پ ر) جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي ۽ نجف لغاري پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته شهيد بشير خان قريشي جي ناحق خون جي خلاف ۽ ان جي انصاف لاءِ اسان عالمي برادري هيومن رائيٽس ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل کي اپيل ٿا ڪريون ته اهي شهيد بشير خان قريشي جي خون سان انصاف لاءِ اسان جي مدد ڪري، هتان جي حڪومت مان انصاف جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، هنن چيو ته اسان عالمي برادري جي مدد سان پنهنجي شهيدن جي قاتلن کي بي نقاب ڪنداسين ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ لاءِ پڻ مدد جي اميد ڪريون ٿا، هنن چيو ته شهيد بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر ڪٽرائڻ لاءِ سوين وڪيل 15 آڪٽوبر تي سيشن ڪورٽ نواب شاهه پهچندا. 

پيپلز پارٽي غدارن پاران رات جي اونڌاهي ۾ سجي سنڌ جي جسقم اڳواڻن جي گهرن تي رات جي پهر ۾ ڇاپا، چوديواري جو تقدس پائمال گرفتارين جو تعداد 40 ٿي ويو، پيپلز پارٽي جا اڳواڻ بوخهلاٽ جو شڪار آهن، بيگناهه ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو:صنعان قريشي

جسقم طرفان ٻٽي نظام ۽ صوبائي وزير اياز سومري خلاف مظاهرا*
حيدرآباد (نمائندن وٽان) جسقم طرفان ٻٽي مڪاني نظام ۽ صوبائي وزير اياز سومرو خلاف مظاهرا ڪيا ويا، ڪنڊيارو ۾ محبوب ابڙو، حفيظ مڱريو ۽ ٻين جي سربراهي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ شربت نندواڻي، مهتاب ملڪ ۽ بين مظاهرو ڪيو، رتوديرو ۾ مومن اوڍو ۽ بشير ڏاهاڻي جي سربراهيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو، نصير آباد ۾ صوبائي وزير خلاف عاشق ڪلهوڙو، بشير باغي ۽ ٻين ڪارڪنن مظاهرو ڪيو، قبو سعيد خان ۾ نور کوسو، حميد کوسو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪوٽ ڏيجي ۾ به صوبائي وزير خلاف مظاهرو ڪيو ويو، هنڱورجا ۾ فياض سولنگي، يوسف ميمڻ ۽ ٻين جسقم ڪارڪنن صوبائي وزير خلاف مظاهرو ڪيو، ٺري ميرواهه ۾ ٻٽي نظام ۽ صوبائي وزير خلاف مظاهرو ڪيو ويو، ڪنري ۾ رمضان خاصخيلي جي سربراهي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، مير پور خاص ۾ يوسف مڱريو، ذيشان لغاري ۽ ٻين مظاهرو ڪيو، سکر ۾ منٺار ٻرڙو جي سربراهي ۾ جسقم ڪارڪنن مظاهرو ڪيو ، سڪرنڊ ۾ آصف مگسي، ڄام صاحب ۾ به مظاهرو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ قاسم آباد تعلقي اسپتال کان نسيم نگر چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ جسقم حيدرآباد ضلعي جي صدر مسرور ٿيٻو، رحمان پيرزادو سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جو چوڻ هو ته پ پ جا وزير حيدر منزل بابت غلط ڳالهائي رهيا آهن، جنهن جي اسين سخت مذمت ڪريون ٿا،
 13-10-2012
 سنڌ خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪنداسين:صنعان قريشي

ملير (ن ڪ) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪنداسين، حيدر منزل اسان جو سياسي قبلو آهي، جنهن خلاف گٿا لفظ  ڳالهائيندڙ پنهنجي زبان بند ڪن، اهڙو اظهار هن ڪالهه ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، صنعان قريشي چيو ته حيدر منزل سنڌي قوم لاءِ مقدس جڳهه آهي، جنهن خلاف  گٿا لفظ ڳالهائيندڙن خلاف ڪارڪن پر امن احتجاج ڪن ۽ ڪارڪن ڪا به اهڙي غير اخلاقي حرڪت کان  پاسو ڪن، جيڪا اخلاق جي دائري کان ٻاهر هجي، هن چيو ته سنڌ جي تحفظ ۽ سنڌ  ڌرتي خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف ٿيندڙ هر احتجاج  ۾ جسقم جا ڪارڪن ڀرپور شرڪت ڪندا، اسان هر ان احتجاج جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪريون ٿا جيڪو سنڌ دشمن قوتن خلاف هوندو، هوڏانهن جاري ڪيل بيان ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر ۽ ٻين چيو آهي ته ٻٽي نظام خلاف احتجاج ڪرڻ تي سنڌ جا ڪجهه وزير قومي ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهيا آهن، ميهڙ پوليس حليم چنا ۽ محرم بروهي جي گهر تي بنا جواز چڙهائي ڪئي آهي، هنن چيو ته عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، هنن اهو به چيو ته 15 آڪٽوبر تي بشير خان قريشي جي قتل ڪيس لاءِ نوابشاهه جي عدالت ۾ درخواست ڏني ويندي. هوڏانهن سکر ۾ جسقم پاران ٻٽي نظام خلاف تير چوڪ کان ريلي ڪڍي گهنٽا گهر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، قمر گهمرو، محمد بخش قريشي ۽ ٻين خطاب ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ جسقم نشتر روڊ جي ڪارڪنن ذوالفقار باغ کان موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي  جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي، جتي ثناءُ الله عباسي، جاويد سولنگي، امجد کهاوڙ، نادر سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهيد بشير خان قريشي جو ڪيس  پارٽي قيادت جي مرضيءَ مطابق داخل ڪيو وڃي،

 جسقم شڪارپور پاران بشير خان قريشي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ۽ سنڌ ورهائڻ جي سازشن خلاف ريلي ڪڍي وئي

شڪارپور ۾ جسقم پاران بشير خان قريشي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ۽ سنڌ ورهائڻ جي سازشن خلاف ريلي ڪڍي وئي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن ضلعي صدر عبدالسميع بلالي جي اڳواڻي ۾ ميڊيا سينٽر کان لکيدر گهنٽه گهر چوڪ تائين ريلي ڪڍي بعد ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي ڪارڪنن ڇتي نعريبازي ڪئي، هن  موقعي تي عبدالسميع بلالي خطاب ڪندي چيو ته شهيد بشير خان قريشي جي قتل ڪيس ۾ سندس وارثن کان فرياد به نه ورتي وئي آهي، جيڪا مذمت جوڳي ڳالهه آهي، هن چيو ته سازشن تحت پيپلز پارٽي سنڌ کي ڌارين حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جن سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ان موقعي تي بک هڙتال ۾ علي سجاد چانڊيو، مهراڻ هڪڙو، بشير چانڊيو، حاجي نثار جکرو، اسلام الدين لهر، قلندر بخش اوڍاڻو، عقيل احمد ڀير، شڪيل جهلڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي 
12-10-2012
حيدر منزل تي توا ٽنگڻ جي ڳالهه ڪندڙ قوم کان معافي وٺن: صنعان 

ڪراچي (پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري امجد مهيسر، جي ايم ابڙو، عبدالله سومرو، عامر عباسي ۽ نجف لغاري چيو آهي ته حڪومت اتحادي ڌر کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌ ک
ي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهايو. اهڙي عمل سان سنڌي قوم جي اندر پ پ خلاف نفرت جو ٻج ڇٽجي چڪو آهي. پ پ حڪومت اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿي سنڌ دشمن فيصلا ڪري تاريخي طور تي پاڻ کي غدار جو لقب ڏنو. هنن چيو ته حيدر منزل اسان جي درسگاهه آهي، ان خلاف غلط لفظ ڳالهائڻ يا سوچڻ واري کي قومي ڪارڪن ۽ سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا. حيدر منزل سائين جي ايم سيد جي گهر هئڻ سان گڏوگڏ قومي تحريڪ جو مرڪز پڻ آهي. اياز سومرو ۽ پ پ پ جا ٻيا وزير سنڌ جي اندر گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهين ٿا. حيدر منزل تي توا ٽنگڻ واري نازيبا زبان ڳالهائڻ تي اياز سومرو سنڌي قوم کان معافي وٺي نه ته قومي ڪارڪنن کي سندن گهرن جا رستا ۽ ڪراچي ۾ موجود ”هائوس“ جي خبر آهي.
11-08-2012
شهيد بشير قريشي جي 53 هين سالگرهه،مزار تي حاضري،جهنڊا ڦڙڪايا ويا

حيدرآباد(نمائندن وٽان/پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي شهيد چيئرمين بشير قريشي جي 53 هين سالگرهه سڄي سنڌ ۾ ملهائي وئي، سالگرهه جي ڏهاڙي کي جسقم پاران فليگ ڊي طور ملهايو ويو، ڪارڪنن پاران مختلف شهرن ۾ جهنڊا ڦڙڪائي شهيد چيئرمين سان وفا جو وچن ڪيو ويو، جسقم جي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، مقصود قريشي، صنعان قريشي، ڊاڪٽر آصف بالادي، منير حيدرشاهه، امداد منگي، ساگر حنيف بڙدي، الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن سڪرنڊ ۽ هڱورجا ۾ پرچم ڪشائي بعد قافلي جي صورت ۾رتيديري پهچي شهيد جي مزار تي حاضري ڀري، خبر موجب جسقم جي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي رتوديرو ۾ شهيد چيئر مين بشير خان قريشي جي مزار تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ حڪومت سدائين پنجاپ جي ساٿاري رهي آهي ۽ پنجاپ اسان جي شهيد چيئرمين جي قتل ۾ ملوث آهي هن چيو ته هن حڪومت مختلف وقتن تي اهي بيان ته ڏنا آهن ته هو شهيد چيئرمين جي جزن جي چڪاس ٻاهرين ملڪن مان ڪرائيندا پر هن وقت تائين حڪومت ان تي ڪوبه عمل نه ڪري شهيد چيئرمين جي قتل ۾ ملوث قاتلن جا پيرا لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، عيد کانپوءِ پارٽي جون چونڊون ٿينديون جنهن بعد شهيد چيئرمين جي جزن جي چڪاس لاءِ باظابطا طور جدو جهد هلائي ويندي اسان جا مظاهرا دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ آهن ته اسان جي شهيد چيئرمين سان ظلم ٿيو آهي، ان موقعي تي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جو پٽ صنعان قريشي، مقصود قريشي، منير حيدر شاهه، امداد منگي ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا جن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي گلن جي ورکا ڪئي، ان کان اڳ هڱورجا ۽ سڪرنڊ ۾ وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي فليگ ڊي جي حوالي سان سخي ناصر شاهه گيٽ ۽ سڪرنڊ باءِ پاس تي جسقم جي جهنڊي جي پرچم ڪشائي ڪئي، جتي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ شهيد چيئرمين بشير خان قريشي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ فليگ ڊي ملهائي رهيا آهيون، سالگرهه جي موقعي تي هڱورجا ۾ جهنڊا هڻي شهرن کي پڻ سينگاريو ويو هو، رتوديرو ۾ بشير قريشي جي سالگرهه جون تقريبون سندس مزار تي سادگي ۽ احترام سان ملهايون ويون، عظيم قومپرست اڳواڻ جي سالگرهه ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان جسقم ڪارڪنن جا ڪيترائي قافلا پهتا، شهيد چيئرمين جي مزار تي سندس زندگي تي لکيل ڪتابن جا پڻ وڏي انگ ۾ اسٽال لڳايا ويا هئا ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ پهريون ڀيرو فليگ ڊي جي حوالي سان پنهنجي گهرن تي جهنڊا چاڙهيا ۽ جسقم ڪارڪنن بشير جوڻيجو، منظور گهانگهرو، شبير ڏاهاڻي، امر قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾فليگ مارچ ڪري 2 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري بشير خان قريشي جي مزار تي پهتا جتي هنن سلامي پيش ڪئي، شڪارپور ۾ جسقم طرفان بشير خان قريشي جي سالگرهه جسقم ميڊيا سينٽر تي ملهائي وئي، جسقم جي ضلعي صدر سميع بلالي، عبدالستار ڪالادي، سجاد جغدو، اياز جمالي، شڪيل جهلڻ، اسلام الدين لهر ۽ ٻين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ بشير قريشي جي زندگي تي روشني وڌي، هوڏانهن ميرپورخاص ۾ جسقم ڪارڪنن ”جهنڊا ڦڙڪايو“ مهم هيٺ شهر جي مک روڊن ۽ چوڪن تي پارٽي جا جهنڊا هنيا، جڏهن ته ڪارڪنن موٽرسائيڪلن تي جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي، ڊگهڙي ۾ جسقم ڪارڪنن نجف لغاري، جمشيد ٽالپر، محمد علي جروار جي اڳواڻي ۾ امن آباد کان ريلي ڪڍي وئي، عمرڪوٽ ۾ جسقم ڪارڪنن جميل ڌونڪائي، ارباب ڀيل جي اڳواڻي ۾ پارٽي جي سرواڻ شهيد بشير قريشي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، ڪنري ۾ جسقم ڪارڪنن الله والا چوڪ کان آمريڪي چوڪ تائين ريلي ڪڍي جنهن کي رمضان خاصخيلي سرائي رحيم، مشتاق چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو، مٺي ۾ جسقم جي ڪارڪنن عمر انڙ، عبدالرزاق سميجو، امتياز ديشي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، هوڏانهن ملير ۾ شهيد بشير قريشي جو جنم ڏهاڙو ملهايو ويو، گلشن حديد ۽ پپري ۾ ضمير حاجاڻو، معشوق پنهيار، چاڪر شر جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون، ضلعي اولهه پاران لاسي ڳوٺ ۾ اصغر بروهي، جليل مغيري، عبدالفتاح، عباس جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪاٽي سادگي سان سالگرهه ملهائي وئي، سوڀوديرو ۾ سالگرهه جي موقعي تي مرڪز طرفان پرچم ڊي ملهائڻ جي اعلان تي سوڀوديرو ۾ جسقم جي حاڪم منگي، شوڪت چنو، ڪرم علي سامٽيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن شهر کي جسقم جي جهنڊن سان سينگاري ڇڏيو، سيٺارجا ۾ شهيد چيئرمين جي جنم ڏينهن جي موقعي تي پارٽي جسقم ڪارڪنن تعلقي صدر رحيم سهتو ۽ نذير احمد لنڊ جي اڳواڻي ۾ تعلقي جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جسقم جا جهنڊا لڳايا ويا، هوڏانهن محرابپور، ڪوٽڙي ڪبير ۽ لاکاروڊ ۾ شهيد بشير قريشي جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته جسقم ڪارڪنن مختلف شهرن ۾ الهورايو سيال، ذوالفقار ۽ اياز جي اڳواڻي ۾ ريليون پڻ ڪڍيون ويون، قاضي احمد ۾ جسقم ڪارڪنن سائل لاکو، ڏاڏي مهر ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، هوڏانهن ڪنڊياري ۾ ضلعي صدر محبوب ابڙو هارون، ماجد ۽ ٻين پاران پريس ڪلب ۾ سالگرهه تقريب ڪوٺائي وئي، ڄام صاحب ۾ مصطفيٰ ڏاهري، عارف، حيدر ۽ ٻين پاران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، هوڏانهن مٺياڻي ۾ فيصل مستوئي، وقار ديشي ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي وئي، هوڏانهن گهوٽڪي ۾ ڪارڪنن نصرالله ڪلادي، سيد سليم الله شاهه، ڪامريڊ اڪرم ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب وٽ جسقم جا جهنڊا لڳايا شهيد بشير خان قريشي جي تصوير مٿان گل رکي کيس لڙڪن جي ڀيٽا به پيش ڪئي، ڏهرڪي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪامريڊ مير لاشاري، رفيق حيدر شر، امتياز ڀٽو، سليم ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ آخر ۾ لنگر ورهايو ويو، سيوهڻ ۾ نثار سولنگي، محبوب اوٺو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فليگ مارچ ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ڄامشوري ۾ جسقم اڳواڻن قربان سومرو، سومر جمالي، دودو خان، جبل سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد بشير قريشي جو جنم ڏهاڙو ۽ فليگ ڊي ملهايو ۽ جهنڊا چاڙهيا، ڪوٽڙي ۾ ڪارڪنن ديدار شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ميهڙ ۾ جسقم ڪارڪنن جهنڊا ڦڙڪائي اعجاز چانڊيو، اڪبر کوکر، باغي اعجاز کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڦلجي اسٽيشن ۾ جسقم ڪارڪنن بلڊنگن تي جهنڊا چاڙهي رت جا ڏيئا ٻاري ظهير سومرو، رمضان پنهور، علي رضا سولنگي، شاهنواز سومرو، عمر سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ماتلي ۾ سالگرهه تقريب سادگي سان ملهائي ڪارڪنن مختيار بوزدار، عرفان انصاري، مختيار زنگيجو، مور سومرو ۽ ٻين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، هوڏانهن تلهار ۾ جسقم ڪارڪنن سالگرهه تقريب ڪوٺائي بلڊنگن تي جهنڊا ڦڙڪايا، ٽندي باگي ۾ جسقم ڪارڪنن اشرف چانڊيو ۽ غلام رسول انڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهيد بشير قريشي جي سالگرهه سادگي سان ملهائي، هوڏانهن ڏوڪري ۾ جسقم ڪارڪنن رڪ سنڌي، ارشاد ٻگهيو، ذوالفقار جلباڻي، جاني ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رت جا ڏيئا ٻاري پنهنجي محبوب اڳواڻ بشير خان قريشي کي ڀيٽا پيش ڪئي، ٻئي طرف چوهڙ جمالي ۾ جسقم چيئرمين شهيد بشير خان قريشي جي سالگرهه انتهائي سادگي سان ملهائي وئي، ان موقعي تي شهر جي جمالي هائوس تي پارٽي ڪارڪنن پاران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن ۾ ضلعي اڳواڻ آڪاش منير جمالي، اياز آخوند، برڪت جمالي، نديم بروهي، قادر چاوڙو، غفار آخوند ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٻئي پاسي ڪوٽڏيجي ۾ سالگرهه جي موقعي تي فقير آباد-ڪنب ۾ جهنڊا هنيا ويا، جنهن جي اڳواڻي ڪامريڊ ايوب لاشاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ڪنڌڪوٽ ۾ شهيد بشير خان قريشي جي 53 هين سالگرهه ملهائي وئي، ان موقعي تي ڪرم باجڪاڻي، غلام عباس ۽ ٻين اڳواڻن پاران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ٺل ۾ بشير خان قريشي جي رت جا جزا چڪاس نه ڪرائڻ خلاف لياقت سرڪي، اختر سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هوڏانهن پڌرائي موجب جساف طرفان مختلف شهرن ۽يونيورسٽين ۾ ريليون ڪڍي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، ميرو خان ۾ جساف ۽ جسقم طرفان مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر علي تنيو، هوشو چانڊيو، رضوان احمد تنيو، مهراڻ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس ۾ فيصل عباسي، صدام تنيو، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ثقلين عباسي، لمس ۾ ڊاڪٽر محبوب نوناري، زرعي يونيورسٽي ۾ رميز ويسر، ٽنڊو ڄام ۾ سهيل ڀٽو، ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ وفا ڪاشف ڀٽو، سنڌ يونيورسٽي ۾ جي ايم جتوئي، ڪوٽڙي ۾ عبدالسلام لاشاري، دادو ۾ ساگر ڪوريجو، سجاد کوکر، خيرپورناٿن شاهه ۾ نجيب پنهور، مهتاب ڪلهوڙو، نصير آباد ۾ مجاهد سومرو، وارهه ۾ عبدالجبار ڇٽو، نويد چولياڻي، قمبر ۾ ظهور احمد تنيو، قبو سعيد خان ۾ اورنگزيب بروهي، آصف کوسو، مٺي ۾ سيد شفقت شاهه، عمر ڪوٽ ۾ عبدالمالڪ چانڊيو، ڪنري ۾ رحيم خاصخيلي، ميرپور خاص ۾ ياسر لغاري، توفيق لغاري، ٽنڊو الهيار ۾ نويد هاليپوٽو، زاهد جروار، جيڪب آباد ۾ عبدالوحيد بروهي، ٺل ۾ آصف ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ جساف ڪارڪنن رت جا ڏيئا ٻاري سالگرهه جا ڪيڪ ڪاٽيا ۽ جهنڊا ورهايا ويا.
10-08-2012
بشير خان قريشي جو اڄ جنم ڏينهن،جسقم پاران ”فليگ ڊي“ ملهايو پيو وڃي

حيدرآباد/لاڙڪاڻو/ رتوديرو/نوابشاهه(پ ر/نمائندن وٽان) جسقم جي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آڪاش ملاح، آصف بالادي، فقير امداد منگي، ڪيهر انصاري، ساگر حنيف بڙدي، نجف لغاري ۽ حبيب ڀٽو چيو آهي ته اڄ سموري سنڌ ۾ ”فليگ ڊي“ ملهايو پيو وڃي، اڄ سموري سنڌ جا وطن پرست ماڻهو پنهنجن گهرن ۽ دڪانن تي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪائيندا، شهيد بشير خان قريشي جي جنم ڏينهن جي حوالي سان جيتوڻيڪ حضرت علي سائين جي شهادت جي ڪري ڪو به جشن نه ملهايو ويندو پر قومي جذبي ۽ انتهائي عقيدت سان شهيد بشير خان قريشي کي قومي سلام پيش ڪرڻ لاءِ مرڪزي ريلي سڪرنڊ کان جسقم جي مرڪزي قيادت جي نگراني ۾ نڪرندي، جيڪا گمبٽ باءِ پاس کان ٿيندي لاڙڪاڻي ۽ رتوديرو پهچندي، مرڪزي قافلي ۾ رستي ۾ ايندڙ ضلعن جا قافلا شريڪ ٿيندا ويندا، ٻئي طرف پي ايس ٽي جدوجهد ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻن ۽ وفد جسقم جي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان ملاقات ڪري مسئلن بابت تفصيل ٻڌايا، ان موقعي تي جسقم اڳواڻن 12 آگسٽ تي پي ايس ٽي ايڪشن ڪاميٽي جي اعلانيل شٽربند هڙتال جي حمايت ڪئي، هوڏانهن جسقم ضلعي حيدرآباد ۾ فليگ ڊي بابت مسرور ٿيٻو، فتاح ڏاهاڻي ۽ معشوق ابڙو مختلف تعلقن جا دورا ڪيا. هوڏانهن جسقم اڳواڻن موجب قومي شاهراهه ۽ مختلف شهرن کي جسقم جي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي، ٻئي طرف جساف جي مرڪزي صدر حبيب ڀٽو، اشرف ڪلهوڙو، صفدر علي تنيو، امتياز جسڪاڻي ۽ امان الله جوڻيجو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته شهيد بشير خان قريشي جي اڄ جنم ڏينهن جي موقعي تي جساف پاران سنڌ جي سمورين يونيورسٽين، ڪاليجن، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رت جا ڏيئا ٻاري شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. هوڏانهن بشير خان جي جنم ڏينهن جي حوالي سان رتيديري ۾ جسقم پاران ريلي ڪڍي وئي، جن ۾ جسقم ۽ جساف جي ڪارڪنن کانسواءِ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، بعد ۾ ڪارڪنن بشير جوڻيجو، شبير ڏاهاڻي، منظور گهانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تي پهتا، جتي شهيد بشير خان قريشي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ رت جا ڏيئا ٻاريا ويا. ٻئي پاسي جسقم ۽ جساف نوابشاهه پاران شهيد بشير خان قريشي جي 53 هين سالگرهه جي موقعي تي نوابشاهه ۾ رت جا ڏيئا ٻاري شهيد بشير خان کي ڀيٽا ڏني وئي.لاڙڪاڻي ۾ اطهر سومرو جي اڳواڻي ۾ رت جا ڏيئا ٻاريا ويا.
 
13-07-2012 
ذوالفقار آباد خلاف جسقم جي ريلي کي روڪيو ويو، 4
ڪلاڪ ڌرڻو، چيني مصنوعات جي بائيڪاٽ جو اعلان

ملير (رپورٽ: حسن ٽڳڙ) ذوالفقار آباد رٿا خلاف جسقم جي ريلي کي پوليس اسٽيل ٽائون وٽ ڪنٽينر رکي روڪي ڇڏيو، جسقم قيادت جو قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو، چيني مصنوعات جي بائيڪاٽ جو اعلان، 18 جولاءِ تي سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو اعلان، تڪراري رٿا ذوالفقار آباد جي اڏاوت خلاف ڪالهه جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي رهائشگاهه گلشن حديد کان وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي جيئن ئي قومي شاهراهه اسٽيل ٽائون موڙ وٽ پهتي ته پوليس قومي شاهراهه تي ڪنٽينر رکي رستو بند ڪري جسقم جي ريلي کي چيني قونصل خاني ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، ان موقعي تي جسقم ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون پڻ ٿيون، جنهن بعد ڪارڪن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، 4 ڪلاڪن تائين نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو جاري رهيو، جنهن سبب ٺٽو، ڪراچي قومي شاهراهه مڪمل طور تي بند ٿي ويو، هزارين گاڏيون ٽرئفڪ ۾ ڦاٿل رهيون، ڌرڻي کي خطاب ڪندي جسقم جي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته اسان جي پر امن ريلي کي چيني سفارتخاني ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ لاءِ روڊ تي ڪنٽينر رکي پوليس جا وڏا اٽالا بيهاري سنڌ حڪومت رياستي ڏاڍ ۽ جبر جو مظاهرو ڪيو آهي، جمهوريت جي دعويدار حڪومت سنڌي قوم کي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ کان روڪي جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف جي دور جي ياد تازي ڪئي آهي، حڪومت جي اڄوڪي رستا روڪ ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف 18 جولاءِ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، هن سنڌي قوم کي اپيل ڪئي ته چيني جي مصنوعات جو مڪمل طور بائيڪاٽ ڪيو وڃي، هن چيو ته سرڪار ريلي کي روڪڻ لاءِ ڪراچي جا سمورا رستا ڪنٽينر رکي سيل ڪري سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي، ان موقعي تي ڪارڪنن چائنا موبائيل فون هڪ هنڌ گڏ ڪري باهه ڏئي ساڙيا، ڌرڻي ۾ آصف بالادي، آڪاش ملاح، فقير امداد منگي، ڪيهر انصاري، ساگر حنيف بڙدي، حبيب ڀٽو، سرفراز ميمڻ، منير حيدر شاهه، مقصود قريشي، صنعان قريشي، الاهي بخش بڪڪ، رشيد ٽڳڙ، ڊاڪٽر مير عالم مري، نواز خان زنئور، اسلم خيرپوري، سنڌ نيشنل موومينٽ جو علي حسن چانڊيو، اعجاز سامٽيو، مسلم ليگ (ن) جو حاجي شفيع محمد ڄاموٽ، سيد خدا ڏنو شاهه، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جو قمر ڀٽي، ايس يو پي جو يوسف شاهه ۽ ٻيا هزارين ڪارڪن شامل هئا، جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري آصف بالادي چيني قونصل خاني کي پيش ڪرڻ لاءِ ٺاهيل يادداشت نامو صحافين ۾ ورهايو، جنهن ۾ ذوالفقار آباد رٿا خلاف سنڌ جي ماڻهن جا خدشا ۽ رٿا کي رد ڪرڻ ۽ سيڙپ نه ڪرڻ جا نقطا شامل ڪيا ويا هئا، مڇريل ڪارڪنن چائنا سم زونگ جا وال پوسٽر ۽ پينا فليڪس لاهي باهه ڏئي ڇڏي، ڌرڻي دران جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ ڪيل تقرير پڻ ٻڌائي وئي، 4 ڪلاڪن تائين ڌرڻي بعد پر امن نموني احتجاج ختم ڪيو ويو. چيني قونصل جنرل لاءِ تيارڪيل يادداشت نامي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌي ماڻهو ذوالفقار آباد رٿا خلاف آهن، ان ڪري چيني حڪومت کي درخواست آهي ته منصوبي ۾ شموليت نه ڪئي وڃي، سنڌي ماڻهن جي حمايت ڪئي وڃي، ذوالفقار آباد منصوبو 50 ملين سنڌي ماڻهن جي اقتصادي، سياسي، تاريخي ۽ انساني حقن خلاف آهي، يادداشت نامي ۾ چيو ويو آهي منصوبو گڏيل قومن جي چارٽر خلاف به آهي، مقامي ماڻهن جي اٽڪل 2 لک ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي.منصوبي سان هزارين ماڻهو پنهنجي زمين تان بي دخل ٿي ويندا ۽ اهي سوين سالن کان اتي آباد آهن، ان کانسواءِ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ذوالفقار آباد منصوبو قدرتي آفتن سونامي، سامونڊي طوفان ۽ زلزلي واري زون ۾ آهي، منصوبي جو اهم مقصد ڌارين کي گهرائي هتي آباد ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي ڊيموگرافڪ صورتحال ئي تبديل ٿي ويندي.
Zulifqarabad project issue, JSQM rally
*Police hold-down JSQM rally carry-out for staging sit-in at front of China’s Consulate

KARACHI: Jeay Sindh Qaumi Mahaz (JSQM) on Thursday called for to hold boycott Chinese’s productions in enti
re Sindh in protest China’s interest and investment in Zulifqarabad Project. That THE sims of a China based mobile company were destroyed while protest sit-in at Steel Town national highway.
Acting Chairman JSQM Dr Niaz Kalani while taking with journalist at the staged sit-in on national highway at steel town he said “our rally and announced sit-in at the front of China’s consulate was completely peaceful but the police have tried for bloodshed by the act to restrain it.”
Dr Kalani also announced to stage protest processions, rallies and sit-in from July 18 against China’s Government, its’ companies especially its’ mobile company Zong.
He said they are the followers of their beloved Rahibar and beloved leader Shaheed Bashir khan Qureshi and they are following their nonviolent politics’ philosophy and doesn’t violence for through-up way to their rally.”
“JSQM decided for holding boycott of every kind’s products of Chinese’s companies and he call to the people of Sindh to stop buying all types of products mad in or made by China”, Dr Kalani said.
He also appealed to all the participants of the rally for destroying sims of Zong a Chinese’s mobile company that the JSQM’s workers were destroyed around 1000 sims of Zong on the appeal by their acting Chairman
Earlier, a protest rally carry-out by JSQM led by its acting Chairman Dr Niaz Kalani including central leaders Asif Baladi, Sagar Hanif Burrdi, Sarfraz Memon, Maqsood Qureshi and others. The rally had carried-out from Gulshan-e-Hadeed the residence of JSQM’s deceased chairman Bashir Khan Qureshi towards China’s consulate through national highway.
A huge number of law enforcement agencies’ personnel including Police and Rangers had been deployed on early morning of Thursday for restraining the rally on its’ way. That the police was blocked road put up with trucks and buses at around 10 am on national highway at steel town morr later it was opened for traffic and general public. However the rally has left Gulshan-e-Hadeed at about 12.30 at noon than the police blocked both sides of the national highway with containers, trucks and buses.
As the participants of the rally lead by the JSQM leadership was arrived at steel town morr later on hide and see have been started between thousands JSQM workers and police taken dozens workers in custody.
Later on the JSQM decided to stage sit-in on national highway due to strict measures taken by police and other law enforcement agencies for restraining to the rally.
That it was staged protest sit-in on national highway till over three hours, however the participants were shouting slogans against government, President Asif Ali Zardari, Sindh chief Minister Syed Qaim Ali Shah and the China Government for bring an end of Zulifqarabad project.
 
16-06-2012

ٺٽي ضلعي ۾ ذوالفقار آباد رٿا خلاف شٽربند هڙتال، ٽريفڪ غائب، مظاهرا، ڌرڻا، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار
 جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي ذوالفقار آباد رٿا خلاف ڪالهه ٺٽي ضلعي جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته جسقم جي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سوڌو مختلف شهرن ۾ جسقم ڪارڪنن روڊن تي ڌرڻا هنيا، ۽ مظاهرا ڪيا. جڏهن ته هڙتال سبب سڄي ضلعي ۾ پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنون بند رهيون، گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ٺٽي شهر ۽ مڪلي تي سمورو ڪاروبار بند رهيو ٺٽي جي شاهي بازار ، کير بازار، سونارا بازار، سميت مخلتف علائقن ۾ دڪان، هوٽلون، ڪاروباري مرڪز، ۽ پئٽرول پمپ بند رهيا، جڏهن ته جسقم جي ڪارڪنن مڪلي باءِ پاس ۽ سجاول روڊ تي رڪاوٽون وجهي احتجاج ڪندي ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٺٽي کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بيهجي ويئي، جنهن سبب سرڪاري آفيسن توڙي اسڪولن ۾ حاضري گهٽ رهي، جڏهن ته شهر ۾ جسقم ڪارڪنن موٽرسائڪلن تي سوار ٿي شهر جو گشت ڪري ذوالففقار آباد رٿا خلاف سخت نعريبازي ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي، هوڏانهن جهمپير ۾ اسد گوپانگ جي اڳواڻي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ڇتوچنڊ لڳ آزاد اصغر بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جسقم جي ذوالفقار آباد رٿا خلاف اعلانيل اڄوڪي هڙتال جي سنڌ نيشنل مومينٽ ، جيئي سنڌ محاذ، ايس يو پي سميت مختلف قومپرست سياسي پارٽين حمايت ڪئي هئي، جڏهن ته ٺٽي مان جسقم جي هڪ ڪارڪن مجتبيٰ خشڪ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب گرفتار نوجوان وٽان ٽي ٽي پستل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. هوڏانهن جسقم جي مرڪزي قيادت ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، ڪيهر انصاري، ثنان قريشي، رشيد ٽڳڙ ۽ ٻين اڳواڻن ڪالهه جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي رهائشگاهه گلشن حديد کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٺٽو ڪراچي قومي شاهراهه تي گهگهر ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب قومي شاهراهه مڪمل طور بند ٿي وئي، ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن گاڏين جون لائينون لڳي ويون. ڌرڻي دوران صحافين سان ڳالهائيندي جسقم جي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ذوالفقار آباد رٿا سنڌ دشمن آهي، جيڪا سنڌي قوم کي هرگز قبول ناهي، اها رٿا ڌارين کي آباد ڪرڻ جي رٿا آهي. هن چيو ته ذوالفقار آباد رٿا کي چين جي مدد سان ٺاهيو پيو وڃي، ان ڪري جسقم طرفان 12 جولاءِ تي ڪراچي ۾ چين جي سفارتخاني آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو ۽ يادداشت نامو پيش ڪيو ويندو. ساڳي نموني دڙو ۾ جسقم ڪارڪنن شهيد مرتضيٰ ڀٽو پل، ٽيڪسي اسٽاپ ۽ ٻين جاين تي ٽائر ساڙيا ويا ۽ انور ملاح، وفا ارشاد ميمڻ، ساگر ڪانڌڙو ۾ گنگارام جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ميرپورساڪرو ۾ ڪارڪن صبح سوير روڊن تي نڪري آيا ۽ رڪاوٽون وجهي مين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، شهر ۾ ريلي به ڪڍي وئي، جنهن کي قادر جوڻيجو، محمد علي لوهار ۽ عبدالشڪور ميراڻي خطاب ڪيو، گهاري ۾ به سيد عادل شاهه، امير ٿهيم ۽ غلام حسين خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ڌاٻيجي ملز ايريا ۾ به هڙتال رهي ۽ بهادر ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، ميرپور بٺورو ۾ سجاول، بدين روڊ کي ٽائر ساڙي بلاڪ ڪيو ويو، جاتي ۾ اڪبر قريشي، حنيف ٿهيم، رمضان ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ساڳئي نموني ڳاڙهو، گهوڙا ٻاري، ور، ڪيٽي بندر، ٻگهاڻ، کارو ڇاڻ، ٻهارا، غلام الله، جهوڪ شريف ۾ مڪمل هڙتال رهي ۽ جسقم ڪارڪنن طرفان مظاهرا ڪيا ويا. مختلف شهرن ۾ مظاهرن کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻن چيو ته ٺٽي واسين هڙتال ڪري ثابت ڪيو آهي ته کين ذوالفقار آباد رٿا منظور ناهي.

ئ15-06-2012

ذوالفقار آباد رٿا خلاف اڄ ٺٽي ضلعي ۾ هڙتال جو سڏ

 جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان اڄ ٺٽي ضلعي ۾ تڪراري ذوالفقار آباد رٿا خلاف شٽربند هڙتال ڪئي ويندي، جنهن جي سنڌ نيشنل موومينٽ به حمايت ڪئي آهي،جسقم جي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته اڄ ٺٽي ۾ ذوالفقار آباد رٿا خلاف عام هڙتال ڪئي ويندي، بدين، ٽنڊو محمد خان، ڪوٽڙي ۽ ملير جي گهگهر ڦاٽڪ ۽ ٺٽو-ڪراچي قومي شاهراهه تي ڌرڻا هنيا ويندا، هن چيو ته پرامن هڙتال آهي، حڪومت ڪا به رڪاوٽ وڌي ته پوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو، جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي، ماروئڙا ڳوٺ ملير ۾ جسقم جي اهم اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ذوالفقار آباد رٿا سنڌ دشمن منصوبو آهي، جنهن خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي، هن چيو ته پ پ جا وزير ۽ مشير ڪروڙين رپيا ڪمائڻ لاءِ ذوالفقار آباد شهر ٺهرائي رهيا آهن، هن چيو ته پ پ حڪومت سدائين سنڌ ۽ سنڌي قوم خلاف سازشون ڪيون آهن، هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿيل جسقم اڳواڻ اسلم شيخ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قمبر ۾ جسقم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪندي ڌرڻو هنيو، لاڙڪاڻي ۾ به جسقم پاران اسلم شيخ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو، عزيز شيخ، لطيف ڪوري، نعيم پٺاڻ، سهيل ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

ج
12-06-2012 
 لاڙڪاڻي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل جسقم اڳواڻ فوت،لاش رکي احتجاج

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ 4 مهينا اڳ شادي هال ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل جسقم اڳواڻ اسلم شيخ ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڪراچي کان لاڙڪاڻي پهتو ته جسقم طرفان لاش جناح باغ چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪري قاتل گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي، جڏهن ته اسلم شيخ جو تڏو سندس گهر سرهيه پڌر ۾ وڇايو ويو آهي، جسقم لاڙڪاڻي جي اڳواڻ اطهر سومرو، مظفر سانڊاڻو، عزيز شيخ ۽ ٻين هڪ هفتو سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. فائرنگ واقعي جو لاڙڪاڻي جي سول لائين ٿاڻي تي نويد تنيو، اياز چاچڙ، ياسين تنيو ۽ شاهد تنيو سميت 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي پر پوليس ملوث ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي، هوڏانهن اسلم شيخ جي آخري رسمن ۾ جسقم جي وقتي چيئرمين نياز ڪالاڻي
 
شرڪت ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.
 
 زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ SPSF ۽ جساف ڪارڪنن ۾ جھيڙو جساف اڳواڻ مور سنڌي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي اسپتال منتقل، آر بي وسطڙو زخمي، 

زرعي يونيورسٽي ۾ دهشتگرد ٽولا جساف ڪارڪنن مٿان ڪڙڪي پئي آ، انتظاميا نوٽيس وٺي نه ته حالتن جي ذميوار پاڻ هوندي جساف ڪارڪنن مٿان حملي جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن نه ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو: جساف مرڪزي صدر حبيب ڀٽو،

جساف جي پُر امن پاليسي کي اسان جي ڪمزوري نه سمجھو وڃي، ڪارڪنن جا پلاند ڪرڻ ڄاڻون ٿا: اشرف ڪلهوڙو

ايس پي ايف جا دهشتگرد پنجابين جي دلالي بند ڪن، مور سنڌي ۽ آر بي وسطڙو جي زخمي ٿيڻ جي مذمت ڪيون ٿا: جسقم وائيس چيئرمين آڪاش ملاح

زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ دهشتگردن پاران جساف ڪارڪنن مٿان حملي جي سخت مذمت ڪيون ٿا، ان واقعي ۾ رياست جو هٿ ملوث آھي: جسقم ميڊيا سيل

جساف زرعي يونيورسٽي واقعي خلاف، جساف ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي. ۽ شاھ لطيف يونيورسٽي جي ڪارڪنن پاران مذمت
 
11-06-2012 

بشير قريشي جي جزن جي پرڏيهه مان چڪاس نه ڪرائڻ خلاف جسقم جو سڪرنڊ باءِ پاس تي تاريخي ڌرڻو
سڪرنڊ/نوابشاهه: جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي جسم جي جزن جي ٻاهرين ملڪ مان ٽيسٽ نه ڪرائڻ ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف جسقم جو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ مقصود قريشي جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ با۽ پاس تي تاريخي ڌرڻو، 4 ڪلاڪ روڊ بند , مڇريل ڪارڪنن پاران ٽن بسن جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، ڪارڪنن جون بشير خان قريشي جي رڪارڊنگ تقرير تي اوچنگارون، سڪرنڊ جي شهرين پاران ريلي ۾ شريڪ جسقم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي شهر مان گذرڻ وقت گلن جي ورکا، ڌرڻي واري هنڌ وڏي تعداد ۾ پوليس مقرر، ايس ايس پي مٽياري سيڪورٽي جا انتظام سنڀاليا، ڌرڻو 5 ڪلاڪ جاري رهيو گرمي سبب جسقم جا 50 کان مٿي ڪارڪن بيهوش کين طبعي امداد ڏني ويئي 15 جون تي ذوالفقارآباد رٿا خلاف ٺٽي ۾ شٽرڊائون ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ۽ 25 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ ٻشير خان قريشي جي جزن جي چڪاس نه ٿيڻ خلاف ڌرڻي جو اعلان، تفصيل موجب جسقم پاران ڪيل تاريخي ڌرڻي ۾ شريڪ هزارين ماڻهن کي جسقم جي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيوته حڪومت ٻه مهينا گذرڻ باوجود بشير خان قريشي جي جسم مان ورتل جزن جي چڪاس نه ڪرائي شهيد جو خون لوڙهڻ گهري ٿي ۽ وزير اعلاسنڌ ٻن مهينن گذرڻ بعد آ۽ جي سنڌ کان بشير خان قريشي جي جزن جي رپروٽ بابت پڇا ڪري غير سنجيدگي جو اظهار ڪيو آهي هن چيوته هاڻ اسان پاڻ بشير خان قريشي جي جسم مان ورتل جزن جي جانچ اسان پاڻ ٻاهرين ملڪ مان ڪرائينداسين حڪومت ان ۾ رڪاوٽ نه وجهي هن چيوته پ پ پ حڪومت سنڌ جي عوام جي خلاف ڪم ڪيو آهي ۽ ذوالفقار آباد رٿا پڻ سنڌ جي اصلي ڌرتي ڌڻين کان ڌرتي کسڻ جا سازش آهي جيڪا اسان پ پ پ کي ڪامياب ڪرڻ نه ڏينداسين هن چيوته تاج حيدر ۽ عاجزڌامراهه غلط بياني ڪري ذوالفقارآباد رٿا جي حق ۾ سنڌ جي عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن پر هاڻ سنڌي عوام کين سڃاتو آهي ته پ پپ وارا سنڌ دشمن آهن هن چيوته بشير خان قريشي کي پنجاب جي اسٽيبليشمينٽ قتل ڪيو پر انهن کي بشير خانقريشي جو خون مهانگو پوندو هن اردو ڳالهائيندڙن کي چيوته هو سنڌين سان محبت جو هٿ وڌائين ۽انهن جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته پو۽ کين سنڌ ڌرتي تي رهڻ مشڪل ٿئي ويندو ان موقعي تي آڪاش ملاح، آصف بالادي، ساگر حنيف بڙدي علي رضا خاصخيلي ، ثنان قريشي، فقير امداد منگي سرفراز ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو .
 
01-06-2012 

موجوده پ پ سرڪار سنڌي ماڻهن جي ووٽ جو قدر نه ڪيو آهي: صنعان خان قريشي:

گھگھر ڦاٽڪ: جسقم جي شهيد چيئرمين محترم بشير خان قريشي جي ڀاء مقصود خان قريشي، پڳدار پٽ صنعان خان قريشي ۽ جسقم اڳواڻ علي نواز مستوئي، سجاد سمون، گھگھر ڦاٽڪ ۾ محمد بخش ڪلمتي ۽ سائين ڏنو کوسو جي وارثن جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي. ان کانپوء رستي ۾ گڏ ٿيل جسقم ڪارڪنن ۽ سنڌي ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي مقصود قريشي ۽ صنعان قريشي چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف سخت مفاهمت ڪرڻ تي جسقم جي ڪارڪنن خلاف اڻ اعلانيل آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جيڪو غلط عمل آهي، اسان اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا.
  
26-05-2012

جيئي سنڌ قومي محاذ پارٽي بشير خان جي هوندي ءِ اسين سڀ ڪارڪن هونداسين ءِ ان جو رهبر سائين جي ايم سيد آهي اڄ لکين بشير خان جي عاشقن کي اپيل ٿا ڪيون ته پنهنجي محبوب اڳواڻ جي انقلابي تنظيم جسقم کي مظبوط ڪن ءِ سنڌوديش جي حاصلات لاءِ وک وڌائيندا رهن-مقصود خان قريشي ميمبر جيئميسٽ ڪائونسل 