WELCOME TO JEAY SINDH QUAMI MAHAZ(J.S.Q.M)

سنڌ جو قومي ڪارونجهر : بشير خان قريشي
اعجاز منگي
ان رات دردونديءَ جو سمورو ديس ستل هو. صرف ڪجهه دل وارا جاڳي رهيا هئا. جڏهن جي ايم سيد جي سياسي ٻچڙن جون موبائيل فونون فقط اهو پيغام ڏيڻ لاءِ مسلسل وڄڻ لڳيون ته ”اها دل هميشه هميشه لاءِ ماٺ ٿي وئي جيڪا سيد ۽ سنڌ لاءِ ڌڙڪندي هئي“
روح مان اڀريل رڙ سان اهو نياپو وصول ڪندڙ قومي تحريڪ جا نوان پراڻا ڪارڪن انهيءَ وقت اٿي کڙا ٿيا. جڏهن هو پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪتا تڏهن ٿڌي آسمان جي مٿان اڀريل پورو چنڊ وهه جي وٽي وانگر ڇلڪي رهيو هو. ڪلٽس، ڪرولا ۽ مهراڻ گاڏين جي ونڊاسڪرينن مان نظر ايندڙ چنڊ کي هو خاموشيءَ سان گهوريندا رهيا ۽ انهن سڀني جو ڏک ۾ ڏريل هيانو اياز جا اهي لفظ جهونگاري رهيو هو ته:
”ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري
ڏي چانڊوڪيءَ جو زهر ڀري
آ ڪيڏو پويون پهر پري!
حيران هزارين مان نه رڳو!!“
هو جن کي ان وقت مڪمل معلومات به نه ملي هئي پر انهن جو وجدان انهن کي پوري پڪ سان ٻڌائي رهيو هو ته ”بشير قريشي طبعي موت جو شڪار نه ٿيو آهي پر هن کي تمام گهري سازش سان قتل ڪيو ويو آهي“
هو هن غلام ڏيهه جو ڏوهاري باغي هو. هن قومي غلاميءَ جي زنجيرن کي قسمت جو لکيو سمجهي قبول نه ڪيو هو. هن خوفن ۽ خدشن کي پهرين ڌڪ سان پوري زور جي ٺوڪر هنئي هئي. جڏهن کيرٿر پهاڙ جي هنج ۾ موجود سن مان اڀريل چنگهاڙ هن جي ڪنن تي پئي، ان وقت هو ديس جي دانهن تي ائين اٿيو جيئن روايتي مڙس زوريءَ کنيل ٻانهن جي رڙ تي اٿندا آهن ۽ هو پانڌ رت سان پسڻ جي پرواهه نه ڪندا آهن ۽ انهن کي صرف گولي نه گسڻ جي جو اونو هوندو آهي. جڏهن سن جي سياسي مڪتب مان هن کي ديس جي محبت جو پهريون سبق مليو هو، تڏهن هو ٽنڊي ڄام زرعي يونيورسٽيءَ جو شاگرد هو. اتر سنڌ جو اهو ارڏو ڇوڪرو جنهن جي هاٺي ڪنهن سڌي لٺ وانگر سنهي هئي، تنهن پنهنجي پوري حياتي سنڌ جي آزاديءَ کي ارپي ڇڏي.
هو ڪنهن سياسي خاندان جو چشم و چراغ نه هو. اهڙا ماڻهو پاڻ خاندان ٿيندا آهن. هن سياسي تعليم جا سبق ڪنهن ميڪاولي استاد کان نه ورتا. هن جو پهريون ۽ آخري استاد سنڌ جو اهو منصور هو، جيڪو وڏن دماغن جي عزت ضرور ڪندو هو پر هن جو عشق وڏين دلين سان هو. اتر سنڌ جو اهو سانورو نوجوان هن کي سراپا دل محسوس ٿيو. جهڙي طرح سنڌ جي سياست کي سيد دل جي حڪم تي هلايو تهڙي طرح بشير قريشيءَ سياست جي سمنڊ ۾ دل جي ڪشتيءَ تي ڪاهيو ۽ قومي تحريڪ جي ڪارونڀار مان هن جي اها ڪشتي طوفانن مان ترندي وئي، جنهن تي ڪهاڙيءَ وارو ڳاڙهو جهنڊو جهولندو رهيو. بشير قريشي ديس جي محبت ۾ ديوانو ضرور هو پر هن ۾ ساڳي وقت بلا جي داناهي هئي. هو سياست جي هر چرپر تي گهري نظر رکندو هو. هن کي معلوم هو ته ڳاڙهو جهنڊو ڪيترو ڳرو آهي!؟ پر اهو جهنڊو هن جي دل ڪشتيءَ جو سڀ کان سگهارو سڙهه به هو. ان جي سهاري هن وڏين آزمائشن جا ڪيئي ڪن ڪراس ڪيا. هو سياست جي سير مان ثابت ويو. هن کي وقت جي ڪنهن به اوتڙ نه اوليو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ٽيهه هزار ڪتاب نه پڙهيا هئا پر هن جو جذبو ۽ هن جي سچي دل هن لاءِ عظيم رهنمائيءَ جا سرچشما هئا. هن جيڪو به سکيو. عمل مان سکيو. هن جي لاءِ عمل ئي اهو اڪيلو اکر هو، جنهن کي هو آخر تائين پنهنجي سڀ کان وڏي سڃاڻ بڻائي چڪو هو. جڏهن سياسي دانشور ڪتابن ۽ نظرين جي حوالي سان اوڀاريون ۽ لهواريون لهندا چڙهندا هئا، تڏهن انهن موقعن تي بشير قريشيءَ جا چمڪندڙ نيڻ ۽ هن جا دمڪندڙ ڳل پنهنجي پوري سرمستيءَ ۾ اچي ويندا هن جو سراپا وجود اهي صوفي سٽون بڻجي ويندو هو ته:
”اڪو حرف تينون درڪار
علمون بس ڪرين وو يار
علمون بس ڪرين وو يار“
اهو ئي سبب هو ته سنڌ جي قومي سياست ۾ علم پوئتي رهجي ويو ۽ عشق وارو عمل بشير قريشيءَ جي روپ ۾ تمام اڳتي وڌي ويو.
اها قومي تحريڪ جيڪا اڳ ۾ هاسٽلن ۽ دوستن جي اوطاقن ۾ نظرياتي ڪچهرين تائين محدود هوندي هئي، ان قومي تحريڪ کي سنڌي عوام ۾ وٺي اچڻ وارو انسان بشير قريشي هو. جهڙي طرح لطيف شاعريءَ کي شهنشاهن ۽ بادشاهن جي محلن مان ٻاهر ڪڍي ميدانن ۽ ريگستانن ۾ آندو تهڙي طرح بشير قريشيءَ قومي تحريڪ کي ننڍي کڏ مان ٻاهر ڪڍي ان عوامي درياهه سان آشنا ڪيو جنهن جو ڪو به ڪنارو نه هوندو آهي. هن پنهنجي مسلسل مزاحمتي عمل ۽ احتجاجي ڌرڻن سان سنڌ جي سياسي ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو. جڏهن ته هن ننڍن عوامي مسئلن جي حل واري سياست به نه پئي ڪئي. هن ڪنهن کي ڪو آسرو نه ڏنو ته سڀاڻي چونڊن ۾ کٽي اچبو ۽ ڪنهن اتحاد جي آڙ ۾ وزارت وٺبي ته سڀني کي سرڪاري ونڊ ملندو. بشير قريشي هر ڏينهن هر وقت هر پل ۽ هر هنڌ پارلياماني سياست تي پنجن آڱرين واري مهر هڻندو هو. هو خانداني طور تي نه پير هو نه مير! هن وٽ ڪا به وڏي جاگير نه هئي. هن وٽ ڪي به ڪارخانا نه هئا. هو پورهيت جو پٽ هو ۽ هن سڄي زندگي قومي پورهيو ڪيو. پر ان پورهئي ۾ هن جي انفراديت هن جو پيار هو. هن ماڻهن کي محبت ڏني ۽ ماڻهو هن جي محبت ۾ قومي تحريڪ سان سلهاڙبا ويا.
مون هن سان ڪيترائي ڀيرا گڏجي سفر ڪيو. هو مون کي ماڻهن جي ميڙ ۾ ائين نظر ايندو هو، جيئن ڪارونجهر پهاڙ جو ڀاءُ هجي. هو انساني هستيءَ ۾ هڪ جبل وانگر هو. هن ۾ جبلن جهڙي سختي به هئي ۽ جبلن جهڙي مستي به هئي. هن ۾ جبلن جهڙي حشمت به هئي ۽ جبلن جهڙي دهشت به هئي. پر ڏونگر کان ڏاڍو ۽ ٽڪرن کي ٽُڪر ڪري ڇڏيندڙ هي قومي ڪارونجهر ان وقت جهڪي پوندو هو، جڏهن هن سان ملڻ لاءِ ڪوئي به اڳتي وڌندو هو. قومي تحريڪ جا ڪارڪن هن جي هٿن کي چميون ڏيندا هئا ۽ هو غريب پگهرهاڻن ڪارڪنن جي مٽيءَ هاڻن هٿن کي چاهه سان چمندو هو. اتر کان وٺي لاڙ تائين هو جڏهن به سون ۽ هزارن ڪارڪنن جي وچ ۾ هوندو هو، تڏهن اتي رعب تاب ۽ ليڊرن واري پروٽوڪول جو پاڇو به نظر نه ايندو هو. اتي ته صرف محبت جو مقابلو نظر ايندو هو. بشير قريشي پنهنجي خاموش چپن سان پنهنجي ڪارڪنن کي اهو چوندو نظر ايندو هو ته ”اچو! ته پيار پڄايون“ ۽ هو پيار جي ۾ سڀ کان اڳتي هو. قومي تحريڪ جي ڪارڪنن کي پوري زندگيءَ ۾ ڪنهن پاران ايترو پيار نه مليو هو جيترو انهن بشير قريشيءَ ڏنو. ان ڪري هو بشير قريشيءَ جي سڏ تي سنهڙين چيلهين ۽ ڪجرين اکين وارا پيار به ڇڏي ايندا هئا. پوري دنيا کي لڳندو هو ته ڪارڪن بشير سان پيار ڪن ٿا پر اصل ۾ بشير ڪارڪنن سان پيار ڪندو هو. جڏهن هن جا ڪارڪن زخمي ٿيندا هئا ته هو انهن جي زخمن تي پنهنجا چپ رکي انهن جو سمورو درد چوسي وٺندو هو. بشير قريشيءَ کي معلوم هو ته قومي تحريڪ ۾ ٽٽل دلين وارا نوجوان ايندا آهن، ان ڪري هن پاڻ کي محبت جي مرهم بڻائي رکيو هو.
هو جيڪڏهن پاڻ سان گڏ هزارن ماڻهن جا هشام کڻي هلندو هو ته ان ۾ علم جوڪارنامو نه هو. پر اهو عشق جو معجزو هو. هن جو پنهنجو وجود ئي ان مٽيءَ مان جڙيل هو جنهن ۾ سنڌ جي عظيم روايتن جو عرق هو. هن پاڻ سان صرف قومي سياست وارا ڪارڪن نه کنيا هئا پر هن جي دوستيءَ جو دائرو هن ديس جيترو ڪشادو هو. هن روپوشيءَ جا ڏينهن قومي ڪارڪنن جي اوطاقن ۾ نه پر دوستن جي ڳوٺن ۾ گذاريا. هو پنهنجي سنگت لاءِ مهل جو مڙس هو. ان ڪري جڏهن هو ڪوئي احتجاجي ميڙاڪو ڪندو هو ته هن جي ڪارڪنن سان گڏ هن جي دوستن جا ڳاهٽ ڪٺا ٿيندا هئا. هو قومي محاذ جو چيئرمين ته هيو ئي سهي پر پنهنجي حقيقي معنيٰ ۾ هو قومي تحريڪ جو سورهيه سرواڻ هو. هن جي لاڏاڻي جي خبر پوڻ شرط صرف اتر جي وڻن تان پکي نه اڏاميا هوندا پر زرعي يونيورسٽيءَ جا ڊگها ۽ جهونا وڻ به پنهنجين جڙن تائين جهري پيا هوندا. هن جي لاءِ صرف سنڌي ماڻهن سوڳ نه ڪيو هوندو پر سنڌ جي ڍنڍن ڍورن به آبي پرندن سان گڏجي هن جو ماتم ڪيو هوندو ۽ هن جي ڏک ۾ سمنڊ لڇيو هوندو ۽ رڻ پٽن به پار ڪڍيا هوندا. ڇو ته هو ڌرتيءَ جو ڌنار هو. هو هر ڪنهن سان الڳ پيار ڪندڙ انسان هو. هن کي معلوم هو ته ڪنهن سان پيار ڪيئن ڪبو آهي؟
هو جوان هو. پر هن جي دامن تي ڪنهن به اخلاقي برائيءَ جو داغ لڳل نه هو. هو نياڻين سان ڳالهائيندي اکيون هيٺ ڪري ويهندڙ بشير قريشيءَ لاءِ سموري سنڌ جون سورٺون ائين پار ڪڍي رنيون هونديون جيئن راءِ ڏياچ جي لاڏاڻي تي جهونا ڳڙهه جهري پيو هو. هو سنڌ جو جهونا ڳڙهه جهوري ويو آهي. اهڙا سخي ۽ ڏاتار ڏيهن ۾ سٿرا نه ايندا آهن. انهن جي لاءِ آسمان کي نه معلوم ڪيتريون گردشون ڪرڻيون پونديون آهن ۽ ڌرتي انهن جي جنم لاءِ ديوانن وانگر ڦيرا پائيندي رهندي آهي.
اها رات ڪنهن به طرح سان معمولي نه هوندي جنهن رات هن کان پيالو ڪرايو ويو. جنهن پهر سنڌ جي انقلابي سقراط کي هن ڌرتيءَ تان ڌڪڻ جي سازش عمل ۾ آندي وئي هوندي اها رات جو پهر پوري ڪائنات تي ڀاري هوندو. اها پوري چنڊ جي رات هئي ۽ پوري سنڌ چانڊوڪيءَ جي زهر ۾ غوتا کائيندي رهي. هو جيڪو پنهنجي عشق ۾ سهڻيءَ سمان هو. هو جيڪو پنهنجي عمل ۾ سسئي جيان هو. هو جيڪو ميرڙن مارن سان مارئيءَ وانگر محبت ڪندو هو. شاهه جي سمورين سورمين جون وصفون پنهنجي وجود ۾ سنڀالي انهن امانتن جو آخر تائين تحفظ ڪندڙ بشير قريشي صرف سنڌ لاءِ سوڳ ئي نه ڇڏي ويو آهي پر هن جي عظيم جدوجهد قومي سياست ڪندڙ هر فرد لاءِ عظيم سبق آهي. هو سائين جي ايم سيد جي انهن ٻارن جو وڏو ڀاءُ هو، جن تي منڍ کان وٺي غيرسنجيده هجڻ جي تهمت لڳل هئي. پر انهن ٻارن سان گڏجي هن قبضي هيٺ آيل شهر ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌي ماڻهو ڪٺا ڪري ميدان ملهائي ڏيکاريو ۽ انهيءَ ڏوهه ۾ انهن ڪارونجهر جهڙي انسان کي سائنسي سازش سان قتل ڪري ڇڏيو.
سنڌ ۾ هڙتال جي لاءِ گهڻو ڪري ڇنڇر جي ڏينهن جو انتخاب ڪيو ويندو آهي. اهي ڇوڪرا جيڪي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن تي احتجاج ڪندي پنهنجن شهرن جي دوڪاندارن کي داٻا ڏئي ڪامياب شٽربند هڙتال ڪرائيندا هئا، اهي ڇنڇر جي اداس ڏينهن تي سن ۽ رتيديري جي وچ تي رلي رهيا هئا ۽ سنڌ جي ننڍين وڏين بازارن ۾ واپاري دوڪان کولي جيئي سنڌ جي ڇوڪرن جو انتظار ڪرڻ لڳا پر ان ڏينهن انهن وٽ ڪو به نه آيو ۽ نيٺ انهن پنهنجيون آليون اکيون قميص ڪي ٻانهن سان اگهي، پنهنجا شٽربند ڪري ڇڏيا.
۽ سنڌ جي قومي ڪارونجهر جي قتل تي سنڌي اکين جا آبشار وهندا رهيا!

 

عمل پسند اڳواڻ جو وڇوڙو

نصير ميمڻ

80 ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ قومپرست هلچل جي ڪيترن ئي ڏڦيڙن ۽ تنقيدن جو شڪار رهي، اتي ان سنڌي سماج اندر قومپرستيءَ وارن لاڙن کي عوامي سطح تي عام ڪرڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. خاص طور تي 90ع واري ڏهاڪي ۾ قومپرستي سنڌ اندر يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي محدود دائري مان نڪري هڪ عوامي احساس واري شڪل اختيار ڪري سنڌ جي شهرن توڙي واهڻ وستين ۾ عام ٿي وئي. اها الڳ ڳالهه آهي ته قومپرست سياست ڪندڙ تنطيمون ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائجي ويون پر عوامي سطح تي سنڌ بابت بنيادي سوالن تي چٽائي وڌيڪ گهري ۽ ڪشادي ٿي وئي. نتيجي ۾ سنڌ جي بنيادي مفادن تي سنڌ اندر هڪ عوامي ٻڌيءَ جي لهر جنم ورتو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو قومپرست تنظيمن جي الڳ هجڻ جي باوجود سنڌ ۾ مجموعي طور عوامي سطح جو هڪ اڻ لکيو اتحاد موجود آهي. ان جا مثال سنڌ جي جاگرافيائي وحدت، سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي بقا، پاڻي، ڌاري آبادي ۽ شهرن جي مالڪيءَ وارن معاملن تي سنڌ اندر موجود غير معمولي ٻڌيءَ جي شڪل ۾ نظر اچن ٿا.

ان سڄي قومپرست هلچل کي عوامي رنگ ۽ عوامي مڃتا ڏيارڻ وارن ڪردارن ۾ بشير قريشي هڪ يگانو ڪردار رهيو آهي. خاص طور تي گذريل ڏهاڪو کن سالن دوران هن جي سياسي ڪردار ۾ جيڪا فهم جي گهرائي ۽ سنجيدگي پيدا ٿي هئي، اها سندس شاگرد اڳواڻ واري سياسي ڪردار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پختي، ساڃاهه وند ۽ باعمل هئي. 70ع ۽ 80ع وارن ڏهاڪن جي روايتي شاگرد سياست مان ڪي چند ڪردار ئي اڳتي هلي ايترا پختا ۽ ڪميٽيڊ عوامي اڳواڻ بڻجي سگهيا. شاگرديءَ جي زماني ۾ جيلن جون اذيتون برداشت ڪندڙ ڪيئي نالي وارا ڪردار اڳتي هلي قومپرست سياست کان اهڙا لاتعلق ٿيا ڄڻ هنن ڪڏهن سنڌ لاءِ سياست ڪئي ئي نه هئي. بشير قريشي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن مان هئو جنهن سان سو اختلاف رکڻ جي باوجود اهو مڃڻو ٿو پوي ته هن سنڌ جي قومپرست سياست واري سفر کي نه رڳو مستقل مزاجيءَ سان جاري رکيو پر ان کي اوسر جي نين اوچاين تي به کڻي ويو. پنهنجي ذات ۾ انتهائي سادو، سودو، ملنگ صفت روايتي سنڌي، سنڌ جي معاملن تي ارڏائپ جا سمورا رنگ پسائيندو هو. سندس ذات جي ڳڻن تي ته اهي ماڻهو بهتر لکي سگهن ٿا، جيڪي کيس ذاتي طور ويجهارهيا هوندا پر سندس سياسي شخصيت جا ڪي پاسا نهايت اهم آهن. بشير قريشي نه ڪو گهڻو پڙهيو لکيو سياسي اڳواڻ هيو ۽ نه ئي جديد معيشت ۽ سياست جهڙن موضوعن جو ڪو گهرو اڀياس هئس پر هڪ بنيادي ڳالهه تي هو تمام گهڻن پڙهيل لکيل ماڻهن کان چٽو هئو ۽ اها ڳالهه هئي سنڌ جي هڪ آزاد وطن طور سنڌين جي ملڪيت هجڻ. هڪ ڳالهه اهم آهي ته جيئن ته هو هڪ عمل پسند ماڻهو هئو، تنهنڪري هن پنهنجي سياسي ساڃاهه جو اظهار تقريرن، ليڪچرن يا لکڻين بجاءِ عمل سان ڪيو. مثال طور سنڌ جي سمورن قومپرست پارٽين جي اڳواڻن کي اوهان ڪراچيءَ جي سنڌ لاءِ اهميت تي ڳالهائيندي ۽ لکندي ڏٺو هوندو پر انهن مان ڪنهن به پنهنجي سياسي آفيس ڪراچيءَ ۾ قائم نه ڪئي. بشير قريشيءَ جي سياسي ساڃاهه ان معاملي ۾ گهڻي اڳڀري هئي جو هن پنهنجي سياسي عمل جو مرڪز ڪراچيءَ کي بنايو. ساڳي طرح سنڌ جا سمورا قومپرست اڳواڻ قبائلي جهيڙن کي سنڌ جي سماجي ۽ سياسي اوسر ۾ تمام وڏي رنڊڪ سمجهن ٿا پر ان محاذ تي به جيترو عملي ڪردار بشيرقريشيءَ جو نظر اچي ٿو، اهو ٻين پارٽين ۽ اڳواڻن جو نظر نٿو اچي. اهڙي طرح هن جي سادي سودي اظهار جي پٺيان شعور جي گهرائي ۽ عمل جي اوچائي نهايت چٽي هئي، سندس اهڙين نرالين خاصيتن کيس تنطيمي ڪارڪن توڙي عام سنڌين ۾ هڪ مقبول اڳواڻ بنائي ڇڏيو هو.

ڪراچي جيئن هوريان هوريان سنڌ جي مستقبل لاءِ ويڙهاند جو ميدان بنجندو پيو وڃي، ان مان صاف ظاهر آهي ته 23 مارچ تي ٿيل فريڊم مارچ ڪيترن ئي طاقتن لاءِ هضم ڪرڻ ڏکيو هو. ايئن ناهي ته ان مارچ پٺيان ڪا ٻئي ڏينهن تي سنڌو ديش جي تحريڪ شروع ٿيڻ واري هئي پر ان رنگ ۾ سنڌين جو منظم طريقي سان ڪراچيءَ ۾ مارچ ڪرڻ جو مقصد انهن سمورين ڌرين کي پيغام ڏيڻ هو جيڪي ڪراچيءَ جي آئيندي بابت ڊرائنگ بورڊ تي ڪنهن به رٿابنديءَ ۾ جنبيل آهن. فريڊم مارچ اهڙين سمورين ڌرين لاءِ اهو پيغام هو ته ڪراچيءَ بابت ڪو به فيصلو ڪرڻ يا ان بابت سوچڻ کان اڳ اهو نه وسارين ته سنڌي ڪراچيءَ ۾ هڪ طاقتور ڌر آهن ۽ کين نظرانداز ڪري ڪراچيءَ بابت ڪي به هڪ طرفا فيصلا نٿا ڪري سگهجن.

درحقيقت سياسي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان ڪراچيءَ جي اهميت سنڌ جي جاگرافيائي ايڪي توڙي سنڌين جي قومي آئيندي لاءِ انتهائي اهم آهي. ان اهميت کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪن وڏن دليلن جي ضرورت ناهي. هاڻي جڏهن ورهاڱي کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌين روزگار ۽ رهائش لاءِ ڪراچيءَ جو منهن ڪيو آهي ته ڪيترين ئي طاقتن کي ان ڳڻتيءَ اچي ورايو آهي ته ڪجهه سالن يا ڏهاڪن اندر ڪراچيءَ جا سنڌي منظم ٿي جڏهن شهر مٿان پنهنجي کسيل مالڪيءَ جي دعويٰ ڪندا ته پوءِ کين منهن ڏيڻ آسان نه رهندو. آخرڪار سنڌي قيامت تائين ته موقعي پرست ۽ ويڪائو وڏيرا شاهي ۽ سندن حڪومتن جا غلام نه رهندا. بشير قريشي هن وقت قومپرست اڳواڻن ۾ ان حوالي سان هڪ منفرد سڃاڻپ ٿي رکي ته هو ڪراچيءَ جي مالڪيءَ لاءِ سڄي سنڌ مان هر سياسي سوچ جي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ ڪٺو ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ اڳواڻ هو. ان صلاحيت جو عملي مظاهرو هو اڳ ۾ به ڪندو رهيو آهي ۽ تازو 23 مارچ وارو فريڊم مارچ ان جو انتهائي سگهارو مظاهرو هئو. اهو مارچ ڪو عام رواجي مارچ نه هو پر درحقيقت ڪراچي اندر طاقت جو توازن تبديل ڪرڻ جي هڪ انتهائي اهم شروعات هو. سنڌ جون ٻيون قومپرست پارٽيون جيئن ته پهريون ڀيرو الڪيشني سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيارين ۾ جنبيل آهن، تنهنڪري هن انتهائي نازڪ ۽ اهم موڙ تي سندن سياسي هلچل جا مرڪز سنڌجون ٻهراڙيون بنيل آهن ۽ ڪراچي شهر ڏانهن سندن سياسي ڌيان بنهه گهٽ آهي.

ان لحاظ کان ڏسجي ته بشير قريشي سياسي حڪمت عمليءَ جي حوالي سان اهم ڪم ۾ جنبيل هو، جنهن جا اثر تمام ڏور رس هئا. اهڙي موقعي تي سندس وڇوڙو هڪ ڪاپاري ڌڪ آهي. ان خاص پسمنظر ۾ سندس متبادل موجود ناهي ۽ ان ڪارڻ مجموعي طور سنڌين ۾ ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ جي رهواسي سنڌين ۾ ڏک جو احساس گهرو ٿي رهيو آهي. سنڌين جي چونڊيل حڪومت ڪراچيءَ جي حوالي سان سنڌين لاءِ مشرف کان به ٻه وکون اڳتي آهي. ارباب غلام رحيم کي سنڌ جو غدار قرار ڏئي سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين اجلاس ۾ سندس بي عزتي ڪندڙ پارٽي هاڻي ارباب رحيم جا به سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ڪراچيءَ جي سنڌين ۽ بلوچن سان جيڪا ويڌن هي حڪومت ڪري رهي آهي، ان جا ماضي ۾ گهٽ مثال ملن ٿا.

بشير قريشيءَ جو ٻيو نهايت اهم ڪم، جنهن جي هن گهٽ شهرت ڪرائي اهو هيو سنڌ اندر ذاتين ۽ قبيلن جا جهيڙا ختم ڪرائڻ. سنڌ ۾ شايد ئي ڪو قبيلائي جهيڙو اهڙو هجي. جنهن جي ڌرين وٽ هو پاڻ نه پهتو هجي. ڪيئي ڏهاڪن کان اتر سنڌ جا ڪيترائي ضلعا قبيلائي جهيڙن جي باهه ۾ پڄري رهيا آهن. حڪومتن ۽ رياستي ادارن تي قابض ڀوتارن جو ٽولو انهن قبيلائي جهيڙن مان سڌو سنئون فائدو وٺي ٿو، تنهنڪري انهن جي گهڻائي انهن جهيڙن کي جاري رکڻ ۾ خوش آهي. ٿاڻي ۽ اوطاق جو راڄ انهن قبيلائي جهيڙن سان قائم آهي ۽ حڪومتون انهن کي ختم ڪرڻ ۾ ٽڪي جيتري به سنجيدگي نه ٿيون رکن، بلڪه حڪومتن ۾ ويٺل وزيرن ۽ ميمبرن جو انهن قبيلائي جهيڙن جي باهه ڀڙڪائڻ ۾ سڌو سنئون ڪردار به آهي. سنڌي قوم جي سياسي ۽ سماجي ايڪي لاءِ ناسور بڻيل انهن جهيڙن کي سنڌ جون قومپرست ڌريون پوري شدت سان ننديديون رهن ٿيون پر شايد ئي ڪنهن اڳواڻ ان باهه کي وسائڻ لاءِ ايئن عملي ڪردار ادا ڪيو هجي جيئن بشير قريشي ڪري رهيو هو. سندس وڇوڙي سان سنڌي قوم جي تباهه ٿيندڙ مزاحتمي سگهه کي سنڀالڻ واري ان اهم ڪم کي به ڌڪ رسندو. قبيلائي ۽ جرڳائي سردارن جا نبيرا الڳ ڌنڌو آهن، بشير قريشيءَ جو ان عمل جي پٺيان سياسي شعور ۽ مقصد ڏاڍو اتانهون هيو. اميد ڪرڻ گهرجي ته سندس تنظيمي ساٿي ان اهم ڪم کي جاري رکندا.

 

 ڇا بشير قريشي جو خون به لڙهي ويندو

23 مارچ 2012 تي ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌين جو گڏجڻ، سو به بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي، هڪ اهڙي قومپرست ڌر جي پٺيان جنهن وٽ نه ته ڪنهن ملازمت جو آسرو هجي ۽ نه اقتدار اختيار جو، بس ان ڌر وٽ آهي ته آزادي ۽ خوشحاليءَ جو خواب. سنڌ جي ويجهڙ جي سياسي تاريخ ۾ اهو هڪ وڏو ڇال هو. ڇو ته هيلتائين اقتداري ايوانن ۾ ويٺل ڌرين وٽ سنڌ جي قومپرستن لاءِ اها منفي راءِ رهي آهي ته اهي هڪ ڪائونسلر جي سيٽ به نٿا کٽي سگهن، پر هي تبت سينٽر کان وٺي نمائش چورنگيءَ تائين ماڻهن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ انهن سڀني ڌرين لاءِ پيغام هو ته سنڌ جي قومپرست جهدوجهد هاڻي عوام سان ڳنڍجي چڪي آهي. ايئن اهو پيغام سنڌ، ملڪ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو ته سنڌي مظلوم قوم آهن ۽ هن ملڪ اندر سندن حق غضب ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪراچي شهر جيڪو سنڌ جي راڄڌاني پڻ آهي، ان تي مالڪي جي دعويدارن کي به احساس ٿيڻ لڳو ته نه ٻيلي اسانجي مالڪي اجائي آهي، اصل ڌڻي ميدان تي اچي چڪا آهن.

 

ڌرتي ڌڻين کي وارثي ۽ مالڪيءَ جو اهو احساس ته سائين جي ايم سيد ڏياري ويو هو، ليڪن ان جي فڪر جي روشني ۾ ان کي عوام سان عملي طرح جوڙيندڙ ۽ ڳنڍيندڙ بشير قريشي هو، جنهن هميشھ ڀٽائي کي پنهنجو سونهون سمجهيو ۽ هو ڀٽ ڌڻي جي هنن سٽن جو مظهر هو:

 

هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن

ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.

سو بشير قريشي جو عوام سان جڙجڻ، قومي تحريڪ جو عوامي رنگ سامهون اچڻ يقيني طور تي اقتداري ايوانن، رياستي ادارن ۽ سنڌ دشمن قوتن ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو. ايئن انهن اُن مارچ کان ترت پوءِ ٽڪساٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جنهن جو اَنت لامحاله بشير قريشي جي اچانڪ شهادت تي اچي ٿيو.

پاڻ جيڪڏهن هن ملڪ جي سياسي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اها دوکن، دولابن، ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ تشدد سان ڀري پئي آهي. هتي نه رڳو عوام سان هميشھ ويساهه گهاتيون ڪيون پئي ويون آهن پر اهڙا ليڊر جن هن ملڪ کي ٺاهيو، ملڪ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون، هر ممڪن وفاداريون نڀايون، انهن کي پڻ ڪنهن نه ڪنهن سازش وسيلي صفحه هستي تان مٽايو ويو. پاڻ انهي بحث ۾ نٿا پئون ته وفاقي سطح جي سوچ رکندڙ اهي سياستدان ڪهڙي سوچ رکندڙ هئا يا انهن جو سنڌ جي مفادن سان ڪيترو سروڪار هو، پر سياستدان هجڻ ڪري اهي به اَڏيءَ تي قربان ڪيا ويا. لڳ ڀڳ اهڙن قتلن جا هيلتائين نشان ۽ شاهديون ملڻ باوجود اهي انصاف خاطر ٻاڏائي رهيا آهن.

هڪ ڳالهه هتي واضح ڪندا هلون ته تاريخ ۾ هڪڙا سياسي قتل سڌي ريت ڪيا ويندا آهن ۽ ٻيا اڻسڌي ريت. بدقسمتي چئجي ته هن ملڪ اندر هيلتائين جيڪي سڌي ريت سياسي قتل ڪيا ويا آهن، انهن کي به انصاف پلئه نه پئجي سگهيو آهي، جڏهن ته اڻسڌي ريت قتل ته اختيار ڌڻين جي ڄڻ ته ڪنهن ليکي ۾ ئي نه آهن. جيئن ملڪ جي بانيڪار محمد علي جناح جو موت به اڻسڌو سياسي قتل هو، پر ان جي پرده پوشي ڪندي ان کي تاريخ جي ڪٻاڙ خاني حوالي ڪيو ويو. ايئن لياقت علي خان، حسين شهيد سهروردي، (کيس زهر ڏئي ماريو ويو هو) فاطمه جناح، ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد نذير عباسي، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا قتل به سياسي قتل هئا. پر اهي سمورا قتل دينا داستي هجڻ باوجود انصاف جي ادارن وٽان انصاف نه ماڻي سگهيا آهن. جڏهن ته انهن سمورن سياسي قتلن بابت ارباب اختيار هميشھ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.

جيڪڏهن ويجهڙ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اسانکي نقطئه نظر جي اختلاف، ڌرتي ۽ پنهنجي عوام لاءِ آزادي وارو حق حاصل ڪرڻ خاطر جهدوجهد ڪرڻ جي الزام ۾ بلوچ اڳواڻن نوروز خان، شهيد اڪبر بگٽي ۽ شهيد بالاچ مري جا به سياسي قتل سڌي ريت ٿيل ملن ٿا، جن ۾ ڪير ملوث آهي، اها هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي.

ان کانپوءِ اڻ سڌي ريت پاڪستان جي ويجهڙ جي تاريخ ۾ جيڪي قتل ڪيا ويا آهن اهي پڻ اڃا تائين هڪ ڳجهارت بڻيل آهن. جيئن شاهنواز ڀٽو کي فرانس ۾ زهر ڏئي ماريو ويو، اصغر خان جي پٽ عمر اصغر خان جي موت بابت خودڪشي جو ناٽڪ رچايو ويو، جنرل آصف نواز جنجوعه کي زهر ڏئي مارايو ويو. سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن کي پراسرار نموني باهه ڏئي ماريو ويو. اهي سمورا قتل ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته هن ملڪ ۾ جتي عام ماڻهو محفوظ ناهي، اتي سياسي ماڻهو ته بنهه ٽارگيٽ تي هجن ٿا. سو به اها سياست جيڪڏهن عوام جي آجپي ۽ خوشحالي جي هجي ته پوءِ اها قيادت آخر ٽارگيٽ تي ڇو نه هوندي؟ ان ڪري پڪ ڄاڻو ته سنڌ اندر قومپرست تحريڪ جي سگهاري قيادت ڪندڙ بشير قريشي به گهڻي عرصي کان سنڌ دشمن قوتن جي اک ۾ هو، ۽ انهن سندس جان وٺڻ جو ٽارگيٽ اڻسڌي ريت حاصل ڪيو.

جيتوڻيڪ بشير قريشي جو پوسٽ مارٽم به ٿيو، جسم جا حصا به ورتا ويا پر انهن کي هي سٽون لکڻ تائين ڪڏهن روهڙي، ڪڏهن ڪراچي جي سروسز اسپتال ته ڪڏهن آغا خان رُلايو پئي ويو. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي صحت وارو سيڪريٽري، جنهن جو تعلق هڪ لساني ڌر سان آهي اهو رت جي جزن جي آغا خان مان ٽيسٽون ڪرائڻ بابت اين او سي ڏيڻ کان انڪاري آهي. جڏهن کان “ڊان” ٽي وي چئنل تي بشير قريشي کي زهر ڏئي مارڻ واري ڳالهه جو ڀانڊو ڦاٽو آهي تڏهن کان لاڳاپيل ادارا ۽ ڌريون الرٽ ٿي ويون آهن ۽ اهي ڪنهن ساک واري اداري کان ڪيميڪل ٽيسٽون ڪرائڻ بدران نٽ نٽاءُ کان ڪم وٺي رهيون آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن تي پڻ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. جڏهن ته جسقم جي مرڪزي اڳواڻن آصف بالادي، نياز ڪالاڻي ۽ ٻين حڪومت، اختيار ڌڻين جي اهڙي روش سبب حڪومتي ادارن تي جاچ رپورٽن جي سلسلي ۾ عدم اعتماد جو اظهار ڪندي 11 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو، جيڪا ويجهي تاريخ جي تاريخي هڙتال هئي. ان کانسواءِ سنڌ جي سياسي اڳواڻن سائين جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، عبدالواحد آريسر، خالق جوڻيجو ۽ ٻين جو پڻ اهو موقف سامهون آيو آهي ته رت جي جزن جي چڪاس ۾ حڪومتي ادارن طرفان نٽ نٽاءُ ڪرڻ سبب شڪ شبها وڌي رهيا آهن، ان ڪري فوري طور ڪنهن ساکائتي اداري کان اهي جزا چڪاسيا وڃن، جيئن هڪ قومپرست اڳواڻ جو خون تري سگهي.

هي خون ڪو عام ناهي، هي خون ڌرتيءَ سان ڪميٽيڊ هڪ اهڙي شخص جو آهي، جيڪو ڄائو به ڌرتي لاءِ هو ته شهيد به ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ٿيو آهي، جنهن جو آواز 23 مارچ تي رمپا پلازا ڪراچي واري پل تان هيئن گونجيو هو:

عمر يست ڪه آواز منصور ڪهن شد

من از سرنو جلوه دهم دارو رَسن را

ترجمو: “عرصو ٿيو آهي ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي، هڪ ڀيرو وري نئين سر دارو رسن کي سينگارڻ گهران ٿو”

بروبر منصور جو اهو آواز ظالم قوتن في الحال ته خاموش ڪرائي ڇڏيو آهي، پر اها ڪڙي حقيقت ظالم قوتن کي نه وسارڻ گهرجي ته تاريخ سَنڍ نه ٿيندي آهي، اها پنهنجي ڪک مان هزارين منصور وري جنم ڏئي سگهي ٿي. مٿي ۽ پيرين اگهاڙن ماڻهن جو هي قافلو جنهن جي منزل اڻانگي ۽ پنڌ پري آهي، اهو يقين ڄاڻو ته روان دوان رهڻو آهي ۽ روان دوان رهندو.

جيتوڻيڪ بشير قريشي جي جسم مان ورتل Viscera چڪاسڻ لاءِ سرڪار طرفان 15 ڄڻن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ ويهاريو ويو آهي پر جنهن ملڪ ۾ صدر ۽ وزير اعظم ئي بااختيار ۽ آزاد نه هجن اتي اهو بورڊ ڪيتري غير جانبدار راءِ ڏئي سگهندو. ان تي به سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ عام زهرن جي چڪاس ئي چڱي نموني ٿيڻ مشڪل هوندي آهي ان ڪري جديد زهرن جي تهه تائين پهچڻ هتي بنهه ڏکيو آهي. سنڌ ۾ ميڊيڪو ليگل جو ماهر سمجهيو ويندڙ ۽ 200 کان مٿي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ جي راءِ آهي ته “هتي ڪنوينشنل زهر جي ئي مشڪل سان چڪاس ممڪن ٿي سگهندي آهي،ان ڪري اَن ڪنوينشنل زهر چڪاسڻ لاءِ اسڪاٽ لينڊ يارڊ سان رجوع ڪرڻ گهرجي، جتي اهڙي قسم جي سهولت موجود آهي”. اهڙي ماهراڻي راءِ کانپوءِ ٿيڻ ته ايئن کپي ته سرڪار پاڻ ئي بشير قريشي جي جسم مان ورتل حصن جي چڪاس اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي جديد ليبارٽرين مان ڪرائي، سندس ڪٽنب ۽ سنڌي عوام کي مطمئن ڪري جيڪڏهن ايئن نٿو ٿئي ته پوءِ هتان وارين رپورٽن تي شايد ئي ڪو ڀروسو ڪري.

باقي جيئن پاڻ مٿي بحث ڪري آيا آهيون ته هن ملڪ ۾ ملڪ جي بانيڪار کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو تائين جيڪي به سياسي قتل ڪيا يا ڪرايا ويا آهن ان بابت ارباب اختيار حقيقتون خلق خدا کان نه رڳو لڪايون آهن بلڪه قاتلن تي ڪک پڻ رکيا آهن. اڃا به ايئن چئجي ته درست ٿيندو ته سگهارن ملڪي ادارن کي اهي خون ڦٻي ويا آهن. هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته آيا ماضيءَ جي سياسي قتلن وانگر سنڌ جي قومپرست اڳواڻ بشير قريشي جو خون به اهي کائي ويندا؟ ان جو جواب هائوڪار/نهڪار ٻنهيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ارباب اختيار ۽ انهن ادارن وٽ ماڻهو مارڻ/مارائڻ جي جديد فني مهارت به آهي ته شاهديون ميسارڻ جي به. ان ڪري خدشو آهي ته ڪٿي بشير قريشي جي خون جون شاهديون به ميساريون نه وڃن. باوجود انهن سمورن خدشن ۽ امڪانن جي هن ڏک ۽ سانحي جي گهڙيءَ ۾ سنڌي ماڻهن کي Nation Hood وارو ڪردار نڀائڻو آهي، اهي جتي به آهن، جنهن به پوزيشن تي آهن، اهو قومي خون تارڻ لاءِ جيترو به ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ جيڪڏهن اهي هٿ هٿ ڪندا، عالمي ادارن تائين دانهين ٿيندا ته سنڌ جو هي قومي خون ظالم قوتون ڳڙڪائي نه سگهنديون.

 

ڪروڙ ماڻهن کي ڀاڪر ۾ وٺڻ جي سزا

ارشاد ميمڻ 

هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي پهچڻ بعد ميڊيسن، سائنس نه پر آرٽ ڪوٺجي ته بهتر ٿيندو. خاص طور، فارينسڪ ميڊيسن ته آهي ئي سموري فَنُ. ٻن ڏهاڪن دوران ٻه سو جي لڳ ڀڳ پوسٽ مارٽم چڪاسون ڪندڙ ۽ انهن جون رپورٽون لکندڙ راوي، تجربي جي روشني ۾، بشير قريشي جي ڪُمهلي لاڏاڻي کي فطري موت قبولڻ کان نهڪار ٿو واري. هي سٽون سندس موڪلاڻيءَ جي چوٿين ڏهاڙي لکيون پيون وڃن. ڪيميڪل ايگزامنر وٽان نتيجو اچڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. پاڻ جنهن پرڳڻي ۾ رهون ٿا اُتي خون لُڙهي وڃڻ جي روايت ورلي ناهي. قومي تحريڪ ۾ بشير جو مرتبو هُن جي اوچتي مرگ بابت سوال اُٿارڻ جو ڪارڻ چئجي ته غلط نه ٿيندو. فرض ٿا ڪريون ته جسماني حصن جي ڪيميائي تپاس ۾ ڪنهن زهريلي مادي جو ڏَسُ نه ملي. ايئن اڻ ٿيڻو به نه آهي. هتان جي وايومنڊل ۾ فقط چند ڏوڪڙن عيوض کير، پاڻي ۽ پاڻي، کير ٿيو وڃي. ڳجها هٿ چُست هجن ته هر طرح جي توقع رکي سگهجي ٿي. ڪيميڪل ايگزامنيشن ڪندڙن پاران نفيءَ ۾ رپورٽ جاري ٿيڻ جي صورت ۾ پڻ راقم، نابريءَ تان دستبردار نه ٿيندو. انومان يقين ۾ بدلجندي نهاريندو ته ڪٿي نه ڪٿي گڙٻڙ موجود آهي. 

طبي سکيا کي ڪلا، آرٽ جو روپ وٺڻ واري مرحلي تي رَسي وڃڻ کانپوءِ ڏسبو ته دروهه جي واٽ هلندڙ هر باغي روح کي منظر تان تڪڙو هٽائڻ خاطر هُن جو باطن، جسم پهريون نشانو هجي ٿو. سنڌ اندر قومي ڪارڪنن جي لڏي پويان ڪيترائي واڳون ڇڏيا اٿن. هڪڙا سَپَ اسين پاڻ پاليندا وتئون. بشير قريشي جهڙن ڌُوپار همراهن، هيانءَ جي ڏَڍَ کان ڪم ورتو. دشمن کي سدائين ٻُوڙن ۾ لڪل ڏٺو. نه ڄاتو ته ساڳيو ڏانئڻُ ٿالهي ۽ دَٻڪيءَ مان به مُنڍي ڪڍي سگهي ٿو جن ۾ رات جي ماني کائي رهيا هجئون. وَيري تنهن وَٽيءَ ۾ هجي سگهي ٿو جنهن مان چُسڪيون پيا ڀريون. سِرائي قربان وارن جي بُتَ کي ڪَوڪلو ڪندڙ تيلي گهڙيءَ اسان جي ڇاتيءَ منجهه اُڇلائي وڃي ته عجب نه وٺي. غور سان تڪبو ته ميڊيسن خود وضاحت ڪندي. سُڻائيندي ته وِههُ هوريان هوريان بشير جي تَنَ ۾ اوتيو ويو. بلڪل ان سمئه زهر جو مقدار وڌايو ويو جڏهن سندس وڌيڪ اڳتي وڌڻ منظور نه هئو. اهي ديوتائن جا ڪم آهن. اٻوجهه لوڪ جي سُرت کان مٿڀرا.

20 مارچ جي رات. آءُ ۽ پيارو همسفر گاڏهي تيز وِکون کڻندا پهچئون ٿا، محمد خان شيخ ۽ نورالدين جماليءَ جي مَڏي. ويهارو دوستن جي غير رسمي ويهڪ. اسين تنظيم جو ڀاڱو نه هوندي به صلاح مشوري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪوٺيل. مانواري آصف بالادي جي جنرل سيڪريٽري ٿيڻ ڪري مون جهڙن کوڙ سُتل ڪارڪنن ۾ ڦُڙتي آئي. گڏجاڻيءَ ۾ مُک شخصيت بشير قريشي. ٻن ڏينهن بعد ٽيويهين تاريخ تي رٿيل فريڊم مارچ جي مختلف معاملن جو جائزو وٺڻ جي ايجنڊا. صحافي خورشيد عباسي، سُڄاڻ ضمير گهمرو، شڪيل سومرو، شفقت کوسو، حميد سبزوئي، محبوب عباسي. پارٽيءَ جا آصف، بشير خاصخيلي ۽ ٻيا. مڙني ساٿين جي ذڪر پويان هڪ مطلب آهي. شاهدي گهربل آهي. سندن روبرو تنهن آڌيءَ بشير قريشيءَ هي ڳالهه چئي. ڇرڪائيندڙ نه پر همٿائيندڙ . ڪراچيءَ ۾ سنڌي عوام ڪَٺَي ڪرڻ لاءِ پاڻ الاهي وقت کان رابطي جي مهم تي نڪتل هئو. واهڻ واهڻ، وسندي وسندي. نهايت وڏي اُتساهه وچان ۽ ٿڌو ساهه کڻندي ٻُڌايائين-يَارو، مان گذريل مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪروڙ ماڻهن سان ڀاڪر پائي آيو آهيان. پَڪَ سان اُتي پٿاريل همراهن جي پهرين نگاهه سِڌو بٽڻ کليل هُن جي ڇاتيءَ ڏانهن وئي هوندي. ليکڪ لاءِ حياتيءَ جو اولين مشاهدو هئو. تنهن سِيني منجهه تڪڻ جنهن سوا سو لک ٻيا سينا پاڻ ڏانهن ڇڪيا هجن. ميڊيسن آرٽ به آهي. وجدان، ڪلا جو بنياد آهي. ساڳيو وجدان مون کي ڏَسي ٿو ته اهڙي ڇاتيءَ اندر ڌڙڪندڙ دل کي ڀَور ڪرڻ جي سگهه فطرت وٽ نه آهي. ٻيو نه ته به جلد بازيءَ جي گنجائش بنهه ڪانه هوندس.

پوسٽ مارٽم رپورٽ ڪيئن به اچي. ڇيهه اهو ڪندي ته ماهرن کي بشير جي موت جو ڪو غير فطري ڪارڻ نظر نه آيو. فارينسڪ ميڊيسن جي طالب هئڻ ناتي ڄاڻان ٿو. هُو ان مَرتيي کي نيچرل ڊيٿ پڻ لکي نه ٿا سگهن. طِبي سَٿَ جي ننڍڙي رڪن طور ٿو لکان هُن کي يوناني هِيرو پراميٿئس وانگر ديوتائن عتاب ۾ وڌو. هڪ ڪروڙ ماڻهن کي ٻَکُ پائڻ جي سزا ڏني. ٻه سو آٽوپسيز ڪندڙ ڊاڪٽر جي هيءَ تحرير رڪارڊ تي رکي وڃي. مهل سِر ڪم ايندي

 

قومي جهدوجهد جي علمبردار جو وڇوڙو

شوڪت علي سانڀل

 سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي اڳواڻن جي شهادتن ۽ موت تي نظر وجهنداسين ته سائين جي ايم سيد، ٺوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد، سميع الله ڪلهوڙو جي شهادت، سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي ۽ نور الله تنيو جي شهادت ۽ سڄي ڄمار قومي تحريڪ کي ڏيندڙ عاشق سنڌ سڪندر سومرو ۽ تازو عشق سنڌ ۾ شهيد ٿيندڙ بشير خان قريشي جي شهادت جنهن سڄي سنڌ کي روئاري ڇڏيو. سنڌ جي آجپي لاءِ جهدوجهد ڪندڙ هر اڳواڻ توڙي ڪارڪن عظيم آهن پر اهي وڌيڪ عظيم آهن جن کي سازش تحت شهيد ڪيو ويو يا جن پنهنجي سڄي زندگي قومي تحريڪ جي حوالي ڪري ڇڏي هجي ۽ قومي آزادي لاءِ جهدوجهد ڪندي دم ڏنو هجي. سنڌ جي سڀني شهيدن وانگر بشير خان قريشي به سنڌ جي عشق ۾ جان ڏيئي هميشھ لاءِ امر ٿي ويو. قومي تحريڪ جي انهن سڀني اڳواڻن کي مختلف طريقن سان شهيد ڪيو ويو. سائين جي ايم سيد جي بيماري وقت پرڏيهه مان علاج نه ڪرايو ويو ڪجهه اڳواڻن کي ٽارچر سيلن ۾ جسماني ٽارچر ڏيئي شهيد ڪيو ويو، ڪجهه اڳواڻن کي سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ بشير خان قريشي کي سقراط جيان زهر جو پيالو ڏيئي شهيد ڪيو ويو. انهن سڀني کي هڪ ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو ته هو سنڌ جي آجپي لاءِ جهدوجهد ڪري رهيا هئا. سندن جهدوجهد جو هڪ ئي مقصد هو ته پنهنجي مادر وطن کي آزاد ڪرائجي.

ڪجهه سالن کان سڄي سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ بشير خان جو سفر تيز هيو. سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن سان به زيادتي ٿيندي هجي، ميڊيا جي هن تيز ترين دور ۾ به پوليس ۽ ميڊيا کان اڳ ۾ بشير خان قريشي پهچي ويندو هيو. سنڌ ۾ ڌرتي لفظ کي هن شخص متعارف ڪرايو. پاڻي جي کوٽ هجي، ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو هجي، اين ايف سي ايوارڊ جو مسئلو هجي، سنڌي هندن سان ڏاڍائي هجي، قبيلائي تڪرار هجن، ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺ ڊاهڻ جو مسئلو هجي، پورهيتن سان زيادتيون هجن بشير خان سڀ کان اڳ پهچي ويندو هيو. هڪ دفعي اسٽيل مل مان ملازمن جي ڇانٽي ڪري سنڌي ملازمن کي برطرف ڪيو ويو. جنهن تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بشير خان جي اڳواڻي ۾ مظاهري تي پوليس لٺ بازي شروع ڪري ڏني. لٺي بازي دوران سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا هئا پر پوءِ به مان هن کان هڪ ئي آواز ٻڌو پئي ته ملازمن کي بحال ۽ نعري سنڌ جيئي سنڌ.

احتجاج جو سڏ هن لاءِ ايئن هيو ڄڻ کيس ڪنهن ڪاج جي دعوت ڏني هجي. صبح جو نوشهرو فيروز ۾ عمران جوکيو جي آزاديءَ لاءِ سندس امڙ سان گڏ احتجاج ۾ ويٺل نظر اچي ٿو ته وري شام جو ٺل ۾ فضيلا سرڪي جي آزادي لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ وري رات جو قومي ڪارڪنن سان ڪچهري ،ڪندي نظر اچي ٿو. ها هي اهو ڪجهه ڪري ويو جيڪو ڪجهه ڪافي عرصي تائين ٿيڻ ممڪن نه هُيو. هن سنڌ جي آزادي جي پيغام، جيئي سنڌ جي جهنڊي ۽ نعري کي جنهن خوبصورت انداز ۾ پيار سان جهر جهنگ پهچائي عوامي رنگ ۾ رڱيو اها ئي سائين جي ايم سيد جي خواهش هئي. سائين جي ايم سيد ڪارڪنن کي اها ئي هدايت ڪندو هيو ته وڃو ۽ سنڌ جي هر ڳوٺ۽ شهر ۾ سنڌي ماڻهن کي قومي تحريڪ ۾ شامل ڪيو ۽ اوهان يقين ڪريو ته جڏهن سنڌ جي ماڻهن گڏ ٿي آزادي جي گهر ڪئي ته کين آزادي ملي ويندي ۽ ايئن ئي هن سائين جي ايم سيد جي فرمانبرداري ۽ سياسي اولاد وانگر ڪري ڏيکاريو. ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته بشير خان سنڌ جي ماڻهن جي دل جي ڌڙڪن بنجي چڪو هو. هي سدا بهار قومي اڳواڻ يارن جو يار. جنهن پنهنجن دوستن کي ڪڏهن نه وساريو چاهي اهي هن جي پارٽي ۾ رهيا هجن يا نه. پر دوستن کي هن سياست جي بنياد تي جدا نه ڪيو. مان هتي اها ڳالهه ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته بشير خان قريشي جسقم جو چيئرمين ته هيو پر هن جي شفقت ۽ محبت جو رستو سڀني سان هيو. اسان جڏهن ڪي اي ايس سي مان سنڌي ماڻهن جي روزگار کي بچائڻ لاءِ سخت احتجاج ڪري رهيا هئاسين. جتي هزارين سنڌي ماڻهن جي روزگار، زندگي ۽ موت جو مسئلو هو ته هن جي پارٽي جو نه هوندي به هن وٽ ويس ته اوهان اسان جي احتجاج ۾ شريڪ ٿيو ۽ مدد ڪريو ته هن فراخدلي جو مظاهرو ڪندي چيو ته ڳڻتي نه ڪر مان توسان گڏ آهيان ۽ ايئن هو اسان جي احتجاج ۾ شريڪ ٿيو ۽ صرف اسان جي يعنيٰ ڪي اي اي سي جي مسئلي تي پريس ڪانفرنس ڪيائين ۽ ڪي اي ايس سي جي ملازمن جي بحالي لاءِ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا پڻ ڪرايائين.

سنڌ جي هن يگاني ۽ صوفي منش انسان 23 مارچ تي لکين سنڌين کي ڪراچي ۾ گڏ ڪري اهو ثابت ڪيو ته سنڌ سنڌين جي آهي، جنهن جي عشق جي ڏوهه ۾ کيس سقراط جيان زهر جو پيالو پياريو ويو ۽ ايئن ئي هڪ عاشق کي پنهنجي ڌرتي کان جدا ڪيو ويو. 23 مارچ، فريڊم مارچ تي لکين سنڌين کي گڏ ڏسي مون کي بينظير ڀٽو جا اهي لفظ ڌوڙ ۾ اڏامندي محسوس ٿيا، جيڪي هن سائين جي ايم سيد جي وفات وقت چيا هئا ته اڄ سنڌ جي آجپي جي تحريڪ دفن ٿي چڪي آهي.

سڀني سنڌ دشمن قوتن ۽ رهزنن جون نظرون ڪراچيءَ کي هڙپ ڪرڻ لاءِ کتل آهن. جتي ڌارين جون لوڌون پيون اچن. ڪراچي سنڌ جي دل ۽ معاشي گيٽ وي آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻن لاءِ ضروري آهي ته هُو بشير قريشي وانگر پنهنجي سياست جو مرڪز ڪراچي کي ٺاهين ڇو ته هينئر وڏي ڀڃ ڊاهه ۽ اٿل پٿل جو دور هلي رهيو آهي. مان سمجهان ٿو ته بشير خان کي به ڪراچي جي مالڪي ۽ عشق سنڌ ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس شهادت جو پلاند به ان ۾ آهي ته اسان قومي تحريڪ جي سڀني پارٽين کي گڏ ڪري سنڌ جي آجپي لاءِ جهدوجهد ڪريون. ان لاءِ منهنجي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد فرزند سائين امير حيدر شاهه کي گذارش آهي ته هو قومي تحريڪ جي سڀني پارٽين کي گڏ ڪري

 

 سنڌ، جنهن جي پڄاڻي نه آ

عرفان علي ٻگهيو

لفظ “آزادي” پنهنجي معنيٰ ۾ جيترو وڏو آهي، اوترو ئي ڳرو پڻ. آزادي پنهنجن متوالن کان جتي صدين جي سگهه، انتها جيCommitment ، هماليه جيڏي حوصلي ۽ قرباني جي تقاضا ڪري ٿي، گڏوگڏ آزاديءَ جي منزل طرف ويندڙ سڀني رستن جي وک وک ڪنڊن سان ڍڪيل هجي ٿي. تاريخ گواهه آهي ته انهن قومن کي ئي آزاديءَ جي سونهري سپني جي ساڀيان ملي، جن پنهنجي ڪمزوريءَ کي سگهه ۾ بدلائي، ڪنهن به ڏاڍ ۽ جبر کي رستي جي رنڊڪ بڻجڻ نه ڏنو ۽ ان ويڙهه جي سموري عرصي جي هر مرحلي ۽ هر لمحي تي ثابت قدم ٿي ڏيکاريو.

70ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي حقن جي حاصلات توڙي ناانصافين، ڏاڍ ۽ جبر خلاف نئين سياسي صف بندي شروع ٿي ۽ ان جڏهن تحريڪ جي شڪل ورتي ته سنڌي نوجوانن جي هڪ اهڙي کيپ تيار ٿي اڀري آئي، جيڪا اڳ کان وڌيڪ باشعور، پنهنجي مقصد سان حد درجي جي ڪميٽيڊ ۽ وڌيڪ Aggressive هئي. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد جهڙي فڪري امام جي شاگرديءَ ۾ سن واري درسگاهه ۽ سنڌ جي ڪاليجن، يونيورسٽين، جيلن ۽ روڊن رستن تي پچي راس ٿيل اهڙن نوجوانن جو انگ تمام گهٽ هو، پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ان ڪاوڙيل نسل فقط ٻن ڏهاڪن اندر ئي سنڌ جي سياست جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو. هاڻ سنڌ اندر هر سياسي پارٽيءَ لاءِ قومپرستيءَ جو رنگ لازمي ٿي پيو آهي.

سائين جي ايم سيد جي ڏنل فڪر جي واٽ جو پانڌيئڙو ٿيڻ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جوکم کان گهٽ ناهي، پر ڪمال ته اهو آهي جو ان فڪر کي سنگين ڏاڍ، جبر باوجود ان ڪاوڙيل نسل سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر وستي واهڻ ۾ مقبول بڻائي ڏيکاريو ۽ ان ڪامياب سفر جي سرواڻي سنڌ جي محبوب اڳواڻ ۽ جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشيءَ کي نصيب ٿي. 23 مارچ 2012ع تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ٿيل جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ڪيل “فريڊ مارچ” ۾ لکين سنڌين جو گڏ ٿيڻ قومپرست سياست جي وڌندڙ مقبوليت جو هڪ وڏو مظهر آهي.

سائين جي ايم سيد نه رڳو تاريخ جي گمنام ۽ ميساريل قبرن مان عظيم سنڌ کي ڳولي ڦلهوري قوم آڏو پيش ڪيو، پر ورهين جا ورهيه پورهيو ڪري ڪيتريون ئي قربانيون ڏئي سنڌ کي هڪ عظيم فڪر ۽ نظريو پڻ ڏنو ۽ ان فڪر ۽ نظريي کي سنڌين وٽ مقبول ڪاوڙيل نسل جي ان نوجوانن جي کيپ بڻايو، جيڪي سن واري درسگاهه ۾ سائين جي شفقت ۽ تربيت ماڻي، جيلن ۽ عقوبت خانن مان ڪڙهي سنڌ جي سياسي اُفق تي اڀري آيا ۽ سنڌ جي سياسي اُفق جي “شهباز” شهيد بشير خان قريشيءَ سن مان جبل جيڏو بار کڻي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۽ جهرجهنگ جهاڳي واهڻ وستي ۽ روڊن رستن کي ڳاڙهن جهنڊن ۽ سائين جي فڪر سان واسي ڇڏڻ بعد فقط ڏيڍ ڏهاڪي اندر ئي “آجپي جي آواز” کي عالمي ايوانن جي گونج بڻائي ڏيکاريو. بشير قريشي جسقم کي سنڌ جي سڀ کان مقبول سنڌ پرست سياسي پارٽي بڻائڻ بعد هو جڏهن عوام جو محبوب اڳواڻ ٿي اڀريو ته هن رياست جي نظرياتي رکوالن لاءِ کيس وڌيڪ برداشت يقينن ناممڪن هوندو.

جيئي سنڌ قومي محاذ جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جو موت جيتوڻيڪ اڃا تائين ڪيترن ئي مونجهارن جي ور چڙهيل آهي، پر سندس موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ هلندڙ جاچ ۾ سرڪار جي گوٿنات ۽ معاملي کي منجهائڻ واري روش سبب سنڌ واسين جو شڪ پڪ ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي ته بشير خان جو موت فطري نه هو، پر هي هڪ سياسي قتل آهي. ان معاملي ۾ خاص طور تي سنڌ سرڪار جيڪا لڪ لڪوٽي کيڏي، ان خود پ پ سرڪار لاءِ عام سنڌي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪاوڙ ڀري، ته ساڳي وقت ان راءِ کي به تقويت ڏني ته جيڪا پارٽي ۽ سرڪار عالمي پائي جي پنهنجي محبوب اڳواڻ شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ته پري جي ڳالهه سندس قتل جي جاچ به درست ۽ مڪمل طور نه ڪري سگهي، ان پارٽيءَ ۽ سرڪار مان سنڌ جي هڪ قومپرست اڳواڻ جي قتل جي منصفاڻي جاچ جي ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي.

تاريخ جي ستم ظريفي ته ڏسو جو سنڌ جي ٻن دلير ۽ عوام جي محبوب اڳواڻن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد بشير احمد قريشيءَ جي ڪيسن ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي، ٻنهي اڳواڻن پنهنجي عملي سياست جي شروعات آمر ضياءَ جي ڪاري حڪومتي دور ۾ ڪئي ۽ ٻنهي جي زندگين جو انت پيپلز پارٽيءَ جي عوامي ۽ جمهوريت حڪومتي دورن ۾ ٿيو!

مير مرتضيٰ جي پنهنجي ڀيڻ جي حڪومتي دور ۾ قتل کان هڪ سال بعد ملڪ اندر 1997ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ پ پ کي جتي ٻين صوبن ۾ سوڙهو ڪيو، اتي سنڌ اندر شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت وارو طوق ڳچيءَ ۾ هجڻ سبب پ پ کي عام چونڊن جي نتيجي ۾ عوام پاران موٽ نه ملي، جنهن سبب پ پ کي سنڌ مان قومي اسيمبليءَ جون فقط 17 سيٽون نصيب ٿيون.

هاڻ جڏهن عام چونڊن ۾ فقط ڪجهه مهينا رهجي ويا آهن ته بشير قريشيءَ جي شهادت واري واقعي بعد سڄي سنڌ مان آيل سخت ردعمل مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ کي سنڌ جي عوام پاران ڪهڙي موٽ ملندي. سنڌ جي سورهيه اڳواڻ جي قتل واري واقعي تي پ پ ڀلي بي حسي ۽ عدم دلچسپي ڏيکاري، پر اهو پڪ ڄاڻڻ گهرجي ته هي قتل پ پ کي مستقبل ۾ تمام ڳرو پوڻو آهي. جيئري بشير خان کان شهيد بشير خان جن جن ڌرين کي به ڏکيو پوندو، انهن مان پ پ به هڪ آهي.

23 مارچ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل “فريڊ مارچ” دنيا آڏو جيڪو نظارو پيش ڪيو، ان مان صدين جي سگهه، وڏي جاکوڙ ڪري لکين ماڻهن کي ڪٺو ڪندڙ قيادت جي Commitment ۽ سنڌ واسين جي ثابت قدميءَ اهو واضح ڪري ڇڏيو ته سنڌ جا 5 ڪروڙ رهواسي پنهنجي مادرِ وطن جي جاگرافيائي وحدت تي ڪا به ميري اک ۽ سوديبازي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ سنڌي پنهنجن وسيلن تي مالڪيءَ ۽ حقِ حاڪميت تان ڪنهن به ريت دستبردار نه ٿيندا.

سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي وڌندڙ جيو-پوليٽيڪل اهميت سبب سڄي دنيا جون اکيون هن شهر تي کتل آهن ۽ هن شهر تي قبضي جي جنگ ۾ ويڳاڻا بڻيل اصل ڌرتي ڌڻين جي 23 مارچ واري لکين ماڻهن جي ڪٺ مان خطي اندر مک کيڏارين توڙي عالمي برادريءَ کي اهو واضح پيغام مليو ته سنڌ جا اصل ديس ڌڻي ئي هن خطي اندر مک اهميت رکن ٿا ۽ دهشت گرديءَ خلاف جنگ لاءِ گهربل رسد پڻ هر مرحلي تي سنڌين جي مرضي ۽ منشا جي محتاج بڻجي سگهي ٿي.

23 مارچ واري تاريخي ريلي منعقد ٿيڻ بعد سنڌين جي ان شاندار ميڙ جو جائزو وٺڻ وارو آمريڪي ڪانگريس ميمبرن (روهرا بيڪر ۽ ٻين) جو تڪڙو آيل ردعمل اهو واضح ڪري ٿو ته بشير خان جي اڳواڻيءَ ۾ گڏ ٿيل هن تاريخي ميڙ نه رڳو مقامي اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪراچيءَ جي ڪوڙن والي وارثن جي پيٽ ۾ وٽ وجهي ڇڏيا هئا، پر آمريڪا سميت عالمي برادريءَ جي پڻ سنڌين جي هن وڏي سياسي اُٿل پٿل تي گهري نظر آهي.

ان صورتحال ۾ هڪ پاسي افغان سرحد تي طالبان ۽ افغان ويڙهاڪن سان منهان منهن ٿيل ۽ آمريڪا جي مسلسل دٻاءَ هيٺ آيل توڙي بلوچستان ۾ بلوچ ويڙهاڪن سان مصروف اسٽيبلشمينٽ 23 مارچ واري ريلي ۽ بشير قريشيءَ پاران ڪيل تقرير کانپوءِ سنڌ اندر پاڻ خلاف هڪ نئون محاذ کلندي محسوس ڪيو، هوڏانهن ٽي وي تي اچي شعر پڙهي ۽ مُڪون ڏيکاري سنڌين کي اهو ڌمڪي آميز پيغام ڏنو ويو ته هو ڪراچيءَ اندر سنڌين جي وڌندڙ آباديءَ کي روڪڻ کان ته لاچار آهن، پر سنڌين جي ڪراچيءَ ۾ سياسي طور انٽريءَ سندن سُک ڦٽائي ڇڏيو آهي. بشير قريشيءَ جي قتل جون Beneficiaries پڻ اُهي ساڳيون ڌريون آهن، جيڪي سمجهن ٿيون ته سنڌ جي لکين ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت ۽ اهليت رکندڙ بشير خان قريشيءَ جي موت بعد سنڌ جي قومپرست سياست ۾ پئدا ٿيل خال جي نتيجي ۾ هڪ پاسي هنن لاءِ کليل نئون محاذ بند ٿي ويندو ته ٻئي طرف ڪراچيءَ جي سياست ۾ پٺاڻن جي وڌندڙ اثر سبب اڳ ئي پريشان ڌرين جو خيال آهي ته ڪراچيءَ ۾ سياسي طور منظم ٿيندڙ سنڌين جي حوصلاشڪني ٿيندي، پر انهن ڌرين جون خوشفهميون درست ثابت ٿين، اهو ضروري ناهي.

بشير خان قريشيءَ جي قتل جي جاچ ساک وارن عالمي ادارن کان ڪرائڻ بعد ئي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ گهرجي، پر جيئي سنڌ قومي محاذ کي پنهنجي طور بشير خان قريشيءَ جي قتل کان اڳ وارين حالتن جو باريڪ بينيءَ کان جائزو وٺڻ کپي. ڪجهه ئي ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ تقريب دوران متحده جي رابطا ڪميٽيءَ جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ وفاقي وزير فاروق ستار تقرير ۾ هڪ مبهم ڳالهه چئي هئي ته “سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ جيڪڏهن اتحاد نه ٿيو ته پوءِ سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن مان بلوچستان وانگر چچريل لاش ملڻ شروع ٿي ويندا.” ڊاڪٽر فاروق ستار کان سنڌ جي گهڻ گهرن کي سندس ان بيان جي وضاحت گهرڻ گهرجي ته ان بيان مان سندس اشارو ڪهڙي طرف هو ۽ آخر کيس ڪهڙو کٽڪو ٿي پيو هو جو هو اها ڳالهه چوڻ تي مجبور ٿيو.

هن ڪيس جي جاچ جي حوالي سان پ پ سرڪار جي روش مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها لکين سنڌ واسين جي جذبن جو ڪيترو احترام ڪري ٿي. سنڌ سرڪار جي بي حسيءَ تي بشير خان کي پنهنجو دلير ڀاءُ ۽ اوکيءَ ويل ڏڍ سڏيندڙ صوبائي وزير سسئي پليجو ئي چپ سُبي ڇڏيا آهن ته رحمان ملڪ پارن تي ڪهڙي ميار! هن ڪيس ۾ سرڪار جي عدم دلچسپي ۽ بي حسيءَ کي ڇا سمجهجي؟ ڇا ٻوڏن، ڪرپشن، بدامني، بيروزگاري ۽ مهانگائي حوالي ٿيل سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سرڪار جيڪا روش رکندي آئي آهي، هن ڪيس ۾ به اهڙي ئي روايتي سستي ۽ لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي؟ يا لاشن تي سياست ڪرڻ واري نفسيات قومپرست سياست کي هڪ “وڏو شهيد” ملڻ کان خوفزده آهي يا اڃا ئي ڪي ٻيون مجبوريون آهن؟

بشير خان قريشيءَ جي لاڏاڻي تي سڪتي ۽ صدمي ۾ ورتل سندس پارٽي جسقم صورتحال کي مڙسيءَ سان منهن ڏيڻ سان گڏ هن ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ درست رخ ۾ قدم کنيا آهن، جسقم پاران بشير قريشيءَ جي موت جي جاچ گڏيل قومن کان ڪرائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، خبر ناهي UNO هڪ پارٽيءَ جي اپيل کي ڪهڙي موٽ ڏيندي، پر جسقم کي ان سلسلي ۾ ڪجهه عرصي کان سنڌ جي صورتحال ۾ دلچسپي وٺندڙ آمريڪي ڊپلوميٽس سان پڻ لهه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي. جيئن آمريڪي ادارن 23 مارچ واري ريليءَ جو گهرائي سان جائزو ورتو، ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته شهيد بشير خان قريشيءَ جي موت واري معاملي تي پڻ آمريڪا توڙي ٻي عالمي برادريءَ جي گهري نظر هوندي.

سنڌ اندر وڏي عرصي کان قيادت جي فقدان وارو سوال ڪر کڻي بيٺل آهي، بشير خان قريشي پنهنجي ڪمٽمينٽ، ثابت قدمي ۽ تحرڪ وسيلي قومپرست سياست کي جنهن ريت عوام وٽ مقبول بڻائي ويو، هو “ليڊرشپ جي کوٽ” واري مايوس ڪن سوال جو هڪ پراميد جواب ضرور هو. هاڻ سندس پڄاڻان سنڌ جي عوام ۽ قومپرست ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙي آهي، پر جسقم جي موجوده قيادت وٽ آصف بالادي جهڙا قابل، ڪميٽيڊ ۽ جاکوڙي جڏهن ته ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ ۽ آڪاش ملاح جهڙا سرگرم اڳواڻ موجود آهن، جن مان اميد رکي سگهجي ٿي ته هو جسقم جي سگهه کي برقرار رکندي بشير خان جي ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائيندا. شرط اهو آهي ته جسقم جي موجوده قيادت کي پنهنجي شهيد سرواڻ جي لائين تي هلندي نه رڳو عوامي سطح تي تمام متحرڪ رهڻو پوندو، پر سنڌ جي سياست ۾ قبيلائي تڪرار کان ويندي سرڪاري ملازمن جي بحاليءَ سميت ننڍن ننڍن اشوز تي ڪردار ادا ڪرڻ وارا Trends جيڪي بشير خان قريشيءَ متعارف ڪرايا، انهن تي پڻ ڪاربند رهڻو پوندو.

شهيد بشير خان قريشيءَ کي رستي تان هٽائي سڄي سنڌي قوم تي وار ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ ان وار کي ڪڏهن به نه وساريندي. جيئن ڪي مرڻا قومن کي جيئاري ويندا آهن، ايئن بشير خان جو وڇوڙو سنڌ لاءِ ڪنهن ڇرڪ کان گهٽ ناهي. ياد رکڻ گهرجي ته فردن کي ته موت جي ننڊ سمهاري سگهجي ٿو، پر نظرين کي مارڻ ممڪن ناهي. قربانيون نظرين جو جيئدان هونديون آهن.

مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پڙهه،

ٻي شهيدن جي رت جي ڪهاڻي نه آ،

هڪڙو بلاول هو، جيڪو ڪٽجي مئو،

هڪڙو سيد آ، جنهن جي پڄاڻي نه آ

 

بشير قريشي جو وڇوڙو ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت

مير عالم مري

 جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين محترم بشير قريشي، تاريخ 07-اپريل 2012 تي سڪرنڊ لڳ اوچتو وفات ڪري ويو. جوان سال بشير خان جي اوچتي وڇوڙي تي نه رڳو سندس جماعت جيئي سنڌ هلچل پر سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي ۽ گهر گهر ۾ تڏو وڇائجي ويو. ڇاڪاڻ جو اُنجا ٻه سبب هئا. هڪ ته بشير قريشي، جيئي سنڌ هلچل جي سڀني جماعتن جي اڳواڻن منجهان، سڀ کان وڌيڪ متحرڪ ۽ عوامي رابطا رکندڙ شخصيت هو. ٻيو ته سندس موت کان فقط ٻه هفتا اڳ يعني 23 مارچ تي بشير خان، جسقم جي پليٽ فارم تان ڪراچي ۾ تبت سينٽر وٽ هڪ عظيم الشان فريڊم مارچ ريلي منعقد ڪئي هئي جنهن ۾ لکين سنڌ واسين شرڪت ڪئي هئي. جنهنجو نه رڳو سنڌ اندر پر بين الاقوامي سطح تي نوٽيس ورتو ويو هو ۽ سنڌ جي سنڌ دوست ماڻهن ۾ خوشي جو احساس پيدا ٿيو هو خاص طور ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي ان ريلي وڏو حوصلو بخشيو هو.

مون سميت ڪيترائي سياسي ڪارڪن (آئون خود به ساٿين سميت 23 مارچ جي ريلي ۾ شريڪ ٿيو هئس ۽ اها منهنجي ساڻس آخري ملاقات هئي) 23 مارچ جي انهيءَ شاندار ريلي ۽ جيئي سنڌ جي سياسي طاقت جي اظهار بعد رياستي ادارن پاران مڪمل خاموشي ۽ پراسرار چُپ کي حيرت سان ڏسي رهيا هئا ته ڪٿي قومي تحريڪ خلاف ڪو وڏو حملو ته نه ٿيندو؟ ۽ ٺيڪ پندرهن ڏينهن اندر جيئن ئي بشير قريشي جي دل جي دوري سبب موت جي خبر رات جو 2:30 وڳي جهنگ جي باهه جيان پکڙي تيئن ئي مون سميت هر سياسي ۽ غير سياسي ماڻهن جو ردِ عمل اهو هو ته بشير خان جو موت فطري ناهي پر ڪنهن سازش تحت کيس قتل ڪيو ويو آهي. نتيجي طور سنڌ واسين جي اجتماعي شعور اهو نتيجو ڪڍيو ته بشير قريشي ڪنهن نه ڪنهن سازش جو ضرور شڪار ٿيو آهي اهو ئي سبب هو جو سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي.

بعد ۾ هن وقت تائين پوسٽ مارٽم رپورٽ بابت صحت کاتي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪردار انهيءَ شڪ کي اڃا به وڌيڪ تقويت ڏني آهي ته بشير قريشي کي قتل ڪيو ويو آهي. نتيجي طور نه رڳو بشير خان جا وارث پر پارٽي ۽ سڄي سنڌ جا ماڻهو، سرڪار جي اهڙي روش خلاف سراپا احتجاج بيٺل آهن.

پوسٽ مارٽم رپورٽ صحيح ۽ سچي ايندي يا نه ايندي؟ ان ڳالهه کان هٽي ڪري، حقيقت هي آهي ته بشير قريشي سنڌ واسين ۽ قومي تحريڪ کان وڇڙي ويو آهي.

بشير خان جي اوچتي وڇوڙي سان، فوري طور تي ٽي نقصان سامهون اچي رهيا آهن. 1 ته بشير خان جي جماعت جسقم جي قيادت ڪير سنڀاليندو؟ فوري طور تي کڻي جو جسقم جو سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، بطور قائم مقام چيئرمين جسقم کي سنڀالي وٺندو. پر ڊگهي عرصي تائين پارٽي قيادت سنڀاليندو؟ يا وري پارٽي جي چونڊن جي صورت ۾ پارٽي جي اڪثريتي ڪارڪنن لاءِ سندس شخصيت قابل قبول رهندي. ممڪن آهي ته ايئن به ٿئي ته بشير خان جي خاندان منجهان ئي ڪو اڳتي اچي يا آندو وڃي؟ بهرحال جسقم جي جيڪا تنظيمي صورتحال رهي آهي، اُن موجب ماڻهن جا هجوم ۽ وڏا تعداد ته جسقم جي نالي ۾ بشير خان سان گڏ هئا پر جسقم جا پارٽي ادارا ايترا طاقتور نه آهن جو صورتحال کي تسلي بخش حد تائين سنڀالي سگهن۽ نه وري جسقم ۾ ڪا ٻي ايڏي قد آور سياسي شخصيت آهي، جيڪا بشير خان جي عوامي انداز واري سياسي قيادت جو خال ڀري سگهي. تنهنڪري جسقم لاءِ اهو وڏو سوال آهي ته انجي قيادت ڪير سنڀاليندو؟

2. ته ڪجهه تنقيد جي باوجود اها ڳالهه سڀني کي مڃڻ گهرجي ته بشير خان جيئي سنڌ هلچل جو سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ عوامي اثر رسوخ رکندڙ اڳواڻ ايڏو ته بهتر ۽ بلند جڙيو هو جو اصل ڪم ته سندس هاڻي ئي شروع ٿيڻ وارو هو. اُنجي منظر تان هٽن/يا هٽائڻ کانپوءِ، سڄي جيئي سنڌ هلچل ۽ بشير خان جي پايي جو ڪو به عوامي سطح جو مشهور ۽ مقبول اڳواڻ ڪونهي. عبدوالواحد آريسر سينيئر ۽ دانشور ته آهي پر هن وقت سندس صورتحال رڳو پارٽي اڳواڻ واري آهي ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي سان به لاڳو ٿئي ٿي.

تنهنڪري عوامي شخصيت جو سوال سڄي جيئي سنڌ هلچل سال لاڳو آهي ۽ قيادت جو اهو خال ڀرڻ ۾ جيئي سنڌ هلچل کي وقت لڳندو.

3. ڳالهه ته بشير خان جي ڪراچي ۾ رهائش ۽ موجودگي، ڪراچي جي سنڌين لاءِ هڪ ڏڍ ۽ آسرو هئي. کڻي جو ان انداز ۽ پيماني تي ڪراچي ۾ سنڌين کي منظم ڪرڻ جو ڪم نه ڪيو ويو هو پر پوءِ به هڪڙو آسرو ۽ ڏڍ هئو جيڪو بشير خان جي وڇوڙي سان ختم ٿي ويو.

ڪراچي اندر پيدا ٿيندڙ ۽ وڌندڙ لساني/نسلي ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ ڪنهن ٻئي انداز سان تنظيم سازي ڪري، طاقت جو توازن قائم ڪرڻو پوندو.

هن وقت قومي ڪارڪنن جي اڪثريت، جيڪا ذهني صدمي ۽ غير يقيني جي شڪار آهي، چاهي ٿي ته قومي جماعتون، بالخصوص جيئي سنڌ هلچل متحد ٿئي. هڪ اتحاد قائم ٿئي يا وري جيئي سنڌ جي گروپن جو تعداد گهٽائجي. خوشقسمتي سان، ان سلسلي ۾ اسان (خود مون ئي) سائين جي ايم سيد جي 25 اپريل تي ٿيندڙ ورسي جو هڪ جلسو سن ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ هلچل جي مختلف جماعتن سان ملاقاتون ڪرڻ شروع ڪيون هيون جسقم بشير خان واري جسقم جي جنرل سيڪريٽري آصف بالادي معرفت اسان ٽي تجويزون ڏئي چڪا هئاسين 1 ته سڀ گروپ سائين جي ايم سيد جي ورسي گڏجي ملهائين. 2 جسقم جا ٻئي گروپ سيد جي ورسي گڏجي ملهائن ۽ 3 جسقم جا ٻئي گروپ هڪ پارٽي بنجن.

انهن تجويزن تي 7 اپريل ت سن ۾ ٿيندڙ جسقم جي جيئمسٽ ڪائونسل جي اجلاسن ۾ غور بحث ٿيڻ جو امڪان هو جو بشير خان جو اوچتو وڇوڙو ٿي ويو. جنهنڪري اهي ڳالهيون رڪجي ويون. اڳتي ڇا ٿيندو اهو بشير خان جي پارٽي ساٿين کي طئي ڪرڻو پوندو.

پر بشير خان جي وڇوڙي سان، جيئي سنڌ جي اڪثر پارٽين سيد جي ورسي جا جلسا منسوخ ڪري ڇڏيا. اهو خود ان ڳالهه جو اشارو آهي ته جيئي سنڌ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن هڪ ئي انداز ۾ سوچڻ لڳا آهن.

اها ڳالهه الڳ آهي ته جيئي سنڌ هلچل ۾ انضمام يا اتحاد جي سوال تي شعوري ۽ رضاڪارانا ڪوششن کان وڌيڪ حالتن جي جبر جو اثر رهيو آهي.

ماضي ۾ 1995 ۾ سائين جي ايم سيد جي وفات بعد، ڏک ۽ طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي نعري هيٺ ڪارڪنن۽ عوام جي دٻاءُ قومي اڳواڻن کي هڪ پارٽي ٺاهڻ تي مجبور ڪيو هو.

هن وقت بشير خان جي وڇوڙي بعد، ساڳي ڪيفيت ۽ ذهنيت پيدا ٿي آهي ته ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪيو.

فرق آهي ته پاڻ ۾ گڏجڻ جي عمل جا سبب مختلف هئا ۽ هاڻي جيڪڏهن امڪان روشن ٿيندا ته انجا سبب ڪجهه مختلف هوندا. پر هڪڙي ڳالهه ضرور ٿيڻ گهرجي ته فيصلا ماضي جي تجربن جي روشني ۾ اهڙا ٿيڻ گهرجن جو غلطين جا امڪان گهٽ کان گهٽ رهجن. نه ته ٻي صورت ۾ اڃا به وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿيڻ جو انديشو رهندو.

منهنجي نظر ۾ هن وقت سائين جي ايم سيد جي نظريي سان لاڳاپيل ڪهاڙي واري ڳاڙهي جهنڊي جي ڇانو هيٺ بيٺل ڪارڪنن کي ڪجهه Challenges درپيش آهن، جنهنجو حل ڪڍڻو پوندو.

1.پاڻ ۾ سهپ، رواداري، اتحاد، هم آهنگي يا انضمام جي رجحانن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

2.قومي ڪارڪنن ۾ نظرياتي تعليم ۽ سياسي سنجيدگي جي شديد کوٽ جيڪا مختلف سببن جي ڪري پيدا ٿي آهي، ان کي دور ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻا پوندا.

3.ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي ڪنهن به امڪاني خطري جي صورت ۾ منظم ۽ متحد ڪرڻو پوندو.

4.سنڌ جي قومي تحريڪ جي اصل تضاد، پنجابي، پٺاڻ مستقل مفاد خلاف جهدوجهد جي مورچي کي سگهارو ڪرڻو پوندو

 

مون اهڙا مڙس مٿير ڏٺا بشير قريشي جي جهدوجهد جو عوامي رنگ. 

حميد سبزوئي


جيئن ڪنهن کي اوچتو اچي ڪو هانءُ ۾ ڌڪ لڳي، بشير خان قريشي جي شهادت کي سموري سنڌي قوم ايئن محسوس ڪيو. هو جيڪو قومي تحريڪ جو راڻو هو جنهن جو ماروئڙن سان وچن ۽ واعدو سون جي سڪي وانگر پڪو ۽ جٽادار هو. جيڪو قافلو ڏيئا ڏيئا ٿي ٻريو هو، ان کي هن پنهنجي ڄمار، اوجاڳا، وسيلا ۽ حياتيءَ جو پل پل ۽ آخر ۾ پنهنجو رت ڏيئي به جلائي رکيو. “ٻَري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ريءَ”.

هو 23 مارچ واري فريڊم مارچ کان ٻه ڏينهن اڳ مون وٽ اَمڙ جي تعزيت لاءِ آيو هو ته مون کيس خاڪن تي مشتمل ڪتاب “فاني جڳ لافاني ماڻهو” کيس ڏنو، ڪتاب جو ٽائيٽل ڏسي سرهو ٿي چيائين “چاچي حفيظ قريشي تي به لکيو اٿيئي” مون چيو ها! سائين ٻه مضمون لکيا اٿم. ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. ان کان پوءِ اسانجي دوست آصف بالاديءَ وراڻيو ته “سائين-! اهو ڪتاب اڃا مڪمل ناهي، حميد کي ٻيا پروفائيل به لکڻا آهن، پهرين وڏن اڳواڻن جا ۽ پوءِ ننڍن جا” جيڪو ٻڌي سندس چهري تي مسڪراهٽ اچي وئي. مون کي ڪهڙي خبر هئي ته ٻن هفتن کان پوءِ هي آزاديءَ جو مسافر، سيد کان صلاحون وٺڻ ۽ کيس پنهنجي ڪم جي رپورٽ ڏيڻ لاءِ روانو ٿي ويندو ۽ مونکي سندس جو ئي پروفائيل ڏڪندڙ هٿن ۽ لڙڪ ڀنل اکين سان ويهي لکڻو پوندو.

جيئن ول ڊيورانٽ لکيو آهي ته “طاقت اڌ جينيس آهي. باقي اڌ ان کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ سڪندر اعظم سراسر توانائي هو”. اها ساڳي ڳالهه بشير خان لاءِ به چئي سگهجي ٿي. هو 24 ڪلاڪن مان 20 ڪلاڪ قومي تحريڪ کي ڏيندو هو ۽ تمام ٿوري ننڊ ڪندو هو، شايد هو انهن تمام ٿورن انسانن منجهان هو جن جي لاشعور ۾ اهو سمايل هوندو آهي ته کين قدرت تمام ٿوري وقت لاءِ هن ڌرتيءَ تي اماڻيو آهي. ان ڪري سڄو وقت پنهنجي ماڻهن جي خدمت ۽ انهن جي حقن واري جهدوجهد کي ڏيڻو آهي انهي ڪري هن جو شوق، عشق توڙي سوچ سنڌ ۽ سيد جي فڪر سان سلهاڙيل هئي. ننڊ کان هن کي چڙ هئي. شايد هن کي ڪنهن ٻڌايو هو ته لافاني ڪردار، هيروز ۽ ديوتا آرام نه ڪندا آهن.

هن کي ته اهو افسوس به نه ٿيو هوندو، جيڪو سڪندر کي آرام ۾ وقت وڃائڻ سبب ٿيو هو. هن پنهنجي حياتيءَ جو هر پل، گهڙي ۽ ڏينهن پنهنجي ساهه جي تند سميت سنڌ کي ارپي ڇڏيو هو. سنڌ کي جيئن هن پنهنجي ساهن، گفتن ۽ اکين جي اوتارن ۾ سمائي ڇڏيو هو. ايئن شايد سنڌ به کيس پنهنجي دل، روح ۽ تاريخ ۾ جاءِ ڏني هئي. نه ته اهو معجزو ڪيئن ٿئي ها جو سڄي سنڌ هن جي جسماني وڇوڙي تي اکين جا نير ڀڃي ۽ ڌڌڪا ڏئي نه روئي ها-!!

10 آگسٽ 1959ع جو غلام مرتضيٰ قريشي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو هي شهزادو جڏهن 1976ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جو شاگرد ٿيو ته هي سنڌ جي ٻين شاگردن وانگر لا ابالي ۽ پنهنجي ڌن ۾ مگن رهندڙ نوجوان هو. سندس سفر ڪلاسن کان هاسٽل جي ڪمري، ڪينٽين ۽ ڪڏهن ڪڏهن کيسانا موري واري پڪنڪ پوائنٽ تائين هوندو هو. کيس جساف جو ميمبر شهداد ڪوٽ واري الطاف تنئي ڪيو هو ۽ پوءِ سڄي حياتي ان جو نالو احترام سان وٺندو هو. ان سان هن جي سنگت هوندي هئي ميمبر هوندي به بشير خان ڪو گهڻو سرگرم نه ٿيو هو ۽ يونيورسٽي جي شامن ۾ جڏهن گهٽ ۽ ٻوسٽ وڌي ويندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن سڀ دوست گڏجي سنڌ جي روايتي ٿاڌل به پيئندا هئا ۽ رات جو ڊيري فارم تي وڃي کير پيئڻ جا مقابلا ٿيندا هئا. هڪ مقابلو ته مونکي به ياد آهي جيڪو بشير خان ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳواڻ فضل بنگوار جي وچ ۾ ٿيو هو. هن ۾ غير معمولي تبديلي ان ڏينهن آئي هئي، جڏهن هو جساف زرعي يونيورسٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو هو. هن واندڪائي وارا ڀوڳ ٺڪاءُ، کيسانه موري واري تفريح سميت ڪڏهن ڪڏهن واري ٿاڌل پيئڻ به ڇڏي ڏني هئي ۽ پنهنجو سمورو وقت تنظيم کي ڏيڻ لڳو هو ۽ ڏسندي ڏسندي سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ جساف جي سڀني تنظيمن کان اڳتي نڪري ويئي.

منهنجي ساڻس پهرين ملاقات شايد 1984ع ۾ سن ۾ ٿي هئي، جتي جساف جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس رکيل هو. اجلاس کان پوءِ اسان سڀ گڏجي سنڌو درياهه ۾ وهنجڻ ويا هئاسين ۽ درياهه جي ڪناري تي بيهي گروپ فوٽو به ٺهرايو هيوسين، ان تصوير ۾ سنهڙ و قدآور ۽ خوبصورت بشير خان نمايان آهي. وهنجڻ وقت جساف جو تڏهوڪو مرڪزي صدر شفيع ڪرناڻي سڀني کي ڌمڪيءَ جي انداز ۾ هدايتون ڏيئي رهيو هو ته وهجندي درياهه ۾ گهڻو اڳتي نه وڃجو. ڪجهه ٿيو ته پارٽيءَ وٽ توهانکي گهر پهچائڻ جا پئسا به ڪونهن.

ان کان پوءِ به مختلف هنڌن تي ٿيل اجلاسن ۾ ملاقات ٿيندي هئي.

بشير خان قريشيءَ جي شخصيت ڀرپور طريقي سان تڏهن اڀري آئي هئي جڏهن 1985ع ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي سبب جيئي سنڌ جي لڳ ڀڳ سموري قيادت گل محمد جکراڻي، شفيع ڪرناڻي ۽ ڊاڪٽر دودو مهيري جيل هليا ويا هئا. نتيجي ۾ جساف جي سموري واڳ بشير خان قريشي حوالي ٿي ۽ 1986ع ۾ کيس پهريون ڀيرو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو مرڪزي صدر ۽ پوءِ سندس، عوامي ۽ ڪارڪنن ۾ مقبوليت ۽ محبت آڏو ڪو به بند ٻڌجي نه سگهيو. هو پنهنجي پيش روئن کان به گهڻو اڳتي نڪري ويو ۽ بغير ڪنهن وڌاءُ جي قومي تحريڪ ۾ گذريل 25 سالن کان سندس قد، ڪاٺ، مرتبو ۽ اهميت مسلسل وڌندي ئي رهي ۽ هو گهڻن جهونن جوڳين کان پنهنجي بهادري، توڙي، سچائي ۽ جاکوڙي ڪردار سبب وڌيڪ اڀرندو ۽ نکري نروار ٿيندو ويو.

86 جو اهم واقعو اهو به هو ته ملڪ تي ضيا شاهي، جي اونده ڇانيل هئي ۽ جيئي سنڌ جا ڪارڪن جيلن، ٽارچر سيلن ۽ ڦٽڪن واري ٽڪٽڪيءَ تي ٻڌل هئا، انهن ڏينهن ۾ آمر ضيا کي الائي ڪهڙو ريچڪ آيو جو وزيراعليٰ غوث علي شاهه کي چئي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه روڪرائڻ لاءِ D.C کي چئي سن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ D.C بذات خود ليٽر کڻي اچي سائين جي ايم سيد کي ڏنو. سيد ليٽر ڊي سي کي واپس ڏيندي تڏهوڪي وزير اعليٰ لاءِ جيڪي گفتا چيا، تنهن بعد ڊي سي خاموشيءَ سان ٻاهر نڪري ويو ۽ پوءِ سيد تنظيم جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس گهرائي راءِ ورتي ته هاڻي ڇا ڪيو وڃي-؟ گهڻن اڳواڻن چيو ته سائين سالگرهه جو پروگرام نه ٿيڻ گهرجي، اجائي خونريزي ٿيندي ماڻهو مرندا؟ وغيره جڏهن بشير خان جو راءِ ڏيڻ جو وارو آيو ته چيائين “سالگرهه ٿيندي رت جا درياهه وهن ٿا ته اهي به وهندا” سائين جي ايم سيد وراڻيو مان بشير خان جي راءِ سان سهمت آهيان، وڃو ان جي تياري ڪريو.

ان کان پوءِ ستت ئي سنڌ ۾ نسلي فساد ٿيا ۽ هڪ نسل پرست تنظيم سنڌين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. ۽ حيدرآباد ۾ ئي سنڌين جو ويهڻ وههُ ٿي ويو. سازش ڪنهن جي به هئي پر ان تنظيم اليڪشن کٽڻ کان پوءِ ڪنهن به سياسي تنظيم کي کنگهيو به نه ٿي. هي اُهي ڏينهن هئا جن بابت عبدالواحد آريسر “چانڊوڪيون ۽ چيٽ” ۾ لکيو هو ته “توهان پنهنجي دليري جا قصا بيان ڪندي نٿا ٿڪجو پر سنڌي به اها قوم آهي جن هڪ ۾ ڏينهن پنهنجا 20 هزار ڪونڌر ڪهايا ۽ ڳائي وڄائي دفنايا.” توڙي جو گهڻو پوءِ آريسر الائي ڪهڙو خيال من ۾ رکي انهن جي پروگرامن ۾ راجستاني پٽڪا ٻڌي ويهي رهيو-!!؟ پوءِ بشير خان سندرا ٻڌي انهن قوتن سان وڃي هٿ اٽڪايا ۽ موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ويهي رهيو. هُن ۽ سندس ساٿين کي خراج ته تاريخ پاڻ ڏنو آهي، انهن جهيڙن ۾ هن ۽ سندس دوستن شهادت جي آواز کي دروازي جي ٺڪ ٺڪ وانگر ٻڌو هو. انهي جي نتيجي ۾ اُهي قوتون جيڪي سنڌين سان ڳالهائڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ لاءِ وقت ڏيڻ جي موڊ ۾ به نه هيون پاڻ ئي اچي سيد وٽ حاضر ٿيون ۽ سيد جي پيرن ۾ ويهي ڊرامي بازيءَ جي انداز ۾ سهي پر اَمن جي خيرات گهرڻ لڳيون. اهي ڏينهن هئا جڏهن ڪراچي ايندي سائين جي ايم سيد حيدرآباد ۾ ترسيو هو جتي ٻين صحافين سان گڏ سنڌ جو ديده ور ۽ محب وطن صحافي جي اين مغل به سائين سان مليو هو، جتي هن پهريون ڀيرو بشير خان کي ڏٺو هو ۽ چيو هئائين مونکي بشير خان جي اکين ۾ سنڌ نظر اچي رهي آهي ۽ اها سنڌ سدائين هن جي اکين جي پنبڻين ۾ سمايل رهي ۽ موت به ان جو تصور ۽ تصوير هن کان ڇني نه سگهي.

انهي کان پوءِ جي سڀني سالن ۾ به هو جساف جو مرڪزي صدر رهيو. توڙي جو جساف ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجو ڌڙو الڳ ڪري ورتو. اسان پڻ ان جو حصو هئاسين، پر بشير قريشي سمورين صلاحيتن سميت جهدوجهد ۾ جٽيو رهيو. اسان سياسي طور تي هن سان اختلاف ۾ رهياسين، پر سندس ملڻ جي انداز، محبت، مزاج ۾ ڪڏهن به گهٽ وڌائي نه آئي. هو هر ڪنهن سان ڳراٽڙي ۽ وڏا ڀاڪر پائي ملندو هو. منهنجو خيال آهي ته ويٺي هٿ ته هن ڪنهن ٻار کي به نه ڏنو هو.

ها! هو قومي ڪارڪنن جو “وڏو” ۽ سيد جو “لاڏلو” ضرور هو، سائين جي ايم سيد جي ويجهو رهندڙ سڀني سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ياد هوندو ته 1992ع ۾ ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ ٿيل سالگرهه ۾ سيد ڪيئن بي صبريءَ ۽ پيار مان هن جو انتظار ڪيو هو ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ ملهايل آخري سالگرهه جو خطبو کيس پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. ڇا سيد جي اندرين اک هن شخص ۾ اها مڻيا ڏٺي هئي، جنهن کي هو پنهنجي تصوف جي ٻوليءَ ۾ “صالح” چوندو هو؟ ڇا اها علامت نه هئي ته سيد جي ٻاريل لاٽ کي، هو سادو سودو، سٻاجهو ۽ محبتي انسان نه رڳو اجهامڻ نه ڏيندو. پر ان کي هڪ وڏي ڀنڀٽ ۽ مچ ۾ بدلائي ڇڏيندو. ان ڪري سيد کيس علامتي انداز ۾ پنهنجو فڪري ۽ روحاني وارث قرار ڏنو هو. سيد جيڪو سدائين چوندو هو ته مان ڪنهن کي به پنهنجي تحريڪ جو اڳواڻ نٿو چونڊيان جيڪو صالح هوندو، اهو پاڻ ئي اها جاءِ وٺندو. ۽ مونکي اجازت ڏيو ته مان لکان ته سيد جو “صالح” ڪردار بشير قريشي ئي هو. جنهن سندس فڪر کي عوامي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ ڪوشش ڪئي ۽ سوڀارو ٿيو. جيڪو سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۽ وستي واهڻ ۾ ويو ۽ سنڌي قوم جون دليون کٽي آيو. اسان جي هڪ يادگار ڪچهري سندس گلشن حديد واري گهر ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ نصير ميمڻ، آصف بالادي، ارشاد ميمڻ ۽ دوست همسفر گاڏهي ۽ آئون شريڪ ٿيا هئاسين اها ڪافي دلچسپ، ڀرپور ۽ ڪارائتي ڪچهري ٿي. ان ڪچهري ۾ جڏهن 7 نومبر واري ڪامياب مارچ جو ذڪر نڪتو ته پاڻ بيحد سادگي ۽ دل جي گهرائي سان چيائين سائين! اسان اهڙن ڪامياب ميڙن لاءِ باقائده پورهيو ڪندا آهيون در در تي وڃي سنڌي ماڻهن کي شريڪ ٿيڻ لاءِ عرض رکندا آهيون.

هن 1992ع ۾ جڏهن شاگرد سياست کي خيرآباد چئي عملي سياست ۾ پير پاتو ته جيئي سنڌمحاذ جي تنظيمي جوڙجڪ ۽ دوستن جي رويي ۾ هن پنهنجي لاءِ ڪا گهڻي گنجائش نه ڏني. ۽ نتيجي ۾ سيد جي انهن “ڏنگن ٻارن” جيئي سنڌتحريڪ جي نالي سان پنهنجي الڳ پارٽي ٺاهي جنهن جو صدر گل محمد جکراڻي ۽ نائب صدر بشير خان قريشي ٿيو. 1995 ۾ سيد جي وصال وقت هو جيل ۾ هو. جتان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ کي هدايتون ڏئي موڪليو ته ڳاڙهي جهنڊي ۽ سيد جي رهبري مڃڻ وارا سڀ ڌڙا گڏجي هڪ تنظيم ٺاهين ته هو ان ۾ غير مشروط طور شريڪ ٿيندا ۽ عهدي وغيره جي به ڪا گهر نه هوندي ائين 95 ۾ سيد جي چاليهي جي موقعي تي جسقم وجود ۾ آيو، جنهنجو پهريون ڪنوينر عبدالواحد آريسر ۽ ڊپٽي ڪنوينر بشير خان قريشي ٿيا هئا. ان کان پوءِ هو ان جو پهريون مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿيو ۽ پوءِ 1998 کان آخري گهڙيءَ تائين چيئرمين رهيو.

اها جدا ڳالهه آهي ته انهن پندرهن سالن ۾ جسقم مان الائي ڪيترا ڌڙا نڪتا، پر بشير قريشيءَ جي قيادت سبب جسقم ويرو وير وڌندي ئي رهي. هن بهادر انسان ۽ قومي تحريڪ تي پنهنجي وقت، وسيلن ۽ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيندڙ هن اڳواڻ سان سندس ٻين هم عصر اڳواڻن جو رويو اهڙو رهيو جهڙو حضرت يوسف رضه سان سندس ڀائرن جو! پر هن هر دل عزيز شخص، جاکوڙي ڪردار تنهن 24 ڪلاڪ سرگرم رهندڙ مزاج مان مايوس ٿي وڃي پنهنجي الڳ ديڳڙي رکي پنهنجي ڌڙن جا اڳواڻ ٿي ويهي رهيا. پر هن سياسي اختلافن کي ڪڏهن به شخصي انداز ۾ نه ورتو “ڪهاڻي هڪ رات جي” واري ڪتاب تي هو ڏکارو ٿيو هو ۽ هڪ ٻئي دوست جي شخصي بهتان بازي تي ته هو ڌڌڪار ڏيئي رنو هو. پر پوءِ به مايوس نه ٿيو هو ۽ نه ازل کان ڪيل وچن کي پٺي ڏني هئائين اهو سچ آهي ته قومي تحريڪ ۾ هن کان وڌيڪ متحرڪ ۽ جهدوجهد ڪندڙ اڳواڻ ٻيو ڪڏهن ۽ ڪو به نه رهيو آهي. هو 32 سالن کان مسلسل جهدوجهد ۾ رهيو، ان عرصي دوران 10 سالن تائين مختلف وقتن تي جيل ۽ ٽارچر سيلن جون سختيون پڻ برداشت ڪيون ۽ آڙا ٻيڙين سبب سندس پنين ۾ ڦٽ ٿي پيا هئا، جن جا نشان آخر تائين رهيا. هن وڏا ڪشالا ڪڍيا هئا، سر جون سٽون هنيون هيون عوام ۽ ڪارڪنن جي محبت، اعتماد ۽ عقيدت کيس راتورات ۽ مفت ۾ پلئه نه پيون هيون هو جيڪو سنڌ جي هزارين سالن جي روايتن ۽ تهذيب جو نمائيندو هو، سندس سٻاجهي، اميد ڀري طبيعت ۽ مزاج جي تربيت ڪجهه اهڙي ٿيل هئي جو نه مون يا ڪنهن ٻئي ڪڏهن کيس مايوس ڏٺو ۽ نه ڪنهن اميد کڻي ايندڙ انسان کي هن مايوس ڪيو. “مٽي هن خمير-اصل هئي ايتري” ۽ هن جنهن گس جي چونڊ ڪئي هئي ان ۾ جيل، ڦٽڪا، ڦاسي ۽ شهادت ٻوليل هوندي آهي. هو جيڪو سدائين چوندو هو ته “يا ساهه ڏبو يا سنڌ وٺبي” ڇاڪاڻ جو کيس پروڙ هئي ته هر نسل کي پنهنجي حصي جي جهدوجهد ڪرڻي هوندي آهي باقي قومن جي تقدير کي تعبير مفت ۾ ته ڪو نه ملندي آهي-؟

هن جي ڪامياب جهدوجهد ۾ رڳو 23 مارچ وارو ڪراچيءَ جو اجتماع ناهي پر هن جو 10 آگسٽ 1998 ۾ ڪمون شهيد وٽ شهيد بي نظير ڀٽو جي لڳايل ڌرڻي ۾ هزارين ڪارڪنن سان شرڪت به تاريخي ڪارنامو هو. ۽ اهو شايد پهريون ۽ آخري موقعو هو جو شهيد بي نظير ڀٽو، جيئي سنڌ جي ڪهاڙي واري جهنڊي جي ڇانءُ ۾ بيهي تقرير ڪئي هئي. ۽ هزارين ڪارڪنن جي نعرن جي گونج ۾ بشير قريشي تقرير ڪئي هئي ۽ بي نظير ڀٽو هن قدآور ۽ سهڻي جوان کي حيرت ۽ سرهائيءَ سان ڏسندي رهي هئي. کيس ڪهڙي خبر هئي ته پنهنجي وڏڙن جي ڪيل غلطيءَ جي ڏوهه ۾ کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويندو ۽ ساڳن بزرگن جي اٻوجهائي ۽ غلطين کي درست ڪرڻ جي پاداش ۾ بشير خان جي حياتيءَ جو ڏيئو گل ڪيو ويندو ۽ چئن سالن بعد سندس مزار کان 12 ڪلوميٽر ڏور هن جي سرخ گلابن جهڙي مزار ٺهندي.

بشير قريشي اهڙي زندگي ماڻي، جنهن ۾ هزارين لکين ماڻهو کيس پيار ڪندا هئا، جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا ۽ اهڙي عظيم عقيدت به ڪنهن جي حصي ۾ نه آئي آهي جو ڪارڪن عقيدت سان سندس هٿن توڙي گاڏيءَ کي چميون ڏيندا هئا. ۽ اهڙو عظيم موت به ڪنهن جي ڀاڱي ۾ نه آيو آهي، جنهن ۾ هر سنڌيءَ جي دل ۾ تڏو وڇايل هجي. ۽ سندن اکيون اشڪبار هجن. هن جا لکين عاشق کيس اکين جي پنبڻين سان سجدا ڪري رهيا هئا. ۽ هن جي پيرن تي ڪنڌ لاڙي ڌڌڪار ڏيئي روئي رهيا هئا، اهي پير جيڪي سڄي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ٿڪا نه هئا ۽ نه آرام ڪيو هئائون.

اها زندگي به عظمت ڀري هئي ۽ اهو موت به شاندار ۽ باوقار هو. هونئن به ازل جي ڌڻيءَ پينگهي ۽ قبر کي گڏ گڏ رکيو آهي. آدم جي دَم ڀلا ڪنهن سان وفا ڪئي آهي، زندگيءَ جي هنج هر ڪنهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن خالي ڪرڻي آهي. پر اهو موت جنهن ۾ لکين دلين ۾ محبتن ۽ احترام جا تاج محل جڙيل هجن. هر ڪنهن جي نصيب ۾ نه نٿو اچي.

“جي مارڳ منجهه مرن، وڏا طالع تن جا

تابوت ۾ تاريخ آ
نثار کوکر
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٽيچنگ اسپتال جي وڏن ونگن واري مک دروازي تي ماڻهن جي اهڙي ته پيهه هئي، جو گذرڻ محال هو. هونئن ته لاڙڪاڻي جي وي آءِ پي روڊ سان لڳندڙ هر چوڪ تي ڪارڪنن جي رش هئي، پر چانڊڪا اسپتال ۾ جيئن ته پوسٽ مارٽم ٿيڻو هو، تنهن ڪري سوڳوار ڪارڪنن جي رش تمام گهڻي هئي. بشير خان جي منهن جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ جڏهن قطارون ٺهڻ لڳيون ته سوڳوار ماحول سڏڪا سڏڪا ٿي ويو. اسين جڏهن کاٻي پاسي واري فوٽ پاٿ تي چڙهي منهن ڏسڻ جي تياري ڪرڻ لڳاسين ته اسپتال ۾ مريضن جي تيمارداري لاءِ آيل عورتن اسان کي مشورو ڏنو ته رستي جي ٻنهي پاسي جڙندڙ قطارن مان ساڄي پاسي ٿي بيهو ته منهن ڏسي سگهندئو. بشير خان جي جيئري توڙي مئي سندس چهري ۾ عوامي جهلڪ ۽ عوامي دلچسپي وڌيڪ هئي. سندس مڙهه واري ايمبولينس جيئن ئي مک دروازي ۾ داخل ٿي ته ماڻهن جي رش تمام گهڻي وڌي وئي ۽ مون کي مشهور صحافڻ ۽ ناول نگار اوريانا فلاسي جي ناول A MAN جا منظر ياد اچڻ لڳا، جنهن ۾ هوءَ مرندڙ سياستدان هيرو کي مخاطب ٿي لکي ٿي ته، تنهنجي تابوت سان گڏ ماڻهن جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ گڏ هو. ماڻهن جون اهي ڇوليون ڪڏهن مون کي تنهنجي تابوت ڀرسان پيون ڪن ته ڪڏهن ان کان گهڻو پري مرڪزي دائري لاءِ ٻاهر وڃي ڦٽو پيون ڪن، پر آئون تنهنجي ان آخري سفر ۾ توسان گڏ پيئي هليس. ائين ئي بشير خان جي آخري سفر ۾ آئون ڪارڪنن جي سمنڊ ۾ گهيريل هيس. ڪڏهن ويجهو ته ڪڏهن پري ٿيندو رهيس، پر گڏ هئس. سڪرنڊ جي ايمبولينس جڏهن ويجهو پهتي ته گلن جي چادرن ۽ اجرڪن ۾ ويڙهيل ان شخص جو چهرو اڀري اڳيان آيو، جيڪو مشڪوڪ حالتن ۾ ماني کائڻ کانپوءِ مري ويو آهي. سندس چهرو لُڪن جي لوساٽيل ۽ ڊگهي سفر کان پوءِ به نه ٿڪجندڙ شخص وارو چهرو هو.
فرد واحد جو جنازو ڪين آ دوستو!
تابوت ۾ تاريخ آ
هزارين ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهيري ۾ آيل ايمبولينس ڪِوِل جيان رڙهندي مردي خاني طرف وڃي رهي هئي. ڪنهن به اسپتال جي ان جڳهه کان الائي ڇو مون کي نفرت رهي آهي، ان طرف ويندي ڪنهن کي به نه ڏسي سگهندو آهيان، هي ته بشير خان جو مڙهه هو-چانڊڪا ڪاليج ۾ اسپتال جي آڳنڌ ۾ سوڳوار ماحول سبب اداس ڪندڙ خاموشي ڇانيل هئي، شهر جا دڪان به بند هئا، بازارون ويران ويران-لاڙڪاڻي جي هوائن ۾ اپريل جي اداسي ڪا نئين ته ناهي. اڃان اهو سوچي ئي رهيو هئس ته هڪڙي ظالم ميسيج ڪيو ته،
سنڌ! تنهنجي هوائن ۾ هُرندا سدا
هاءِ پهريان ڏينهن هي اپريل جا
بشير خان پنجاهه سالن کان مٿي وارو سفر طئه ڪري هاڻي جڏهن رتيديري جي موٽڻ پور محلي طرف موٽيو آهي ته ائين لڳي ٿو ته هي شخص ڄائو ئي آزادي ۽ انقلاب جا جهنڊا بلند ڪرڻ لاءِ هو. سندس سياسي سفر تي نظر وجهبي ته هو شاگرد سياست کان اهڙو ته متحرڪ نظر اچي ٿو، جو سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ جساف جو ميمبر ٿيڻ جي ڪجهه ئي سالن اندر هو عهدي تي اچي وڃي ٿو ۽ چند ئي سالن ۾ هو مرڪزي عهدن تي به اچي ٿو وڃي.
ڪراچيءَ ۾ 23 مارچ جي موقعي تي لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ کانپوءِ سندس سياسي قد تمام گهڻو مٿي ٿي ويو ۽ ڪنهن فقير کي مون چيو ته توهان ”ڄامائين“ نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. بشير خان قريشي، آصف بالادي ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ پڙهڻ ڪري سندن ويجهي سرڪل ۾ کين ”ڄامائي“ سڏيو ويندو آهي. سنڌ جي قومپرست سياست ۽ خاص ڪري جيئي سنڌ جي نعري ۽ جهنڊي هيٺ هلندڙ جماعتن ۽ اڳواڻن منجهان بشير خان اهو پهريون اڳواڻ آهي، جنهن قومپرست سياست کي عوامي انداز ڏنو. سندس تقرير ۽ ڳالهائڻ جو انداز اڃان تائين نج ڳوٺاڻو رهيو، سندس اٿڻي ويهڻي جا رويا ۽ طور طريقا به عوامي هئا. ڪراچي واري فريڊم مارچ کان ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد جي سول سوسائٽي سان ڊائلاگ پروگرام ۾ شريڪ ٿيو. هن سمورن پڙهيل لکيل دانشور ٽائيپ ماڻهن کي سڌن اکرن ۾ ٻڌايو ته ”ابا هن ملڪ کي جاڏهون تاڏهون همراهه تاڙيون ويٺا اٿوَ، ته ڪٿان نه ڪٿان ڌڪ هڻي ڪڍونس. اجايو جو ڪو ٻيو هڻي تنهن کان اسان ڇو نه پنهنجو وارو وڄايون.“ هن جا لفظ ۽ انداز بلڪل سادو، پر پيغام سخت-سن واري سيد جي پيغا کان جيئن سندس هم ذات ۽ هم طبقي وارا وڏيرا، پير، مير، سردار ڀڄي ويا، تيئن ئي بشير خان کان ڪيترائي ماڻهو ڇرڪيل رهيا. پر هو مسلسل ۽ مستقل هلندو رهيو، اهڙي واٽ تي جنهن جي راهه اڻانگي ۽ سفر مشڪل.
جن کي عشق اندر ۾، تن کي اڃ نه بک
وحدت منجهه وصال جي ٿا سدا ماڻن سک
بشير خان قريشي قومپرست سياست جي مقبوليت واري ان درجي کي وڃي پهتو، جتي شايد پهچڻ جي هر ڪنهن کي تمنا هجي. هن جيئن سنڌ ۽ آزاديءَ جي نعرن ۽ اجتماعن کي نشترپارڪ ۽ سن جي گهٽين مان ڪڍي تبت سينٽر ۽ ريگل چوڪ جهڙين عوامي جڳهن تي آندو، جتي هو ڪڏهن لکين ماڻهن سان گڏ بيٺل هو ته ڪڏهن سائين جي ايم سيد جي پوٽي زين شاهه سان گڏجي پوليس جون لٺيون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل پيو کائي. پوليس تشدد بعد سندس ليڙون ليڙون ٿيل قميص ڏسي ڪنهن چيو ته، سنڌي وڏيرن کي ڇڏيو، سنڌي غريب ماڻهو ڪراچي جي چوڪن تي ائين ئي ڪٽجي رهيو آهي. ريگل چوڪ تي ان اڪيلي ڪٽجندڙ بشير خان ڪجهه ئي سالن ۾ ماڻهن جو اهڙو ته نيٽ ورڪ جوڙي ورتو، جو شاهراهه فيصل تي کيس قتل ڪرڻ وارا پهتل مشڪوڪ ماڻهو جوابي حملي ۾ پاڻ قتل ٿي ويا. سندس ڪارڪن مشتاق خاصخيلي شهيد ٿي ويو. ان واقعي کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ مختلف سياسي مافيائن کيس تمام گهڻو سنجيدگي سان ورتو. جيئن سنڌ جي سياست ۾ ڪنهن زماني ۾ گل محمد جکراڻيءَ جي وڏي مقبوليت هوندي هئي، کيس شاگرد ڪارڪن ايترو ته پروٽوڪول ڏيندا هئا جو بشير قريشي پاڻ بندوق کڻي سندس پهرا ڏيندو هو. پر بشير خان جي منزل پارليامينٽ هائوس نه هئي ۽ هن پنهنجي راهه تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪئي ۽ حالتن کيس اهڙي مقام تي پهچايو، جتي پهچڻ جي اڪثر ايم اين ايز ۽ سينيٽرز خواهش ڪندا آهن. آئون بشير قريشي جا اهي فوٽو ڏسان ٿو، جن ۾ هو ڪنهن لاڪ اپ ۾ اقبال عرف دريا خان تنيو سان گڏ ويٺل آهي. گرمين سبب سندن قميصون لٿل آهن. هڪ ٻي تصوير ۾ ستار موريو، گل محمد جکراڻي ۽ ٻيا بيٺل آهن. فوٽو ڏسي اهو ئي چئجي ٿو ته وقت سدائين هڪ جهڙو نه ٿو رهي، ڪردار به سدائين هڪ جهڙا نٿا بيهن ۽ بشير خان جو ڪردار مستقل مزاجي ۽ مسلسل جدوجهد سبب نمايان ٿي بيٺو آهي.
جيئڻان اڳي جي جيئا، جڳ جڳ سي جيئن،

اوءِ موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا!
بشير خان قومپرست سياست کي عوامي رنگ ڏيڻ سان گڏ سنڌ جي مٽي ۽ خمير ۾ ڳوهيل صوفياڻي رنگ کي اپنايو. هن جي هٿ جوڙ، نياز نوڙت سڀني سان رهي ۽ هن پنهنجي اَنا کي در در جهڪايو، پر مقصد تان ڪنڌ نه جهڪايو. هن جي برداشت ۽ انداز عوامي هو. ڪجهه سال اڳ ڪي ٽي اين نيوز لاءِ مون سندس انٽرويو ڪيو، جنهن ۾ اهڙا ته چڀندڙ سوال ۽ مٿس لڳندڙ متضاد الزام شامل هئا، پر هن ڪا به ڪاوڙ نه ڪئي. حالانڪه مون کي ذاتي طور خبر آهي ته کيس تمام گهڻي جاين تي گهڻن ئي سوالن جا جواب ڏيڻا پيا هئا. ان برداشت ۽ ساٿ کي گڏ کڻي هلڻ واري لاڙي ئي کيس سمورن تضادن جي باوجود ڪارڪنن جو حقيقي ”وڏو“ بڻائي ڇڏيو. سندس ڪارڪن قرب ۽ پيار مان سندس نالو وٺڻ بدران کيس ”وڏو“ چوندا هئا.
اپريل جي اها رات چوڏهينءَ جي چنڊ جي رات هئي. ان رات دير سان آئون خيرپور ناٿن شاهه جي پوليس ڪانواءِ ٽوڙيندو لاڙڪاڻي پهچڻ جي ڪوشش ۾ هئس، نصير آباد کانپوءِ شروع ٿيندڙ سنسان روڊ تي پوندڙ ڀرئي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ آئون اهو ئي سوچي رهيو هئس ته سنڌ جي روڊن تي ڪيڏيون نه سنڌ جون جوانيون ختم ٿيون آهن، سرمد سنڌيءَ کان حسن درس ۽ بشير قريشي تائين هي سڀ مسافر اويلا ڇو هوندا آهن، جيڪي چانڊوڪي راتين ۾ وڇڙي ٿا وڃن.
نڪا مند مرڻ جي، نڪو جيئڻ جام،
ويندو مثل واءُ جي، هي طلسم ترت تمام،
حياتي حرام، بنا يادگيري يار جي!

 

 

جي نه آ مٽي ته پوءِ ڪهڙو ڪفن؟‘
امداد سومرو

جن اوريانا فلاچيءَ جو ناول ’اي مئن‘ پڙهيو آهي. اهي ڄاڻي سگهندا ته يوناني مزاحمتي هيرو ايلڪوس پيناگولس ۽ سنڌ جي مزاحمتي هيري بشير خان قريشيءَ ۾ ڪيترو نه ٿورو فرق هو، ٻنهي جي زندگين جي وجدان ۾ ڪيترو نه مختصر فاصلو هو، ڪيتري نه ٻنهي ۾ ڪمال درجي جي هڪجهڙائي هئي. (پر بشير خان کي ڪائي اوريانا فلاچي نه ملي سگهي).
ايلڪوس هڪ روڊ حادثي ۾ مري ويو هو جنهن کي فلاچيءَ آخري وقت تائين نه قبوليو ۽ ان کي فاشي پوليس يا حڪمران فاشي جماعت جي جاسوسن پاران هٿ سان ڪرايل حادثو قرار ڏنو هو. فلاچيءَ پيناگولس جي ايڪسيڊنٽ کي محض اتفاقي حادثو نه پر قتل قرار ڏنو هو. ائين بشير خان به دل جي دوري سبب سنڌ کي پوئين پهر اهڙو صدمو ڏئي ويو آهي جيڪو ڪيتري عرصي تائين سنڌ وساري نه سگهندي.
اسان جي روايتي ليڊر واري ڪهڙي ادا هن ۾ هئي؟ نه اَنا نه تڪبر، نه وڏائي ۽ نه ٽرڙائي. تعصب کان پري نياز نوڙت جو هي ماڻهو لطيفي روايتن جو سنڌ جي موجوده قومپرست تاريخ ۾ آخري ماڻهو هو. هو سادو سٻاجهو ماڻهو، سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جو ڳوهيل. علمي رعب ۽ نه نظرياتي تضاد جو غلام. بشير خان قريشيءَ جهڙي قومپرست ۽ آجپي جي اڳواڻ جو ائين بي مهلو وڇوڙو اڌ ۾ رهجي ويل سڏ، ڪنهن پرانهين پُڪار وانگر رهجي ويو.
ڪو ماڻهو جڏهن ليڊر ٿي وڃي ته هو ماڻهو گهٽ رهجي ويندو آهي. پوءِ هو ليڊر ٿي رهجي ويندو آهي ۽ باقي هن جو هجوم، هن جي ڪڍ لڳندڙ رعايا ٿي ويندي آهي. پڇاڙيءَ تائين بشير خان پاڻ کي ’ڪارڪن‘ ئي رهڻ ڏنو، اهڙو ماڻهن جهڙو ماڻهو ئي رهڻ ڏنو جنهن وٽ اڻ سڃاڻپو ماڻهوءَ لاءِ به عزت احترام هو، ڀاڪر پائڻ وارو سينو هو، اکين ۾ وڏن ۽ نياڻين لاءِ حياءَ هو، ٻارن جي لاءِ پيار هو.
ڪجهه اين جي او زده ماڻهن کي هن جي برادري تڪرارن ۾ منٿ ميڙ وارن قافلن تي اعتراض هو. هنن اهو ڇو نه ٿي سمجهيو ته سنڌ جي راڄ ڀاڳ ۾ عدالتن ۾ بڇڙو ٿيڻ کان اڳ راڄوڻي ڪوششن ۽ منٿ ميڙ جو رواج رهيو آهي جنهن ۾ نه فيوڊل روايت ۽ نه ان ۾ قبائلي ذهنيت آهي. هيو اهي ماڻهو هو جيڪو سردارن وٽ نه ويندو هو پر قرآن پاڪ ۽ لطيف سائين جو رسالو کڻي تڪراري برادرين سان تعلق رکندڙ ننڍن وڏن کي ٻانهون ٻڌي چوندو هو ته ٻيلي پاڻ ۾ وڙهي ڪمزور نه ٿيو پر پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي قومي ايڪتا کي مضبوط ڪريو.
ها، هو انهن ليڊرن مان به ته نه هو جيڪي پيرين پنڌ لانگ مارچ تي ڪارڪنن کي ڇڏي پاڻ لينڊ ڪروزر تي شهر کان ٻاهر مارچ ۾ شامل ٿي اڳواڻي ڪندا هئا ته جيئن ميڊيا کين جوڳي ڪوريج ڏئي پر هو ڪارڪنن سان ’مون سان هلي سا جيءُ مٺو نه ڪري‘ جيان گڏ گڏ رهندو هو. هو به انهن ڏنڊا کائيندڙن ۾ شامل هوندو هو. هو به ٽيئر گئس کائيندڙ ڪارڪنن سان شامل هوندو هو. مون هن کي مشرف جي اوائلي ڏيهاڙن ۾ ڪالا باغ ڊئم خلاف ٻٻرلوءِ واري چونڪ تي اعلانيل ڌرڻي ۾ موري کان راڻيپور تائين فائرنگ کي منهن ڏيندي، مزاحمت ڪندي، ڪارڪنن سان گڏ رتورت ٿيندي ڏٺو هو. نيشنل هاءِ وي راڻيپور- ڪوٽڏيجيءَ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪارڪنن جا ئي نه ٿيا پر هُن جا به ٿيا هئا. هو سنڌ جي قومپرست سياست جي ليڙون ليڙون ٿيل لباس کي ڳنڍڻ وارو ڪوري هو.
هو يار ويس ماڻهو هو، جيڪو ڪڏهن به عوامي تحريڪ جي سربراهه وٽ لنگهي وڃڻ ۾ عار محسوس ڪندو ۽ نه ترقي پسند هائوس تي ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سان ملڻ ۾ عيب سمجهندو هو. ڪالهه اياز لطيف پليجو ٽي ويءَ تي ڳالهائيندي انهيءَ رڌل ساڳ کي ياد ڪري رهيو هو جيڪو هو (بشير خان) پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ نيشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾ جيجي زرينه بلوچ لاءِ کڻي ايندو هو. هو اتر سنڌ جو اهو روايتي مڙس ماڻهو هو جنهن جو سيارو رڌل ساڳ ۽ چڻن جي پليءَ تي گذر ٿيندو هو. هو ماکيءَ کان مٺو ماڻهو، سيد وانگر وهه جهڙو ڪڙو نه هو جيئن اياز سيد کي ’ماکيءَ کان مٺڙو ۽ وهه جهڙو ڪڙو ماڻهو‘ لکيو هو. پر بشير خان سنڌ جي قومپرست سياست ۾ ماکيءَ جهڙو مٺڙو ماڻهو هو.
اسان جي دوست رشيد راڄڙ جي امڙ جي ٽيجهي تي هو تڏهن آيو هو جڏهن ڪي 6 ڏينهن اڳ هن تي ڪراچيءَ ۾ حملو ٿيو هو جنهن ۾ هو ذري گهٽ بچي ويو هو ۽ هڪڙو ڪارڪن مارجي ويو هو. هن سان گڏ ڇوڪرن کي هٿيار هئا ۽ چوڪس چوبند هئا. چند دوستن سان گڏ هن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن يڪدم جلد حيدرآباد ۾ ملڻ جو چيو، انهن لفظن سان ته، ”ڪجهه اسان سان به حال احوال اوريو ته اڳتي سفر ڪيئن ڪجي، ڪا حڪمت عملي ڪو ڏس پتو، باقي منزل ته هڪڙي آهي.“ اها منزل سنڌ هئي جيئن جون آف آرڪ لاءِ آزاد فرانس جو خواب هو.
اوهان جا هن سان ڪيترا به اختلاف ڇو نه هجن پر هو اوهان کي پنهنجي سڀاءُ سان ماري ڇڏيندو. ائين لڳندو ڄڻ هو سياسي ماڻهو نه آهي پر سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب و تمدن جو ماڻهو آهي جنهن ۾ اتهاسڪ رواداري ۽ نيازمندي آهي. اوهان بشير خان سان دليل سان نه ڳالهايو، دل سان ڳالهائيندؤ ته هو اوهان تان جان به فدا ڪريو ڇڏي.
هن سان انهيءَ سفر ۾ ڪيترن ئي ويجهن دوستن ساٿين هڪ نه پر ڪيئي ڀيرا دغا ڪئي هئي پر دغا جا داستان هن ڪڏهن به ورجايا نه هئا، اهي ڦٽ هن ڪڏهن به اکوڙڻ نه ڏنا هئا.
پنهنجا ڦٽ پراڻا ها
يا هي ويڄ اياڻا ها. (اياز)
هُن ته اياز وانگر ڪڏهن به اهو دک نه اوريو هو:
دوستيءَ منجهه دغا
اڳ به ڏٺي آهي تو,
هيءُ پٺي منجهه ڇُرو
ڪا نئين ڳالهه ته ناهي! (اياز)
شيخ اياز هاڻ زنده هجي ها ته هو بشير خان تي اهڙو نظم لکي ها جهڙو هن چي گويرا يا لممبا تي لکيو هو.
هو سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جهڙو لڙاٽيل سانورو ماڻهو هو. مون کي لڳو ته هن جي وئي کانپوءِ درياهه سَن واري سيد کان پنهنجو رخ موڙي ويو ڇو ته سيد جيڪا مالها پويان ڇڏي هئي ان جو آخري مڻيو بشير خان قريشي هو.
۽ صوفين جي روايت تحت هو ڌرتيءَ کي پَرتو. سنڌيءَ ۾ چئبو، موڪلاڻي ناهي- سدائين گڏ.

 

 

سنڌ ديس جي اڏول ڪمانڊر جو وڇوڙو
عاجز جمالي

[JUSTIFY]هن سال جي مارچ مهيني جي ٽيويهين تاريخ سنڌ ديس جي حامين لاءِ تاريخي ڏهاڙو هو، جڏهن ڪراچي جي بندر روڊ تي ڳاڙهن جهنڊن جو انگ هزارن ۾ هو. هي ڪو شهري آرگنائيز پارٽين جا جهنڊا ڪو نه هئا پر هي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان ايندڙ آزاديءَ جا متوالا هئا جن پنهنجي اڳواڻ جي سڏ تي ڪراچيءَ ۾ آزادي مارچ ۾ حصو ورتو. هن عوامي ميڙ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي تقرير تاريخي هئي. سنڌي اخبارن کي ان تقرير جو متن ٻيهر شايع ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اها تقرير سنڌ ديس جي آخري ڪمانڊر جي تاريخي تقرير هُئي. سندس تقرير جي پُڄاڻيءَ تي بشير خان نعرا هڻائي ر هيو هو ”هي سنڌ گهر ٿي آزادي“ جا زوردار نعرا هڻائيندي هو ڏاڍو جذباتي هو. تقرير جي پڄاڻي تي هيٺ لهڻ لڳو ته مون اڳيان وڌي کانئس ڪئميرا جي مائيڪ تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. جذبات ۾ آيل بشير خان نه رڳو پگهر ۾ شل هو پر سندس جسم ڏڪي رهيو هو. روايتي انداز ۾ ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو ته، ”عاجز سائين هينئر معافي، سڀاڻي ڳالهائينداسين.“
بشير خان قريشيءَ جا 23 هين مارچ وارا چيل اُهي لفظ مون وٽ سندس آخري جُملا آهن. ان کانپوءِ ساڻس ڪا ملاقات نه ٿي. چوڏهين ڏهاڙي رات جو ٽين وڳي سندس اوچتي موت جي خبر تي اڃا تائين يقين ڪو نه پيو اچي. موت برحق آهي ان تي ڪو شڪ ناهي پر بشير خان قريشِيءَ جي اوچتي موت ذهن ۾ ڪيترائي سوال اٿاريا آهن. تاريخ انهن سوالن جي وقت اچڻ تي جواب ڏيندي. رتيديري جي ڌرتيءَ سنڌ جي تاريخ کي رڳو ڀُٽا ڪو نه ڏنا پر چاچي غلام مرتضيٰ قريشيءَ جي گهر ڄمندڙ سنڌ جو ارڏو پُٽ بشير خان قريشي پڻ سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه جيئرو رهندو ڇو ته بشير خان قريشيءَ نه رڳو روايتي سياستدان هو پر سڄي حياتي سياسي ڪارڪن وانگر زندگي گهاريندڙ هن شخص ڪاليج جي زندگيءَ کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين ”سنڌو ديش“ جو رستو نه ڇڏيو. سنڌي قومپرستن مان بشير خان قريشي اڪيلو ۽ کرو ۽ ارڏو ماڻهو هو جنهن هڪ منٽ لاءِ به ڪڏهن اهو ڪو نه چيو ته ڪو هو سنڌ ديس تي ڪا مصلحت ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جيئي سنڌ تحڙيڪ ۽ سنڌ ديس جي نعري سان سياست جي شروعات ڪندڙ سنڌي قومپرستن جا هن وقت ڪيترائي ڌڙا آهن. جيئي سنڌ ۽ جي ايم سيد جي پوئلڳن جا به ڪيترائي گروپ آهن پر سنڌ ديس جو ڪمانڊر بشير خان قريشي ڪڏهن به هڪ انچ پوئتي نه هٽيو. ڪيترا ڀيرا جيل ۾ رهڻ ۽ ڪيترائي ڀيرا قاتلاڻن حملن ۾ جيئرو رهندڙ بشير خان قريشيءَ جي دل ڇا ايڏي ڪمزور ٿي سگهي ٿي جو دل جو دورو سندس موت جو ڪارڻ بڻجي؟ هي صرف خدشو آهي جيڪو منهنجو من مون کان سوال جي صورت ۾ پڇي ٿو.بشير قريشي سنڌ جو انوکو ترقي پسند قومپرست اڳواڻ هو جيڪو سنڌ ديس جي مامري تي بلڪل انتهاپرست به هو. سندس چوڻ هو ته هو پاڪستان جي انتظامي ڍانچي کي ڪڏهن به مڃڻ لاءِ تيار ناهي. سندس موت جي خبر ٻڌي مون هڪ ڀيرو ٻيهر سندس 23 هين مارچ واري تقرير پڙهي. مان بشير قريشي جي سياسي فڪر سان اختلاف رکي سگهان ٿو پر مون لاءِ سندس پنهنجي نظريي تي اٽل ۽ اڏول ٿي بيهڻ هن صديءَ جي تاريخي ڪردار برابر آهي.
بشير خان قريشي چوي ٿو ته:
”پاڪستان جي وجود کي نه صرف سنڌ لاءِ پر جُملي انسان ذات لاءِ نقصانڪار سمجهندي ان جي جلد ختم ٿيڻ ۽ آزاد سنڌ ديس جي قائم ٿيڻ کي سنڌين سميت پوري انسان ذات لاءِ باعث نجات سمجهون ٿا.“
بشير خان قريشيءَ سان ذاتي طور ڪيتريون ئي ڪچهريون هونديون. گذريل سال سندس گرفتاري پڻ هڪ تاريخي واقعو آهي جڏهن هٿيار کڻڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري کيس جيل اماڻيو ويو. ڪراچيءَ جو شهر جيڪو هٿيارن جي ڍير تي آهي پر بشير خان قريشيءَ جا ست هٿيار سرڪار کي مهانگا پيا. خير جيل مان ته بشير خان آزاد ٿي ويو پر ساڻس رياست جو هميشه ٻٽو معيار رهيو. ڪراچي جي شهري تنظيم ڪجهه سال اڳ جسقم سان اتحاد ڪيو هو پر بعد ۾ سندن اختلاف وڌندا ويا. جسقم مان ٽٽندڙ ٻيا ڌڙا سندن ويجها بڻيا. بشير خان قريشيءَ 23 هين مارچ تي نه کپي کپي پاڪستان جو نعرو هڻڻ سان گڏ اردو ڳالهائيندڙن جو نالو وٺي کين چيو هو ته:
”هتي آئون هڪ ڳالهه جي به واضح ۽ چٽي وضاحت ڪرڻ ٿو گهران ته ورهاڱي بعد سنڌ ۾ خاص طور تي ٻاهران آيل اردو ڳالهائيندڙن کي تاريخي حادثو سمجهندي انهن کي واضح ٿا ڪريون ته اسين انهن کي پنهنجو ڀاءُ ۽ سنڌي قوم جو حصو سمجهون ٿا. انهن کي واضح ۽ چٽي نموني مسلم قوم جي ناڪاره ۽ دقيانوسي فلسفي ۽ ٻه قومي نظريي مان هٿ ڪڍي سنڌ ۽ سنڌي قوم جو حصو بڻجڻو پوندو.“
بشير خان قريشيءَ جا مخالف سندس باري ۾ ڪجهه به چئي سگهن ٿا پر سندس کرو هُجڻ، صاف سڌو موقف رکڻ ۽ آجپي جي ڳالهه ڪرڻ هن رياست ۾ ڏکيو ڪم آهي. پيپلزپارٽيءَ پڻ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي هميشه سنڌ ديس ۽ پاڪستان ٽوڙڻ جي نعري تي ڊيچاريو آهي. اها ڪڙي حقيقت آهي ته پيپلزپارٽيءَ جو سنڌ ۾ وفاق جي سياست کي زنده رکڻ ۾ وڏو ڪارنامو آهي. شهيد بينظير ڀٽو جي جنازي تي ”نه کپي نه کپي پاڪستان“ جو نعرو سنڌيءَ قومپرستيءَ جي دٻاءَ جو چٽو مثال هو جنهن کي آصف علي زرداريءَ ’پاڪستان کپي‘ ۾ تبديل ڪيو پر بشير خان قريشي ۽ جسقم تي ان جو ڪو اثر نه پيو. بشير خان قريشي 23 مارچ تي پنهنجي آخري سياسي تقرير ۾ چوي ٿو ته:
”پاڪستان جي قائم رهڻ ڪري سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن جو تقدس ۽ احترام به سلامت ناهي. جيتوڻيڪ هن وقت به موجوده جاگرافيائي حدون سنڌين جي ڪنٽرول ۾ ناهن. پر ان صورت ۾ به اهڙي ڪا به روش، سازش ڳالهه يا نيت برداشت نه ڪئي ويندي جيڪا موجوده سنڌ جي قومي وحدت يا جاگرافيائي حدن لاءِ نقصانڪار هجي. بشير خان قريشيءَ جلسي ۾ 1940ع جي ٺهراءُ کي الوداع چئي سنڌ ديس لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. رات جو 3 وڳي سندس اوچتي موت جي ايندڙ ايس ايم ايس ننڊ مان اٿاري ڇڏيو.
”ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا“.
سندس وڇوڙي جي ڏک مون کي سمهڻ نه ڏنو. هو نه منهنجو ذاتي دوست هو نه مائٽ. نه مان سندس پارٽي ڪارڪن ۽ نه ڪو مان سنڌ ديس جو حامي. پر سنڌ امڙ کان سندس هڪ بهادر ۽ باهمت پُٽ وڇڙي ويو. هو دانشوري ۽ لفاظي تي يقين رکڻ بدران هميشه سڌي ۽ کري ڳالهه ڪندو هو. اِها ئي سندس عظمت هئي.

دودا تنهنجي ديس ۾ پل پل آ پيڙاءَ
بي وقت وڇوڙو تنهنجو ڪيڏو گهرو گهاءُ
سنڌ منهنجي ماءُ ڪندي سلام سدا تو تي.

 

اپريل هڪ ستمگر مهينو!
سڪندر علي هُليو

[JUSTIFY]ساري زندگي سنڌ سان محبت ڪندڙ ۽ ان لاءِ جيئندڙ، مرندڙ ۽ جاکوڙيندڙ هڪ دل ڇا بيهجي وئي، ڄڻ هيءَ ڌرتي ۽ ان تي موجود زمان ۽ مڪان بيهجي ويو ۽ پويان هلڻ لاءِ فقط ڏک، ڳوڙها، پار ۽ اوسار رهجي ويا. هن ڌرتيءَ جي هزارين سالن جي مٽي ۽ خمير جهڙو هڪ پٽ بشير خان قريشي آجپي واري سفر ۾ جاکوڙيندي قبرستان ڳڙهي خدا بخش ڀرسان پنهنجي اباڻي شهر رتيديري ۾ مدفون ٿي چڪو آهي. پر پويان ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪندڙ پهاڙن جهڙو ٽاسڪ ڇڏي ويو آهي، ائين جيئن سنڌ جي فڪري رهبر سائين جي ايم سيد هن ئي اپريل مهيني جي 25 تاريخ تي 1995ع ۾ ڇڏيو هو. اها ڇا ته ڪمال ۽ ڏکائيندڙ هڪ جهڙائي آهي ته سيد ۽ بشير خان قريشيءَ جي وفات هڪ ئي مهيني ۾ ٿي آهي ۽ ان جو نالو اپريل آهي. ان ئي اپريل جي چوٿين تاريخ تي سنڌ جي هڪ ٻئي ذهين، بهادر ۽ عالمي پائي جي اڳواڻ جي شهادت پڻ ٿي آهي، جنهن جو ڳڙهي خدا بخش وارو قبرسان، بشير خان جي اباڻي شهر رتيديري کان چند ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. قديم سنڌ جي تغير مان جنم وٺندڙ جديد سنڌ جي ٽنهي ڪردارن جي شهادت نما موت جو هڪ ئي مهيني اپريل ۾ هجڻ محض اتفاق نه آهي، پر زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد هن ڌرتيءَ جي سپوتن جو اُهو سنگ آهي، جنهن جي جنگ سندن موت کان پوءِ به هن ڌرتيءَ جي باوقار جياپي ۽ آجپي لاءِ سندن فڪري، نظرياتي ۽ عملي رنگن سان رڱجي هر عهد ۾ نئين سر ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي متلاشي آهي ۽ ان تلاش ۾ اپريل مهينو سنڌ لاءِ ائين آهي، جيئن قديم يوناني ديومالائي ڪردارن ۾ مارچ مهينو سندن لاءِ ستمگر آهي. جيئن مارچ جو ستم سندن لاءِ تمثيلي آهي، تيئن اپريل جو آرڙهه سنڌ لاءِ ڏک جي علامت آهي. هڪ اهڙو ڏک، جنهن ۾ شايد سنڌ جو سک سمايل آهي.
پنهنجي شعوري سفر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ واري شاگرديءَ واري زماني ۾ مان اڃان تائين اُها رات وساري نه سگهيو آهيان، جڏهن بشير خان سميت سموري سنڌ جي فڪري ابي جي شهادت نما وفات کان پوءِ سندس ڪراچي کان آيل قافلي سان ڄامشوري کان پوءِ سن ۾ تدفين وقت گذاري هئي ۽ ڪالهه رات به سنڌ تي اها ڪاري رات آيل هئي، جڏهن سندس وصيعت موجب سيد جي هڪ سچي ۽ ارڏي سپاهي کي سندس پيرن ۾ مدفون پئي ڪيو ويو، پر خاندان جي خواهش موجب کيس رتيديري ۾ ئي دفن ڪيو ويو ۽ سندس ڪارڪنن پڻ تحمل جو مظاهرو ڪيو! جديد سنڌ جي اتهاس ۾ هلندڙ جيئي سنڌ هلچل جي هڪ وڏي، ارڏي ۽ لازوال ڪردار بشير خان جو ڪمهلو وڇوڙو سندس تنظيم جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن جو ئي ڏک نه آهي، پر هيءُ هڪ سنڌ جو ڏک آهي. هو صرف پنهنجي ڪارڪنن جو ئي ”خان“ نه هو، پر سنڌ جي هر سياسي ڪارڪن، شاگرد، اٻوجهه، اڀري ۽ غريب ماڻهو جو خان به هو. هڪ اهڙي وفات، جنهن وٽ ڪروڙن بجاءِ ڪارڪن هيا ۽ پڳ بجاءِ ڌرتيءَ جو مان سندس سنڌي ٽوپيءَ ۾ سمايل هو. جڏهن سندس تدفين پارٽيءَ جي ڳاڙهي جهنڊي ۾ ٿي رهي هئي ته رت جهڙا ڳاڙها لڙڪ ۽ سنڌو جهڙا ڊگها اوسار پڻ سندس چاهيندڙن پاران سندس ڪفن جا ورَ بڻجي سندس ساميءَ کي سيراب ڪري رهيا هئا. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي اهڙي ارڏي ۽ لازوال ڪردار سان منهنجي ڪڏهن روبرو ڪا ملاقات ٿي نه سگهي، پر هن جي سفر ۽ جدوجهد ۾ مون سميت هزارين ماڻهن جو پختو يقين هو. هو هن وقت جي سنڌ جو بلا شڪ سڀ کان وڌيڪ مقبول رهنما هو، جنهن جي قافلن جي سونهن ڪروزر گاڏين بجاءِ موٽر سائيڪلن وارا اسڪارٽ ڪندڙ اهڙا نوجوان هئا، جيڪي سنڌ جي سمورن ڪاليجن، يونيورسٽين جا پنهنجي پنهنجي زندگين ۾ اڻ ڳڻيا، پر کرا ڪردا پڻ رهيا آهن. بشير خان پنهنجي دنيا جو هڪ اهڙو بادشاهه به هو، جنهن جي سلطنت روايتي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين واري سحر مان نڪرڻ کانپوءِ اوٻاڙي کان ڪراچيءَ تائين روڊن، ڌرڻن ۽ آخري فريڊم مارچ تائين عوامي انداز ۾ عوامي مقبوليت پڻ ماڻي چڪي هئي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن هن جي مقبوليت ۾ روايتي سياستدان جيان ڪميءَ بجاءِ اضافي جو باعث هو ۽ ائين هو شاگردن کانپوءِ عوامي ڌرڻا ۽ ڪارو ڪاري ۽ ڪڌي قبائلي ڪاروبار جي واپارين وٽ پڻ پنهنجي ڪارڪنن سميت غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي داد رسيءَ لاءِ پهچڻ ۾ ويرم نه ڪندو هو. هو هڪ ئي وقت شاگردن، ڪارڪنن، مزدورن ۽ عام رواجي زندگي گذاريندڙن کان وٺي آفيسرن، سردارن ۽ وقافي سياست ۾ يقين رکندڙن ۾ پڻ مقبول هو ۽ هر ماڻهوءَ وٽ هن جو باوقار ڪردار هن جو تعارف هو.
سياست جي صحرا ۽ سحر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪردار نظرئي کان وڌيڪ اثرائتو هوندو آهي. شروعاتي زندگيءَ ۾ بشير خان ڪو وڏو نظرياتي ماهر ۽ مقرر نه هو، پر سيد جي فڪر تي ٽِڪ ٻڌي بيهڻ ڪري هن جو نظرياتي قد ۽ خطابت ۾ هڪ عجيب اثر هو، ورنه جيئي سنڌ جي تاڃي پيٽي ۾ عبدالواحد آريسر جهڙا فڪري عالم ۽ مبلغ پڻ پيا آهن. اهڙي عالم ۾ پنهنجي فڪري ۽ خطابت واري سحر کي مڃائڻ ۽ قائم رکڻ فقط بشير خان جو ئي ڪمال آهي ۽ اهو يقينن بشير خان جو اهو پختو ۽ سڌو ڪردار ئي هو، جنهن کيس 10 آگسٽ 1956ع تي ڄمڻ کان وٺي ڪالهه تائين پنهنجي هڪ مختصر عمر ۾ انمول بڻائي رکيو. رتيديري شهر جي موٽڻ پور محلي ۾ غلام مرتضيٰ قريشيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ بشير خان موٽڻ پور بجاءِ سڄي سنڌ کي پنهنجي محلو سمجهيو، تڏهن ئي ته مئٽرڪ رتيديري واري اسڪول ۾، انٽر وري شڪارپور واري ڪاليج ۽ ماسٽرس وري زرعي يونيورسٽي ۾ ئي ٿي آهي. سنڌ جي هر اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جو هڪ هڪ شاگرد اڳواڻ سندس وڇڙڻ تي سراپا ڏک آهي.
هو سنڌ جي نوجوان ۽ آجپيءَ لاءِ جاکوڙيندڙن جو هڪ اتساهه، هڪ طاقت ۽ هڪ جذبو ٿي اڀريو ۽ اهو اتساهه، طاقت ۽ جذبو بعد ۾ جڏهن عوامي سطح تي ڏيکارڻ شروع ڪيو ته اوٻاڙي کان ڪيٽي بندر ۽ ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين هو هڪ ئي وقت اوتري ئي سطح تي مقبول ۽ طاقتور هو. هونئن ته ساري سنڌ سندس پاڇو ۽ گهر هئي، پر سندس اصل هيڊ ڪوارٽر ڪراچي هو، جتي گذريل سال سندس مٿان حملي کانسواءِ هاڻوڪي فريڊم مارچ تائين هن ثابت ڪيو ته ڪراچي جا وارث سنڌي آهن. بشير خان جي تنظيمي بصيرت ان وقت نظر آئي هئي، جڏهن سيد جي رحلت کانپوءِ 1995ع جيئي سنڌ جي مڙني ڌڙن چاليهي جي موقعي تي انضمام جو فيصلو ڪيو هو، جنهن هيٺ عبدالواحد آريسر اول ڪنوينر ۽ هو ڊپٽي ڪنوينر ۽ بعد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو آريسر چيئرمين ۽ هو سيڪريٽري جنرل چونڊيا هئا. ان وقت سندن اها سوچ ته سيد جي ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي، اڄ هڪ دفعو وري تقويت جي متلاشي آهي. هاڻي ته بشير خان پڻ نه رهيو آهي، جيڪو اڄوڪي قومپرست قيادت جو سڀ کان مقبول ۽ عوامي رهنما هو، پر سندس پارٽيءَ اندر آصف بالاديءَ جهڙا نظرياتي ۽ نياز ڪالاڻيءَ جهڙا عملي ڪارڪن ۽ اڳواڻ موجود آهن، جن مٿان اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هو بشير خان جي نظرياتي ۽ عملي جدوجهد کي اڃان به وڌيڪ تيز ڪندي پنهنجي قومي محاذ کي اڳتي وڌائين. سيد کان پوءِ بشير خان پڻ سنڌ اندر جيئي سنڌ هلچل کي نه رڳو يتيم ڪيو آهي، پر سيد جي فڪر کي عمل ۾ تبديل ڪندڙ هڪ عظيم ڪردار کان سنڌ محروم ٿي وئي آهي. هن پٺيان نظرياتي ۽ عمل جي امتزاج وارو چئلينج پڻ ڇڏيو آهي. سيد جي وفات وقت جيڪو سندس خانداني ۽ فڪري اولاد ۾ اتحاد ۽ نظم نظر آيو هو، اڄ ان اتحاد ۽ نظم کي اڃان به وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مڙي مُٺ ٿيڻ جي ضرورت آهي. سيد جي هن ئي مهيني ۾ ٿيندڙ ورسي گڏجي ملهائڻ لاءِ صرف وچن ئي نه، پر عمل به ٿيڻ گهرجي. اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندو رهيو آهي ته هن ئي هلچل جو هڪ برجستو ڪردار مير عالم مري ۽ ٻيا دوست اهڙين ڪوششن ۾ آهن ۽ بشير خان پڻ کين همٿايو هو. بشير خان کي ان کان وڌيڪ في الوقت ٻيو اهڙو خراج نٿو پيش ڪري سگهجي ته سيد سميت سندس ورسي، سيد جي خانداني ۽ فڪري اولاد کي يڪجاءِ ۽ هڪئي پليٽ فارم تان ملهائڻ گهرجي ۽ سنڌ جي آجپي ۽ باوقار جياپيءَ لاءِ ڪنهن هڪ سياسي تنظيم لاءِ قدم وڌائڻ گهرجي. جنهن هيٺ في الوقت ڪنهن ”ڪوآرڊينيشن ڪائونسل“ جهڙي پليٽ فارم تي اتفاق ڪندي پنهنجي پنهنجي تنظيمي شناختن کي قائم رکڻ گهرجي ۽ هڪڙي وسيع البنياد ڊائلاگ کانپوءِ هڪ سنڌ ۽ هڪ سيد جهڙي هڪ تنظيم جوڙڻ گهرجي ۽ اڄ سهڻيءَ جهڙي سنڌ کي سوين، هزارين مانگر مڇن مان نجات ڏيارڻ جو ان کان وڌيڪ خراج ۽ ڀيٽا نٿي ڏئي سگهجي، جنهن ۾ سيد جي خانداني، فڪري ۽ ڏنگن ٻارن کان وٺي هر ڌرتي ڌڻيءَ جي ڏکن جي داد رسي سندن ذريعي سنڌ ڌرتيءَ ۾ ئي ٿي سگهي!

سن ۽ سنڌ جي يگاني سپوت کي ڀيٽا!
اشفاق لغاري

هن وٽ لفظن جي جادوگري نه هئي، نه ئي وري وڏا نالا ۽ حوالا هئا، بس هن وٽ هو ته، هڪڙو ياراڻو ڀاڪر هو، جنهن جي وسيلي هو سن جي پانڌيئڙن کي پنهنجي ويجهو رکڻ ۾ آخري دم تائين ڪامياب رهيو. هن جواني جا جوڀن ڏينهڙا ڪنهن ڳاڙهي ڪپڙي جي پويان لڳي وڃائڻ بجاءِ، ڪهاڙيءَ واري ڳاڙهي جهنڊي کي سنڌ جي يونيورسٽين، شهرن ۽ ڳوٺن تائين پهچائڻ واري قومي ڪم ۾ لڳائڻ جي چونڊ ڪئي. سنڌ ۾ قومپرست سياست ڪندڙ اڳواڻن مان ”مٿي“ ويهڻ جو هنر ته تقريبن يارن کي وڏي مهارت سان اچي ٿو، پر عمران جوکيو جي امڙ ۽ عمر ڪوٽ کان وٺي اوٻاوڙي تائين سنڌ جي اصل وارثن سان ڏکين گهڙين ۾ پٽ تي ويهڻ وارو هنر صرف هن رتيديري جي يار بادشاهه کي ئي ٿي آيو. نهٺن نيڻن وارو قومي ڪارڪنن جو ”وڏو“ ۽ سيد جو ”لاڏلو“ بشير قريشي پنهنجي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ سنڌ جي صوفياڻي ڪلچر جو هڪ مڪمل نمونو هو. هن وانگر هٿ ٻڌي ملڻ ۽ مندرن کان وٺي مسجدن ۾ ويهي راڄوڻي مسئلن ٻڌڻ ۽ فيصلن ڪرائڻ واري سياسي روايت قومپرست سياست ڪندڙن ۾ بشير قريشي وڌي. هُن ۾ ايتري ته نهٺائي هئي، جو ميڊيا وارن ۽ ڪارڪنن کي ڪيترائي ڀيرا پنهنجي تقريرن ۾ چيائين ته، ”منهنجي نالي سان ”خان“ نه چنبڙايو“، پر ڪارڪن کيس پيار مان گهڻو ڪري نالو وٺڻ بدران ”وڏو“ ئي چوندا هئا/ آهن. هو پنهنجو مڪمل نالو بشير احمد قريشي لکندو ۽ ٻڌائيندو هو. هڪڙي ساڙ سڙيي قومي مفڪر ڪنهن ڪتاب جي مهاڳ ۾ هن تي رڳو سندس نالي سان ڪارڪنن ۽ چاهيندڙن پاران ”خان“ ڳنڍڻ ڪري پٿر وسايا ويا آهن. احتجاجي طريقن ۾ بک هڙتال جي هٿيار کان وٺي لانگ مارچن تائين ۽ جلسن جلوسن کان وٺي پنجاب جا رستا بند ڪرڻ تائين وارا هن سمورا طريقا پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي پليٽ فارم تان هڪ جاکوڙي سياسي ڪردار جيئان آزمايا. ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو شيئر ته ڪئين قومپرست چاهين ٿا پر، بشير قريشي سنڌين جي ڪراچي ٿي چاهي، ان ئي سلسلي ۾ هن رتيديري کي ڇڏي وڃي گلشن حديد ڪراچيءَ ۾ پنهنجو گهر ڪيو. سنڌ جي پاڻي ڪيس متعلق ڪمون شهيد واري مشهور ڌرڻي ۾ بينظير ڀٽو شهيد ان شرط تي شامل ٿي هئي ته اتي ڪير به الڳ ملڪ جو نعرو نه هڻندو. ان تحت بشير قريشيءَ کي ڌرڻي جا انتظام سنڀاليندڙن تقرير ڪرڻ نٿي ڏني، ته بشير قريشي جي چاهيندڙن ۽ ڪارڪنن جي زور کي ڏسي بينظير ڀٽو شهيد به بشير قريشي جي تقرير تي راضپو ڏيکاريو هو. سن مان اٿيل مهڪ کي نگر نگر ڦهلائڻ وارو بار هن رياست اندر بشير قريشي ٽارچر سيلن ۽ جيلن کي ڏسندي به پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ بلڪل ڪاميابيءَ سان نڀائي ڏيکاريو، جنهن جو مثال هن جي آخري رسمن ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت آهي. هن پاڻ کي اڳواڻ، ليڊر يا پارٽي چيئرمين سڏائڻ بدران سيد جو سپاهي ۽ ڪارڪن سڏائڻ ۾ فخر ٿي محسوس ڪيو. مولوين، ڪٽر ڪميونسٽن کان وٺي ميان مٺو جهڙن پيرن، وڏيرن، ميرن ۽ سيدن کي به هي منفرد قومي ڪامريڊ قبول هو. هونئن سنڌ ۾ اهڙا مثال تمام گهٽ ملن ٿا. وڏيرو، مير، پير ۽ ڪامريڊ هڪ ٻئي جا سنڌ ۾ ضد سمجهيا وڃن ٿا، پر بشير قريشي کي سياست جي سُتي سن جي پيل هئي، تنهنڪري ان کي هر در تي هلي وڃڻ ۽ هٿ جوڙ سان پنهنجي ڳالهه ڪرڻ ۽ مڃرائڻ جو فن خوب ٿي آيو. سنڌ جي غير مادي (نان مٽيريل ڪلچر) ڪلچر جو سياسي استعمال قومپرست اڳواڻن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪيو آهي ته اهو فقط بشير قريشي هو. هن بس هر گهڙي هر لمحي اهو ٿي چاهيو ۽ چيو ته،

ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
ڪڏهن موڙ تنهن جا نه مرجهائجن،
وسي ڀٽ تنهنجي ڀلارا سدا
سدا ديس پرديس سارا وسن.

هليا وينداسين اوچتو اوچتو
صنم سنڌي
ڪراچيءَ جي هوائن جا اهي پرجوش ڏينهن مون کي اڄ به ياد آهن، جڏهن سنڌي قوم جو ڪو به قومي ڪاڄ، سڏ يا ميڙاڪو هوندو هو ته هرطرف هڪئي ريٽو جهنڊو ڦڙڪندي نظر ايندو هو، جيڪو سن جي سيد جي سار هر دل جي ميدان تي محبت ساڻ مهڪائي اهو ياد ڏياريندو هو ته سن جو سيد اڄ به زنده آهي. سندس مقصد، سندس سوچ، سندس فڪر ڦولارجي هرطرف ڦهلجي سنڌي قوم کي متحد ٿيڻ جا انيڪ پيغام مُڪي رهيو آهي، اهو جهنڊو جنهن جي ڳاڙهاڻ جذبن کي نئون جوش ارپي اهو احساس ڏياريندي هئي ته جنهن شهر ۾ ڌارين جي دعويداري آهي، اتي سنڌين جي مالڪي ڪير به ۽ ڪڏهن به ختم نٿو ڪري سگهي. هو ڳاڙهو جهنڊو اڄ پنهنجي ڳاڙهاڻ افق ٿي پکيڙي درد جون دانهون ڪري رهيو آهي. رات جو پويون پهر هو، خبر ناهي ڇو ننڊ اکين کان تمام پري هئي، ان وقت ادا ضراب حيدر جي مئسيج ڄڻ ته پيرن هيٺان زمين ڪڍي ڇڏي، مون يڪدم انٽرنيٽ هلائي ته سنڌ جي جوشيلي ۽ ارڏي پٽ محترم بشير خان قريشي جي اوچتي وڇوڙي جي دکدائڪ خبر هڪڀيرو ٻيهر سنڌ جي خوابن جي ساڀيان کي ڏاڍو ڏور ۽ اکين کان اوجهل ٿيندي نظر آئي بقول شاعر:
”موت پوي موت، اڻ مندائتو آئين،
سوين سڪندر رماريئي، ارڏا ۽ اڻ موٽ،
گهايئي اهڙا گهوٽ، جن مند نه هئي مرڻ جي.“
اهڙا قومي اڳواڻ جن ۾ بهادري، جرئت، همت، حشمت، سڀاءُ ۽ محبت جا جذبا اپٽار هجن، سچ ته اهڙا املهه ماڻڪ روز روز ناهن ڄمندا. صديون سڪڻ کانپوءِ ڌرتي ماءُ کي اهڙا ارڏا ٻچا نصيب ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي خوبين، خصلتن، ڏاهپ ۽ پيار سان جيجل جي جهولي ڀري کيس خوشين جا خزانا ارپي ڏيهان ڏيهه سندس ناماچار ڪرائيندا ۽ سندس ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيندا آهن. لاڙڪاڻي جي سرزمين ڏاڍي زرخيز ۽ مقدس آهي، جنهن انمول هيرا جنميا آهن. جيڪڏهن بشير خان قريشي جي زندگي تي نظر وجهنداسين ته هن بهادر ۽ ارڏي سپوت جي سڄي ڄمار سنڌ ڌرتي ۽ سن جي سيد سان سچائي ۽ محبت جو اظهار ڪندي گذري، مون کي بشير خان قريشي جي اها هڪ جهلڪ ياد آهي، جڏهن مهراڻ ڪاليج مورو ۾ شاگردن جي فنڪشن ۾ مان خود به مهمان هئس اتي اچانڪ سندس آمد ڪاليج جي نوجوان ڇوڪرن ۾ جهڙي طرح جوش، ڦڙتي ۽ اتساهه پکيڙيو، اهو قابل ديد هو، ان وقت مون کي اهو احساس ٿيو ته سنڌ جي قومپرستن ۾ واقعي به بشير خان هڪ جداگانه ۽ اهم حيثيت رکي ٿو، سندس مختصر تقرير ۾ جيڪو پيغام ۽ پيار مون سنڌ امڙ لاءِ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، ان مان مون کي پڪ ٿي وئي ته سنڌ جو اڪثر نوجوان طبقو بشير خان کي پسند ڇو ٿو ڪري؟ سندس انداز ۾ سادگي، سچائي نمايان هئي، سندس سڀاءُ ڪنهن ليڊر بجاءِ عام مارو ماڻهن جهڙو هو، سندس اتساهه جذبن مان جهلڪي رهيو هو، ان ڏينهن ڪاليجي شاگرد هجڻ جي حيثيت سان مون محسوس ڪيو ته بشير خان نوجوان شاگردن ۾ ايترو مقبول ڇو آهي؟ سندس صعوبتون ۽ سَٺل سختيون به سنڌ واسين اڳيان آهن، کيس جيلن جون ياترائون ائين ڪرايون وينديون هيون ڄڻ ڪنهن ٻار سان راند ڪئي ويندي هجي، پر هن هماليه جهڙي همت رکندڙ سنڌڙي جي سپوت ڪڏهن به همت نه هاري، هميشه سائين جي ايم سيد جي جذبن جي ترجماني ڪندي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي. هر محاذ تي مهاڏو اٽڪائيندڙ بشير خان موت جي محاذ تي به مهاڏو اٽڪائي موت کي مات ڏئي پاڻ کي سنڌ ڌرتي ۽ حقيقي سوچ رکندڙ سنڌين جي دلين ۾ هميشه لاءِ جياري ويو آهي، بقول استاد بخاري:
”جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.“
ڀلا سنڌ جيجل سوڳوار ڇو نه هجي؟ سنڌ امڙ اها ڌرتي آهي، جيڪا هميشه غيرن جي اک ۾ ڪنڊي جيان رهي آهي. هن جيجل ڌرتي تي هر وار ڪري سندس ناءُ کي ميسارڻ جون ڪوششون هر دور ۾ ٿينديون رهيون آهن، پر جيجل جي ڪک تي الله جي اهڙي ته مهر ۽ ٻاجهه آهي جو سندس ڪک مان سدائين اهڙا ناياب ڪردار جنم وٺندا رهيا آهن، جن کي جهڪائڻ وارا خود جهڪي مري کپي خاڪ ٿي ويا پر سنڌڙيءَ جي آزاديءَ جا گيت آلاپڻ وارن کي ڪڏهن به ماري ناهن سگهيا، بقول خطائي ٿيٻو:
”سورج مکي سن جا،
جگ جگ جيئندين جيت،
مرندا ناهن گيت،
آزاديءَ جا موت سان.“
بلڪل اهڙي طرح بشير خان قريشي ڄمڻ ساڻ پنهنجي جيءَ ۽ جيون جي ڏور جيجل ڌرتي سان اهڙي طرح جوڙي ڇڏي هئي جو کيس موت جي پرواهه نه هوندي هئي، بقول منهنجي:
”جيءُ جيجل سان اهڙو جڙيو،
ڪڏهن ڪين مڙيو، بشير موت اڳيان.“
مارچ جو مهينو ته گذري ويو پر هيءَ ڌرتي بشير خان جا وطن لاءِ ڪيل لانگ مارچ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، جڏهن بشير خان پيادل شهرن جا شهر هن مهراڻ لاءِ محبتون وکيريندو رهيو ۽ پاڻ تي آيل ڪوڙن ڪيسن ۽ الزامن کي منهن ڏيندو رهيو. مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي جڏهن کيس بنا لائيسنس وارا هٿيار رکڻ جي ڪوڙي ڏوهه ۾ جيل موڪليو ويو، تڏهن به سندس ارڏائپ ڪنهن ڪوڙ کي مڃڻ کان قاصر هئي. کيس سنڌ جي امن سان اهڙي الفت هئي جو قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ اهو واحد قومپرست هو جيڪو ميڙ وٺي ڀٽ ڌڻي جا رسالا کڻي، پيار، امن ۽ الفت جا سنيها ساڻ ڪري سنڌ جي پراڻي قبيلائي تڪرارن ۽ جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلا وٺي وڃي تڪرارن ۽ انائن جي تيز باهه کي اجهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ سنڌ واسين کي پاڻ ۾ پيار سان پرچي رهڻ جا درس ڏيندو، روڊن ۽ رستن تي احتجاج ۽ جهاد ڪندو غاصبن کان سنڌ جا حق گهرندو رهيو، اهڙي ابو جهاد ۽ سدوري پٽ جي اوچتي وڇوڙي تي هيءَ ڌرتي ماءُ واڪا ڪري رهي آهي.
”واڪا ڪندي ووءِ، صديون تولاءِ سنڌڙي.“
توڙي جو مون ڪيئي ڀيرا قومي معاملن تي ساڻن ڳالهيون ڪيون، پر هر مسئلي تي کين سنڌ جي پرچار ۽ پيار سان سرشار ڏٺم، ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيندو هو ته هو هڪ ٽي وي اينڪر سان ڳالهائي رهيو آهي. سنڌ جي صدين واري عظيم تهذيب جي هن وارث وٽان هميشه ”ادي“ لفظ سان مخاطب ٿيڻ مون کي بيحد پسند هو. اهڙي بااخلاق، ريتن جي پاسدار ۽ روايت جي امين ماڻهوءَ کي ڪير ٿو وساري سگهي؟ بقول منهنجي ئي:
”ٽوڙيندو ڪير هن زنجير کي،
منهن نه ڏيندو آ ڪانئر شمشير کي،
ڀلي سوڍا سنڌ جا سمهندا وڃن،
صنم وساريندو ڪير دودي ۽ بشير کي.“
سنڌ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد کيس هميشه پٽن جيان اهميت ۽ محبت ڏني، مان سمجهان ٿي ته بشير خان اهو خوش نصيب انسان هو جنهن کي پنهنجي اڳواڻ هميشه مان ڏنو، شايد سائين جي ايم سيد کي به اها خبر هئي ته بشير خان ئي اهو سٻاجهڙو ماڻهو آهي، جيڪو سنڌ جي مظلوم، مسڪين، غريب ۽ ڏکايل ماڻهن جو بهترين اڳواڻ ثابت ٿي قومپرستن ۾ نمايان رهندو. بشير خان انهيءَ مانَ جو مانَ رکندي سائين جي ايم سيد جو پيغام هر وستي ۽ واهڻ ۾ پهچايو، نه فقط ايترو پر سنڌ جي خوشحالي جا انيڪ خواب کڻي گهٽي گهٽي ڌرتي جي امن، شادابي، حقن، خوشحالي، بقا ۽ آزاديءَ لاءِ ووڙيندو هوشو، هيمو ۽ دودي جي ريت نڀائيندو رهيو، جنهن لاءِ منهنجون ئي سٽون سرجيل آهن ته:
”سيد جي صورت بشير هو،
سنڌ جي ضرورت بشير هو،
اڄ ويو موڪلائي مارن کان صنم،
دودن جي مورت بشير هو.“
بشير خان قريشي جهڙي مهان، عظيم ۽ ارڏي انسان جو اوچتو وڇوڙو سنڌ جي سڀني قومپرستن کي پڪاري رهيو آهي ته خدا جي واسطي هڪ ٿي سنڌ ۽ سيد جي محبت ۾ پاڻ ملهائڻ سکي وٺو، جيجل جي حقن، خوابن، خوشحالي ۽ آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جا گر سکي پئو، سنڌين ۾ صدين کان پيدا ٿيل احساسِ محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ متحد ٿي ايڪي جو ثبوت ڏيو، ڇو ته جيون ماڪ مثل آهي، جنهن جي انت جو خواب خيال ئي ناهي هوندو. بشير خان قريشي جو مڙهه هن ڌرتي واسين کان موڪلائيندي کين آخري ڀيرو به اها ئي پارت ڪري رهيو آهي ته ٻيلي غيرن ۽ غدارن کي سڃاڻي هن سنڌ ماءُ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ سڀ هڪ ٿي وڃو، ڇو ته ٻڌي ۾ عظمت آهي.
شال انهيءَ عظمت کي اسين ماڻي وٺون ۽ بشير خان قريشي جي اوچتو اوچتو هلي وڃڻ کانپوءِ اسين سندس انهيءَ خواب ۽ پيغام کي شل سمجهي وٺون، جيڪو استاد بخاري جي هن سٽن ۾ سمايل آهي:
”اسان سان ڪچهريون ڪريو دوستو،
هليا وينداسين اوچتو اوچتو!
اسان جي نصيحت، وصيت اها،
صحيح سوچجو، صحيح لوچجو!“

 جيئڻ ٿورا ڏينهڙا

جامي چانڊيو
 سنڌ هونئن ئي هر لحاظ کان سورن ۾ آهي ۽ ان صورتحال ۾ سنڌ جي هڪ بهادر ۽ سدوري پُٽَ بشير خان قريشيءَ جو لاڏاڻو سچ پچ ته ڪنهن وڏي قومي سانحي کان گهٽ ناهي. هونئن ته سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومي سياست ۾ اهڙا انيڪ ڪردار ٿي گذريا آهن ۽ اڄ به موجود آهن، جيڪي سدائين قومي اُتساهه جي علامت رهيا، پر بشير خان قريشيءَ ۾ ڪا خاص مڻيا هئي، جو هو سنڌ جو هڪ هر دل عزيز ماڻهو هو. سياست جي ميدان تي سدائين ماڻهو تڪرارن ۽ تضادن جي گهيري ۾ رهي ٿو، پر سنڌ جي سياست ۽ شهيد فاضل کانپوءِ بشير خان قريشي شايد اهو واحد سياسي ڪارڪن/اڳواڻ هو، جيڪو ذاتي طور سڀني لاءِ قابلِ قبول هوندو هو. مون پنهنجي گذريل پنجويهن سالن جي سياسي ۽ ادبي زندگيءَ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي بشير خان جي غيبت ڪندي نه ٻڌو. هو سنڌ جي روايتي محبتي مٽيءَ مان ڳوهيل ماڻهو هو. سائين جي ايم سيد منهنجي والد صاحب جو دل گهريو دوست هو ۽ مون کي سدائين دل سان ڀائيندو هو. مان ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي تعليم جي وقت کان وٺي سائينءَ وٽ اڪثر ويندو هوس ۽ بشير خان قريشيءَ سان منهنجون ابتدائي ملاقاتون اتي ئي ٿيون. ان زماني ۾ مون سدائين کيس سائينءَ جي قربت ۾ ڏٺو ۽ سائين جي ايم سيد جو ساڻس پيار، اعتبار ۽ شفقت به ڏسڻ وٽان هوندي هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن جي سياسي تربيت سڌيءَ ريت سائين جي ايم سيد جي هٿن ۾ ٿي هئي. سائينءَ سان هن جي محبت، عشق جي حد تائين هئي، پر مون سائينءَ جي بشير خان سان قربت ۽ شفقت پڻ اکين سان ڏٺي.
بشير خان جي پهرين خوبي اها هئي ته هو هڪ بيحد سادو ۽ سڌو ماڻهو هو. سنڌ جو هڪ روايتي نج بنار ماڻهو هو. هن ۾ هلڪڙائپ ۽ ڏيکاءَ پسنديءَ جا لاڙ بلڪل نه هئا. بشير خان هڪ عملي ماڻهو هو. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي قومي سياست ۾ سندس همعصر قيادت مان جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو سڀ کان وڌيڪ عوامي رابطو هو يا عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي صلاحيت هئي ته اهو بشير خان قريشي هو. بشير خان جي هڪ ٻي خوبي اها هئي ته هو سنڌ جي وضعدار روايتن جو امين هو. فضيلت، نهٺائي، قرب، درگذر، وفاداري، وڏن جي عزت ۽ بهادري، سنڌ جي مٽيءَ جا اُهي سمورا روايتي مثبت ڳُڻ ئي هئا، جن بشير خان قريشيءَ کي هڪ اهڙي مڻيادار سياسي ڪارڪن/اڳواڻ طور اڀاريو، جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول ۽ هر دل عزيز هو. سنڌ جو هي اهڙو نفسياتي طور بحراني دور آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهيو پيو آهي. اڻ سهپ، ساڙ، ڪينو، ڏيکاءَ پسندي، ٻئي کي هيٺ ڪري پاڻ کي مٿي ڪرڻ جهڙي سطحي ۽ جاگيردارانه سوچ، ذاتي مفاد پرستي ۽ روين ۾ عدم توازن اڄوڪي سنڌ جا عام رجحان آهن، پر بشير خان قريشي انهن منفي رجحانن کان آجو ماڻهو هو. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو پنهنجي اندر ۾ هڪ متوازن، پر سڪون ۽ وڏو ماڻهو هو. مان ڪيترا ڀيرا مٿس روبرو سخت تنقيد به ڪندو هوس، ته هميشه کلي چوندو هو ته، ”پوءِ توهان وقت ڏيو، رهنمائي ڪريو.“ سنڌ جي سياست ۾ اها فضيلت ۽ نهٺائي مون تمام گهٽ ماڻهن ۾ ڏٺي. جيئي سنڌ ۽ عوامي تحريڪ جا اختلاف هميشه عروج تي رهيا، پر مون بشير خان کي سدائين پليجو صاحب سان نهايت عقيدت، احترام ۽ نوڙت سان ملندي ڏٺو ۽ پليجي صاحب جي ساڻس شفقت به ڏسڻ وٽان هوندي هئي. پليجو صاحب نه رڳو کيس ڀانئيندو هو، پر سندس بهادريءَ ۽ فضيلت کي ساراهيندو پڻ آهي. سندس دل ۾ اها جاءِ بشير خان پاڻ ٺاهي. هو پاڻ کي هڪ اڳواڻ کان وڌيڪ هميشه هڪ ڪارڪن سمجهندو هو ۽ مون سدائين هن کي سياسي تعصب کان بالاتر ڏٺو.
بشير خان قريشي سياسي طور به هڪ پختو ۽ ڪڙهيل ماڻهو هو. هن گذريل ڏهاڪي ۾ جيئي سنڌ جي سياست کي نئون رخ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيڪا سياسي تنظيم ۽ روايت رڳو تعليمي ادارن تائين محدود هوندي هئي. هن ان کي سنڌي عوام تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گذريل سڄو ڏهاڪو هو عوامي رابطي ۽ عوام کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مصروف رهيو ۽ ان جو ثبوت سندس ڪوٺايل وڏا وڏا عوامي ميڙ هئا. جتي به قبائلي جهيڙن جي صورت ۾ سنڌي ماڻهن جون هڪ ٻئي خلاف خونريزيون ڏسندو هو ته هو اُتي منٿ ميڙ قافلو وٺي وڃي، کين هڪ هنڌ گڏ ويهاري سندن خوني تڪرار نبيرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. بشير خان سنڌ جو سچو سپاهي هو. هو سنڌ جي قومي سياسي تنظيمن مان پهريون اڳواڻ هو، جنهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي پنهنجيءَ سياست جو مرڪز ٺاهيو. اها سوچ سندس سياسي ۽ قومي بصيرت جو وڏو ثبوت آهي.
بشير خان قريشيءَ جي هڪ نرالي خوبي اها به هئي ته سياسي اختلافن کي ڪڏهن به ذاتي رنگ نه ڏيندو هو. نه ته هونئن سنڌ ۾ اهو رجحان عام آهي. اسان وٽ سياسي اختلاف نه رڳو ذاتي اختلاف ۾ تبديل ٿيو وڃن، پر اهي دشمنيءَ جي صورت اختيار ڪري ويندا آهن. مون بشير خان جي زبان مان ڪڏهن به ڪنهن مخالف سياسي ڪارڪن، پارٽي يا اڳواڻ خلاف ڪو گٿو لفظ نه ٻڌو. هميشه سياسي ڪچهري ڪندو هو ۽ ماڻهن جي غيبت بدران اشوز تي ڳالهائيندو هو. منهنجي ساڻس آخري ملاقات گذريل سال منهنجي پياري دوست آصف بالادي جي گهر سائين محمد ابراهيم جويي جي ملهايل سالگرهه جي موقعي تي ٿي. جتي سنڌ جا ٻيا به ڪيترا ساڃاهه وند دوست آيل هئا. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ لساني تنظيم چونڊي چونڊي سنڌي ماڻهن کي ماري رهي هئي. بشير خان قريشي مون کي چيو ته، اسان تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته اسان به هٿيار کڻون ۽ جوابي ڪارروايون ڪريون. توهان ڇا ٿا چئو؟ مون کيس چيو فاشزم جو جواب فاشزم نٿو ٿي سگهي. اسان کي دهشتگردن ۽ فاشسٽن خلاف سياسي جنگ ڪرڻي آهي، پر عام اردو ڳالهائيندڙن خلاف ڪا به جوابي ڪارروائي اسان جو انساني، قومي ۽ فڪري وَڙ ناهي. منهنجي جواب تي سندس چهري تي مرڪ ۽ اتساهه ڏسڻ وٽان هو. هن چيو مان به ان ساڳيءَ سوچ جو آهيان، سنڌ ۾ نسلي رتوڇاڻ اسان جي حق ۾ ناهي ۽ اسان پرامن سياسي جدوجهد کي ئي حقيقي قومي ۽ سياسي واٽ سمجهون ٿا.
بشير خان قريشيءَ جهڙي فضيلت ڀري سياسي ڪارڪن/اڳواڻ جو ڪُمهلو موت مون سميت سڄيءَ سنڌ لاءِ وڏي ڏک جو باعث آهي. سنڌ کي موجوده ڏکين حالتن ۾ هن جهڙي ماڻهوءَ جي سخت گهرج هئي ۽ سندس موت يقيني طور هڪ قومي سانحو آهي. سنڌ پنهنجي هن بهادر پٽ کي هميشه ياد رکندي!
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا!

 

 

اڄ وري سنڌ روئي رهي آهي ۔۔۔
جي اين مغل
سنڌ رئندي نه آهي، سنڌ رئڻي نه آهي، سنڌ دنيا جي بهادر ترين ڌرتي آهي جنهن صدين کان سوين ۽ هزارين صدما برداشت ڪيا آهن، پر نه هن رنو نه رڙ ڪئي، پر سنڌ ماءُ به ته آهي، هن جي دل ماءُ جي دل آهي، ڪڏهن ڪڏهن اهڙا واقعا ٿيندا آهن جو ڌرتيون ڌٻنديون آهن ۽ پهاڙ به ڦاٽي پوندا آهن. سنڌ ته وري به ڌرتي ماءُ آهي. ڪي اڌما برداشت نه ڪري سگهندي آهي ۽ روئي وجهندي آهي. ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس ڪونڌر پٽ دودي کي ڪٺو ويو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن کيس ٽالپرن، پليٽ تي رکي انگريزن جي حوالي ڪيو هو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس پٽ هوشو انگريزن جي گولين جو کاڄ ٿي ويو هو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن هيمون ۽ روپلي ڪولهيءَ جا ڪنڌ ڪپيا ويا هئا” ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس بهادر پٽ مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو هو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس قابل فخر بهادر سپوت ذوالفقار علي ڀٽي کي پنجابي جنرلن پنجابي ججن جي فتوا جي روشني ۾ ڦاسي چاڙهيو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس شينهن جهڙي بهادر ڌيءُ بينظير ڀٽو کي پنجاب جي ڌرتيءَ تي هڪ جلسي کي خطاب ڪرڻ دوران موت کي مخاطب ٿيندي گولين ۽ بم جو نشانو بڻايو ويو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس هڪ بهادر پٽ ”عوامي جرنيل“ فاضل راهوءَ کي قتل ڪيو ويو هو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هو جڏهن سندس هڪ ٻئي اصول پرست پٽ نظير عباسيءَ کي پاڪستان جي ايجنسين جي جاسوس ڪتن چيري ڦاڙي قتل ڪيو هو؟ ها، سنڌ انهن مڙني معاملن تي رنو هو ۽ سنڌ اڄ وري روئي رهي آهي سندس بهادر، سچار ۽ موڀي پٽ بشير خان قريشي سندس هٿن مان ان وقت اڏامي ويو جڏهن هو پنهنجي سنڌ امڙ سان تاريخ ۾ ٿيل مڙني زيادتين جو پلاند ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هو.
مون بشير قريشيءَ کي پهروين ڀيرو ان وقت ڏٺو جڏهن حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ان وقت جي ميئر آفتاب شيخ تي حملو ٿيڻ کانپوءِ سڄي حيدرآباد شهر ۾ وڳوڙ هو ۽ حيدرآباد جا سنڌي هيسيل هئا، ان دوران اهي اطلاع آيا ته سائين جي ايم سيد سن کان ڪراچي ويندي ڪجهه وقت لاءِ حيدرآباد شهر ۾ رئيس عبدالحميد خان جتوئي جي بنگلي تي ساهي پٽڻ لاءِ رڪيو آهي. آئون حيدرآباد ۾ هوس، اهو اطلاع ملڻ تي اسين سڀ صحافي ڊوڙندا لطيف آباد ۾ عبدالحميد جتوئي جي بنگلي تي پهتاسين، بنگلي ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ هڪ قدآور جانٺو جوان ويٺل هو. ماڻهن انڪشاف ڪيو ته اهو بشير خان قريشي آهي. مون بشير خان قريشيءَ کي چتائي ڏٺو. هو خاموش هو، ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هو. منجهس ڪابه وڏائي ته نظر نه آئي، پر منجهس ڪجهه ته هو. هر هڪ جون اکيون منجهس کتل هيون. مون جڏهن چتائي سندس اکين ۾ ڏٺو ته سچ پچ مونکي بشير خان قريشي جي اکين ۾ سنڌ نظر آئي ۽ ڪو اهڙو عزم نظر آيو جنهن جو ڪو مٽ نه هجي. مون ان وقت پنهنجن ڪجهه ساٿي صحافين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته يار مونکي ته هن جي اکين ۾ سنڌ نظر پئي اچي ۽ مونکي ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هيءُ سنڌ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪجهه ڪري ڏيکاريندو. بعد ۾ جڏهن تازو گلشن حديد ۾ بشير خان قريشي جي دعوت تي سندس گهر تي ملاقات ٿي جنهن ۾ مونکان سواءِ منهنجي دوست نصير ميمڻ کي به مدعو ڪيو ويو هو ۽ اسان کانسواءِ ان دعوت ۾ ٻين سان گڏ منهنجو دوست همسفر گاڏهي، حميد سبزئي، آصف بالادي، ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ ۽ الاهي بخش بڪڪ به گڏ هئا. مون هڪ ڀيرو وري ويجهڙائي کان بشير خان قريشي جي اکين ۾ چتائي ڏٺو ۽ مونکي وري به سندس اکين ۾ فقط سنڌ نظر آئي پر هن ڀيري مونکي سندس اکين ۾ ڪجهه عجيب اڻ تڻ ۽ هورا کورا به نظر آئي، آئون نه رهي سگهيس ۽ آئون پنهنجن انهن مڙني دوستن سان پنهنجي اها سرچ ۽ احساس شيئر ڪرڻ لڳس ته کيس بشير خان قريشي جي اکين ۾ خبر نه آهي ڇو سنڌ نظر ٿي اچي. ان وقت آئون پنهنجي ان اندازي جو به اظهار ڪرڻ بغير نه رهي سگهيس ته مونکي بشير قريشي مان خبر نه آهي ڇو اها توقع آهي ته سنڌ جي جنگ جي قيادت هو ڪندو.
ان کان به اڳ جڏهن ڪراچي ۾ گهر شماري ٿي رهي هئي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو هو ته ڪراچي جي گهر شماري اسان جي ”مهربانن“ طرفان هائيجيڪ ڪئي پئي وڃي. ان پسمنظر ۾ ڊفينس ۾ هڪ بنگلي تي ڪجهه قوم پرست رهنمائن جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سائين جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، حاجي شفيع ڄاموٽ، عبدالحڪيم بلوچ کانسواءِ ان ۾ بشير خان قريشي به شرڪت ڪئي، ان گڏجاڻيءَ ۾ اسان ڪجهه صحافين کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ مون مڙني رهنمائن اڳيان الڳ الڳ هڪ تجويز رکي. پر هنن ان تجويز کي اهميت نه ڏني جڏهن مون اها تجويز بشير خان قريشي اڳيان رکي ته هن نه فقط ان سان اتفاق ڪيو پر خود ذميواري کنئي ته هو سنڌي ميڊيا کي گڏ ڪري هنن کي گهر شماري هائيجيڪ ٿيڻ بابت آگاهي ڏيندو ۽ هنن کي تيار ڪندو ته هو اهو اشو کڻن، ٻن ڏينهن کانپوءِ بشير خان قريشي ائين ڪري ڏيکاريو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سنڌ جي مڙني قوم پرست ڌرين طرفان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو، هن ڀيري هڙتال باقي سنڌ کانسواءِ سڄي ڪراچي ۾ به ٿي. ان هڙتال ۾ سچي ڳالهه اها آهي ته سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو ڪردار بشير خان قريشي جي جسقم ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي بهادر عورت ڪارڪنن جو هو . هنن جس لهڻي. ان هڙتال جو اهم پهلو اهو هو ته هن ڀيري هڙتال جو سڏ ڏيندڙن گاڏيون نه ساڙيون، نه مارا ماري ڪئي ۽ نه شهر جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ڪري دڪان ۽ ٽرئفڪ بند ڪرائي. حقيقت اها آهي ته اها هڙتال ڪراچي جي دڪاندارن ۽ ٽرانسپورٽون سنڌي قوم پرستن جي سڏ تي رضاڪاراڻه طور ڪئي، اهو ڪراچيءَ جي تاريخ جو هڪ مثالي واقعو هو.
بشير خان قريشي عجيب شخص هو، هو لٻاڙي نه هو ۽ نه ئي ٻٽاڪي هو. هو شوشاءُ به نه ڪندو هو. ۽ نه ئي ڪا کوکلي لفاظي ڪندو هو، آئون ته ڪجهه دوستن کي ايئن به چوندو هوس ته مونکي بشير خان قريشي سنڌ جي جنگ وڙهندڙ هڪ اهڙو روبوٽ محسوس ٿئي ٿو جنهن کي سنڌ رموٽ ڪنٽرول تي هلائي رهي آهي. هو سنڌ جو سچو سپاهي آهي. مونکي محسوس ٿيندو هو ته هو ڪنهن نه ڪنهن وقت سنڌ امڙ جي حڪم تي نه فقط سنڌي قوم کي، نه فقط پنهنجي ”مهربانن“ کي پر شايد سڄي دنيا کي هڪ وڏو Surprise ڏيندو.
هڪ Surprise ته يقينن اهو هو جو هن 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي هڪ وڏي ريلي منعقد ڪئي ۽ ٻيو وڏو سرپرائيز ان ريلي ۾ سندس ڪيل تقرير هئي جيڪا انتهائي سائنسي بنيادن تي تيار ڪيل ٿي ڏٺي ۽ خاص طور ان تقرير ۾ هن جنهن حڪمت عملي جو اعلان ڪيو اهو اڃا به وڏو Surprise هو، انهيءَ تقرير ۾ بشير خان قريشي 1940ع جي ٺهراءَ کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته هاڻ سنڌ پنهنجي ”آجپي جي جدوجهد شروع ڪندي. آئون ان تقرير ۽ ان تقرير ذريعي اعلان ڪيل حڪمت عملي کان ايترو متاثر “ٿيس جو مون ان ريلي، ان تقرير ۽ ان حڪمت عملي تي ڪالم لکيو. حالانڪ آئون ڪنهن به سياسي ڌر جي تعريف ڪرڻ جي لحاظ کان ڏاڍو محتاط هوندو آهيان. اهو ڪالم لکڻ کانپوءِ خود آئون به ڪنهن ڪنهن وقت پنهنجي پاڻ تي تنقيد ڪندو رهيس ته منهنجو اهو ڪالم ايترو Out of proportion ڇو هو؟ پر شايد مونکا به اهو ڪالم سنڌ جي شڪتي لکرايو.
سڄي ڳالهه اها آهي ته ان کانپوءِ به بشير خان قريشي طرفان Surprise ڏيڻ جو سلسلو بند نه ٿيو، پتو پيو ته بشير خان قريشي ۽ سندس پارٽيءَ ساڻس جي ايم سيد جي مڙني حمايتي مڙني گروپن کي گڏ ڪرڻ جي Move شروع ڪئي هئي. اطلاعن مطابق هن بيري انهيءَ Move جو رد عمل منفي نه هو. انهيءَ صورتحال ۾ اوچتو بشير خان قريشي اسان کان ڌار ٿي ويو آهي، ڪٿان ايئن ته نه هو ته سنڌ جو هي محب وطن ڌرتي ماءُ جي چوڻ تي ان ڪري الڳ ٿي ويو آهي ته متان سندس قيادت جي ڪري ڪي گروپ گڏ ٿيڻ کان ڪيٻائيندا هجن.

اڄ بشير خان قريشي اسان وٽ نه آهي. ان مرحلي تي نه فقط بشير خان قريشي جي پارٽي پر مڙني قوم پرست گروپن جو فرض آهي ته ڪوڙي انا کي ترڪ ڪري گڏ ٿين ۽ منجهائن هڪ اهڙي قيادت اڀارين جيڪا بشير خان قريشي وانگر بهادر سچار، نه وڪامندڙ ۽ پرعزم هجي، اها قيادت نه لٻاڙي هجي ۽ نه ٻٽاڪي هجي. اها قيادت اڳتي وڌي سموري قوم پرست سياست مان هر قسم جا اوگڻ جهڙو ڀتو، ڪميشن ۽ ايجنسين جو پڇ لٽڪائو ٿيڻ وارين بدعتن کي پٽي اڇلائي سڄي سنڌي قوم کي گڏ ڪري سنڌ جي عظمت ايڪي ۽ حقيقي بالادستي ڪاڻ سڄي سنڌ سان گڏجي مارچ ڪري.
ظاهري طور تي هڪ اهڙي وقت جڏهن مختلف ڪارڻن ڪري سڄي سنڌ اڳيئي مايوسي جي چادر ۾ لپيٽل آهي ان وقت بشير خان قريشي جو اسان کان ائين ڌار ٿيڻ سبب مايوسي انتهاي گهري ٿي سگهي ٿي. پر زندهه قومون ان کان به وڏن چئلينجن کي قبول ڪنديون آهن ۽ پنهنجي وجود جي جنگ کٽي ڏيکارينديون آهن. ڇا سنڌ جو موجوده نسل ۽ سنڌ جي موجوده قوم پرست قيادت سنڌ کي مايوس ڪندي ۽ تاريخ ۾ پنهنجو پاڻ کي چنيسرن جي سٿ ۾ شامل ڪندي. ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هن وقت نه فقط سنڌ، سيد، پر بشير خان قريشي به چتائي ڏسي رهيو آهي ته اهو ڪير جوڌو آهي جيڪو سڀئي صفون ڇيري ٻاهر نڪري ٿو ۽ سنڌ جو جهنڊو اڀو ڪري سنڌ جي قيادت ڪري ٿو.

 

 

’ڌرتي توکي منهنجي چُمي اڌ ۾ رهجي ويندي...‘
واحد پارس هيسباڻي
بشير خان قريشي جي وڇوڙي جي خبر سڄي سنڌ مٿان وڄ جيان ڪڙڪي آهي. هر پاسي سوڳ جو منظر نظر اچي رهيو آهي. سندس نظرياتي ساٿي ته پاڻ کي ڇورو ڇنو محسوس ڪري رهيا آهن پر مجموعي طور تي به ڪا اک اهڙي ناهي جيڪا آلي نه هجي. سندس وڇوڙي سان سنڌ جي سياست ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيل نظر اچي رهيو آهي، جيڪو شايد ايندڙ ڊگهي عرصي تائين نه ڀرجي سگهي. اسان وٽ ليڊر ته تمام گهڻا آهن پر هڪ ڪارڪن وارو جذبو کڻي هلندڙ ليڊر تمام گهٽ آهن، بشير خان قريشي انهن ليڊرن مان هو. هن کي اسان هر ميدان تي ڪارڪنن سان گڏ لهندي ڏٺو ۽ ميدان ملهائيندي ڏٺو. سائين جي ايم سيد کانپوءِ جيڪڏهن سندس پروگرام کي ساڳئي روح سان ڪنهن اڳتي وڌايو ۽ نظرياتي ڪارڪنن کي ڪنهن سنڀاليو ته اهو بشير خان قريشي هو. نوجواني وارن ڏينهن ۾ سندس مٿان ابو جهاد نالو پيو، هو واقعي ابو جهاد هو، جنهن سنڌ جي حقن لاءِ ڏينهن توڙي رات، تتي توڙي ٿڌي، جيل توڙي ريل ۾ جهاد ڪيو. بشير خان قريشي سيد جي فڪر سان نينهن لائڻ کانپوءِ باقاعدي نڀائي ڏيکاريو.
جيتوڻيڪ منهنجون ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون هيون پر تازو فريڊم مارچ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ جڏهن هو عبرت حيدرآباد آفيس ۾ آيو هو ته مون ان وقت کيس نئين رنگ ۾ ڏٺو. سندس اکين جي چمڪ نوان پيغام ڏئي رهي هئي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هن منزل کي ويجهو ڏسي ورتو هو. هو چئي رهيو ’فريڊم مارچ سياست کي نئون موڙ ڏيندو ۽ اهو سنڌ جي طاقت جو ڀرپور مظاهرو هوندو. ان مارچ کي ڏسي سنڌ دشمن قوتن جا روح بيچين ٿي ويندا ۽ انهن کي پنهنجا مقصد مٽيءَ ۾ ملندي نظر ايندا. هي ڌرتي اسان جي آهي ۽ اسان جي ئي رهندي، ان جي هڪ هڪ انچ جا وارث اسان ئي آهيون.‘ واقعي به فريڊم مارچ سياست کي نئون موڙ ڏنو ۽ اهو واقعي به سنڌ جي طاقت جو ڀرپور مظاهرو هو ۽ ان کي ڏسي واقعي به سنڌ دشمن قوتن جا روح بيچين ٿيا ۽ اهي پنهنجي اندر جي زهر سميت نروار ٿيا. فريڊم مارچ کانپوءِ بشير خان قريشي جي مقبوليت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو ۽ هي هڪ سچي قومپرست طور اڃا وڌيڪ دلين ۾ سمائجي ويو.
بشير خان قريشي جي سياست جو انداز انقلابين وارو هو، هو بند ڪمرن ۾ ويهي پريس ڪانفرنسون ڪرڻ وارن مان نه هو، ڪارڪنن کي هدايتون ڏئي پاڻ سڪون جي ننڊ سمهڻ وارن مان نه هو. هي ميدان تي لهي پوڻ وارو ماڻهو هو. ڪارڪن جي هڪڙي ڪال تي ان وٽ پهچڻ وارو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن دانشور کان ڪا تقرير نه لکرائي، پر دل جي ڳالهه سان جيئن جو تيئن مخاطب ٿيندو هو. بشير خان قريشي ۾ ڪڏهن به هڪ ليڊر وارو غرور نظر نه آيو. هن آخر تائين پاڻ کي ڪارڪن ئي رکيو. هي نعريبازي بجاءِ عملي ڪردار تي يقين رکندڙ هو ۽ هن پنهنجي ڪردار ذريعي سنڌ سان پنهنجي نينهن کي ثابت ڪري ڏيکاريو. هي عشق جي ان ڪنڊن ڀريل رستن تي پيرين اگهاڙي هليو پر ڪڏهن به پير رتوڇاڻ ٿيڻ جي پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي سفر کي نه روڪيو. ان سفر ۾ مٿس ڪيترائي الزام لڳا، سفر جي ساٿين سندس پٺي ۾ خنجر هنيا، دشمنن مٿس قاتلاڻا حملا ڪيا پر هي ڪڏهن به مايوس ۽ پريشان نه ٿيو. هن ڪڏهن به همت نه هاري، سندس ارادن ۾ ڪٿي به ڪا هيڻائي پيدا نه ٿي، هو هميشه اڳ کان اڳرو نظر آيو. هي سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري نظريي جو پرچارڪ هو. سندس دل صوفياڻي هئي. بشير خان قريشي ٿيڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي. هن پنهنجي جيجل جي ٿڃ ۽ سيد سان ڪيل وچن باقاعدي نڀائي ڏيکاريو. هن کي پوري سنڌ جدوجهد جي پهرين صف ۾ ڏٺو. اهو ٻولي جو مسئلو هجي، ڌارين جي آبادڪاري جو مسئلو هجي، ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو هجي، ٿل ڪئنال جو مسئلو هجي، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن کي داخلا نه ملڻ وارو مسئلو هجي، ڪراچي جي قديم وسندين کي بلڊوز ڪرڻ جو مسئلو هجي، سنڌ جي حقيقي وارثن هندن سان ٿيندڙ ناجائزيون هجن يا ڪو ٻيو مسئلو هجي، بشير خان قريشي جو آواز هميشه سڀني کان چٽو ٻڌڻ ۾ آيو. هي سياست ۾ مصلحتن جو قائل نه هو، موقعي پرستي جو قائل نه هو. جتي به سنڌ سان وفا ڪرڻ جو موقعو آيو، بشير قريشي کي سڀني کان اڳ ۾ ميدان تي لٿل ڏٺو ويو.
بشير خان قريشي ڪڏهن به سون تي سيڻ نه مٽايو، ٺيڪن تي پنهنجي سياسي حڪمت عملين جا رخ تبديل نه ڪيا، حڪمرانن سان ڳجهيون ملاقاتون ڪري پنهنجي لاءِ فائدا وٺي تحريڪن جي ڪک ۾ خنجر نه هنيو. هي مست الست ماڻهو هو، جنهن جي سوچ سنڌ کان شروع ٿي سنڌ تي ختم ٿيندي هئي. هن جي وڏي ملڪيت سنڌ واسين جون محبتون هيون، هن جو وڏو مفاد سنڌ جو آجپو هو. هي پاڻ سراپا سنڌ هو. هي اصول پسند سياستدان هو جيڪو چئي ڇڏيو سو چئي ڇڏيو. هي ڪنهن جي به پرواهه ڪرڻ وارو نه هو. هن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ نه سوچيو. سنڌ سندس مفادن جو مرڪز هئي.
هن کي هر ڪارڪن پنهنجي اولاد وانگر پيارو هو. ڪارڪن سان پيار وارو سندس انداز اهو ساڳيو ئي سائين جي ايم سيد وارو هو. هن ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن ڪارڪن سان ان انداز ۾ نه ڳالهايو، جنهن سان ان کي پنهنجي گهٽتائي يا بيعزتي محسوس ٿئي، هي پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو، عزت ڏيڻ وارو ماڻهو هو، سندس دل ۾ محبتن جو هڪ سنڌو روان دوان هو.جيڪڏهن ڪنهن ڪارڪن ڪو غلط عمل به ڪيو، ان کان ڪا غلطي به ٿي وئي تڏهن به ان کي اهڙي نموني سمجهائيندو هو جو ان کي نه رڳو پنهنجي ان غلطي جو احساس ٿي ويندو هو پر اها غلطي زندگي ۾ ٻيهر ڪڏهن به نه ورجائڻ لاءِ دلي طور تي وچن به ڪندو هو. بشير خان قريشي ڪڏهن به پنهنجي ڪارڪن کي حالتن جي منهن ۾ اڪيلو نه ڇڏيو، هن وٽ عام ڪارڪن جي به سڃاڻپ هئي ۽ ان کي نالي سان سڃاڻندو هو، اها خوبي تمام گهٽ سياستدانن ۾ آهي.
نه رڳو سياست جي ميدان ۾ پر سماجي حوالي سان به بشير خان قريشي جون وڏيون خدمتون آهن. سنڌ مٿان جڏهن به ڪا مصيبت جي گهڙي آئي ان ۾ هن مڙس ٿي ملهائي ڏيکاريو. پوءِ اهي مصيبتون رياستي حڪمرانن طرفان آندل هجن، سنڌ دشمن قوتن طرفان آندل هجن يا قدرتي آفتون هجن پر هن شخص کي هر موقعي تي پاڻ ملهائيندي ڏٺو ويو، 2010ع واري مها ٻوڏ هجي يا 2011ع جون خطرناڪ برساتون بشير خان قريشي پنهنجي وت ۽ وس آهر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو ۽ پنهنجي ڌرتي واسين جي اخلاقي توڙي مالي مدد ڪيائين. ان کانسواءِ هن جو جيڪو ٻيو تاريخي ڪم آهي، اهو قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ ميڙ منٿ قافلا وٺي وڃڻ وارو آهي. هن سنڌ جي شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ ۾ ميڙ منٿ قافلا وٺي سالن کان هلندڙ خطرناڪ جهيڙا ختم ڪرايا، هن اهو پيغام عام ڪيو ته پاڻ ۾ وڙهي، پاڻ کي تباهه ڪرڻ بجاءِ اهي توانايون ڌرتي جي دشمنن کي تباهه ڪرڻ لاءِ بچايو ۽ معمولي معمولي ڳالهين کي انا جو مسئلو نه بڻايو، پرامن سنڌ هن جو خواب هو.
بشير خان قريشي سنڌ جي روايتن جو امين هو. هي وڏو مهمان نواز به هو. سندس گلشن حديد ڪراچي واري گهر تي هر وقت ڪارڪنن جو هڪ وڏو تعداد موجود رهندو هو ۽ هي مهمان نوازي جا سمورا لوازمات پاڻ پورا ڪندي نظر ايندو هو. بشير خان قريشي وٽ ڪير وڃي ۽ ماني کائڻ کانسواءِ ان کي اجازت ملي اهو ممڪن ئي نه هو. تازو فريڊم مارچ جي موقعي تي هزارين ڪارڪنن جي ماني جو بندوبست سندس گلشن حديد واري گهر ۾ ٿيل هو. ائين به نه هو ته هي ڪو وڏو جاگيردار، سرمائيدار هو، سندس ڪيٽيون هيون، سندس فيڪٽريون هيون پر پنهنجي حال آهر دال مانيءَ هر وقت حاضر هوندي هئي، هن پاڻ کي پارٽي ۽ ڪارڪنن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. بشير خان دل جو ڪشادو ماڻهو هو، دل ۾ وڏا وڏا راز سمائي رکڻ ۽ وڏي ۾ وڏو درد به دل ۾ پي وڃڻ جو کيس ڪمال ڏانءُ هو. سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ تي ڪو ظلم ٿيو، دل بشير خان جي بيچين ٿي ويندي هئي. هن پنهنجي دل ۾ سڄي سنڌ جا سور اوتي ڇڏيا هئا ۽ انهن سورن جي خاتمي لاءِ ميدان تي لٿل هو پر دل! ويچاري دل نيٺ ڇا ڇا سنڀالي! هڪڙي دلڙي درد هزار...
اڄ جڏهن بشير خان قريشي اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي ته هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ٿي وئي آهي، هڪ عجيب بيچيني ۽ اداسي سڄي سنڌ تي پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيا آهن. هر چهرو اداس آهي هر اک آلي آهي، جيئن پنهنجي گهر جو ڪو ڀاتي وڇڙي ويندو آهي هر سنڌ واسي کي بلڪل ائين ئي محسوس ٿي رهيو آهي. سڄي سنڌ بشير خان جو گهر هئي ۽ هي ان گهر جو ڀاتي هو. هن جي جدوجهد جو انداز، هن جون بي لوث محبتون، هن جي پنهنجائپ ڪڏهن به هن ڌرتي واسين کان نه وسري سگهندي. بشير خان قومپرست سياست جو مرد مجاهد هو، سچو سپاهي هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ کي ارپي ڇڏي ۽ سنڌ سان اهڙو پيار ڪيو جهڙو هڪ حلالي پٽ پنهنجي ماءُ سان ڪندو آهي.
هن ڪڏهن به آڻ نه مڃي، ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ڪيا، ڪڏهن به پنهنجي سر کي خم نه ڪيو، ڪڏهن به پنهنجي جدوجهد جو ڪنهن کان ڦل نه گهريو. هن عشق واري انداز ۾ سياست ڪئي، هي پروانو هو، جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ مٿان گهور ٿي ويو. بشير خان قريشي باڪردار ماڻهو هو، هن تي هڪ ٽڪي جي ڪرپشن به ثابت نه ٿيندي. هي ڪڏهن به ڪو نه وڪاڻو. سچ! پنهنجي اڌ صدي جي ڄمار ۾ هي شخص 50 صدين جيترو ڪم ڪري ويو آهي. جيستائين سنڌ جيئندي بشير خان قريشي به جيئندو رهندو.

 

 

سنڌ سان جند جوڙيندڙ بشير قريشي جو وڇوڙو
دستگير ڀٽي

 اڃا چوٿين اپريل تي عوامي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت واري ورسيءَ جو ميڙاڪو پورو ڪري ماڻهو پنهنجن گهرن تي مس پهتا ته اپريل جو ستون ڏينهن به سنڌين لاءِ نڀاڳو ڏينهن ثابت ٿي پيو، جنهن هڪ ٻيو مانجهي مڻيادار، سنڌ امڙ جو سچو حلالي پٽ ۽ دلير قومي سرواڻ بشير خان قريشيءَ کي اسان کان کسي ورتو آهي. معنيٰ ته اپريل جو هيءُ سڄو هفتو پاڻ ماڻهن لاءِ هاڻي هر سال سوڳ ۾ گذارڻ جو سامان سهيڙي ويو آهي. چوٿين اپريل 1979ع تي ڀٽو شهيد کي فوجي سرڪار طرفان ڦاهي چاڙهي شهيد ڪرڻ کان وٺي بشير خان جي اڄوڪي ڏيل ڏاريندڙ وڇوڙي تائين گذريل 33 سالن جي مختصر عرصي ۾ سنڌي عوام سان ٻين سوين ڏاڍاين ۽ ناانصافين کان علاوه سندن ليڊر شپ جي ٽريجڪ انجام واري صدمي جو هيءُ ڇهون واقعو آهي. انهيءَ عرصي اندر اسان بينظير شهيد، فاضل راهو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ مير شاهنواز جهڙن دلير قومي هيرن سان گڏوگڏ سهسين قومي سياسي ڪارڪنن جي وڇوڙي جا وَڍ سَهي چُڪا آهيون، جن مادرِ وطن مٿان ڌارين جي بالادستيءَ ۽ قبضي خلاف جدوجهد ۾ پنهنجي حياتيءَ جو پل پل ارپي ڇڏيو هو.
عاشق زهر پياڪ، وِهُه ڏسي وِهسنِ گهڻو،
ڪَڙَي ۽ قاتِل جا، هميشه هَيراڪَ،
لڳين لنئو لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهه نه سلن عام سين!
عام رواجي طرح جيڪڏهن ماڻهن جو ڪو به محبوب اڳواڻ اسي يا نوَي سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ٿو، تڏهن به سندس پوئلڳن کي صدمو رسي ٿو، پر جڏهن اسان جا جوان جماڻ هيرا پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي وڇوڙي جا وَڍ وجهي ٿا وڃن ته مسڪين ماڻهو پاڻ کي يتيم ۽ لاوارث نه سمجهندا ته ٻيو ڇا سمجهندا؟ اتفاق ڏسو اسان جي مٿين سمورن سياسي اڳواڻن ۽ املهه تاريخي ڪردارن جي ڄمڻ وارو هنڌ ۽ تعلقو به ساڳيو رتوديرو ۽ ضلعو به لاڙڪاڻو ئي آهي. جيتوڻيڪ هنن شخصيتن جي سياسي جدوجهد بي مثال آهي، پر منزل ڏانهن وڌڻ واريون، سندن واٽون جدا جدا هيون. پنهنجي منزل ۽ مقصد سان سندن سچو عشق بي مثال ۽ لازوال بڻجي چڪو آهي.
بشير خان قريشيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ڪراچيءَ ۾ 23 سال اڳ 1989ع ڌاري ٿي، جڏهن آئون هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر هئس. بشير خان سان ٻي ملاقات ڪئين سالن کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران تڏهن ٿي، جڏهن هو پنجاب جي سرحد وٽان پيرين پنڌ هزارين ماڻهن جو قافلو وٺي ڪيترن هفتن جو سفر ڪري ڪراچي پهتو هو. آئون سندس ٻنهي پيرن ۾ لِڦون ڏسي ان ڏينهن سنڌ سان سندس سچي عشق جو قائل ٿي پيو هئس. اهو جنرل مشرف جو دور هو ۽ سنڌ اندر ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد عروج تي هئي. پاڻيءَ جي کوٽ جو سوال هجي يا ناڻي جي ورڇ، سنڌين جي روزگار ۽ وسيلن جي مالڪيءَ مٿان ڌارين جو قبضو هجي يا آدمشماريءَ ۾ ٿيندڙ گهوٻين ۽ بدعنوانين واري چال، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ يا سنڌ اندر قبائلي جهيڙن ۽ تعليمي ادارن ۾ بدامني ختم ڪرائڻ، انهن مڙني حساس مامرن تي هو بجليءَ واري رفتار سان ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ماڻهن جا ميڙ ڪري، سجاڳي ۽ شعور جي لاٽ ٻارڻ لاءِ هر وقت آتو نظر ايندو هو. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ وڏيرن ۽ سردارن هٿان ستايل ۽ ڪارو ڪاريءَ جي عذاب ۾ ڦاٿل ۽ اغوا ٿيل ماڻهن خاص ڪري هارين نارين ۾ قومي ٻڌيءَ جو گهرو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جو هيءُ ديوانو عاشق پاڻ ايتري ته ذاتي دلچسپي وٺندو هو، جنهن جو مثال ڪنهن ٻئي قومپرست اڳواڻ قائم نه ڪيو آهي. سندس ڪوششن سان ئي وقت بوقت سنڌ جي مختلف قومپرست پارٽين جا اتحاد جڙندا رهيا، جنهن جو آخري شاندار سوڀارو مظهر پاڻ سڀني گذريل سال 21 آگسٽ تي سنڌ جي ورهاڱي واري سازش خلاف ٿيل مڪمل هڙتال ذريعي ڏٺو. آئون ناز سهتي جي انهيءَ راءِ سان سهمت آهيان ته فقط 2 هفتا اڳ ۾ ڪراچيءَ جي بندر روڊ تي تبت سينٽر آڏو فريڊم مارچ کي خطاب ڪندي سنڌ جي هن عاشق سُوريءَ کي سينگارڻ واري ڳالهه ڪري اهي لفظ ڪيئن ادا ڪيا ته، ”ڪيترو عرصو لنگهي ويو آهي، جو منصور ۽ دار و رسن جو پاڻ ۾ ميلاپ نه ٿيو آهي“. سندس انهن لفظن جو پڙاڏو اڃا فضائن ۾ ئي هو ته فقط ٻن هفتن کانپوءِ بشير خان سنڌ ۽ سنڌين کي روئيندو ڇڏي پاڻ موڪلائي وڃي منصور هلاج سان مليو.
ٻه هفتا اڳ ڪراچيءَ ۾ فريڊم مارچ دراصل بشير خان جي گذريل ويهن سالن دوران سنڌ جي گاديءَ واري شهر جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ گهٽي گهٽي ۾ ڪيل پورهئي کي سڄي سنڌ جي سموري عوام سان ڳنڍي، سنڌ جي ورهاڱي واري سازش سٽيندڙ ڌرين کي هڪ کليل وارننگ ڏيڻ هو ته، ”سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي هڪڙي انچ تان به دستبردار نه ٿيندا. دشمن ڀلي کڻي هٿيارن، بندوقن ۽ توبن سان وار ڪن، اسين امن جو پرچم هٿن ۾ جهلي پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت ڪنداسين ۽ سِرن جا نذرانا ڏيڻا پيا ته منصور واري واٽ وٺي ڏيکارينداسين.“ پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڪراچي شهر جي ديوارن تي ”مهاجر صوبي“ جا نعرا لکرائي جيڪا غير آئيني ۽ غير قانوني شرارت ڪئي ويئي هئي، انهيءَ خلاف جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ته مسرور جتوئيءَ جي اهڙي ٺهراءَ کي سواءِ چند سرڪاري ڌر جي ميمبرن جي، ٻين پاران موٽ نه ملڻ ڪري سنڌي عوام ۾ جيڪو تاءُ پيدا ٿيو هو، مرحوم بشير خان قريشيءَ انهيءَ عوامي ڪاوڙ جي اظهار واسطي ئي ڪراچي شهر جي مرڪز ۾ فريڊم مارچ وارو شاندار پرامن مظاهرو ۽ جلسو ڪري پريشان ٿيل سنڌي ماڻهن جي دلين کي آٿت ڏيڻ ۾ به اڳڀرائي ڪئي ۽ کين وطن جي مالڪيءَ جو احساس ڏياريو. شڪر آهي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ڪراچيءَ جي ٻهراڙين جا ڳوٺ ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻي سنڌي ماڻهو اڄ چئن سالن کان پوءِ ياد آيا آهن، جن کي سندن ڳوٺ پڪا ڪري ڏيڻ لاءِ سندون ورهايون ويون آهن. ڪير مڃي يا نه مڃي، قومپرست ڌرين خاص ڪري جيئي سنڌ قومي محاذ جي رهبر بشير خان قريشي جي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ تنظيمي سرگرمين، ملير، گڏاپ، لياري، ابراهيم حيدري ۽ گلشن حديد ۾ عوامي گڏجاڻين، علي قاضيءَ پاران سڏايل ايڪتا وارن ميڙاڪن ۾ عوامي قافلن سان شرڪت نه رڳو سنڌي ماڻهن کي موبلائيز پئي ڪيو آهي، پر پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار مٿان پريشر پڻ وڌو ته اها مفاهمت جي آڙ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مفادن خلاف سوديبازيءَ کان پاسو ڪري.
منهنجي راءِ ۾ بشير خان قريشيءَ جو مڙهه جيڪڏهن ڪراچي ۾ دفنايو وڃي ها ته سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ اهو سٺو سنئوڻ ثابت ٿئي ها، لطيف سائين جي لفظن ۾ کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو:
اُٿيو ۽ اُٿياڪ، ڪالهوڪو ڪاڏي گيو؟

ويو جاڳائي جيڏيون! بِرهُه هيءُ بيباڪ،
چُر ڦرڪاري چاڪ، سُورُ سمهاري ڪين ڪي